عبدالحئي پليجو: اديب، ليکڪ، سفرناما نگار ۽ شاگرد سياست جو متحرڪ ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي وڏي اهميت آهي. سنڌي ٻولي جو پهريون سفرنامو مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياڙي جيل جو سير“ چيو وڃي ٿو. انهي کانپوءِ ڪيترائي سفرناما لکيا ويا، جن سيٺ گنگارام تلوڪ چند جو ”دنيا جو سير“، جيڪو پهريون ڀيرو 1939ع ۾ ڇپيو، تنهن کانسواءِ ٻين سفرنامن ۾ ڊاڪٽر ڪريم ڏني راڄٻر جو ’آمريڪا جو سير‘ وغيره اچي وڃي ٿو. پر حقيقي معنى ۾، سنڌيءَ ۾ سفرنامي کي جنهن صحيح معنى ۾ متعارف ڪرايو اهو الطاف شيخ آهي. جنهن جي سفرنامن ۽ سفري ڪتابن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. الطاف شيخ کانپوءِ، جنهن ليکڪ سنڌي ۾ لکجندڙ سفرنامن کي نئون رخ ڏنو، اهو عبدالحئي پليجو آهي.

    سوانح
    عبدالحئي پليجي جو جنم 31جنوري 1945ع تي ٺٽي ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٻنون“ ۾ ٿيو. عبدالحئي پليجي شروعاتي تعليم ٻني ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم ڪاليج حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ لا ڪاليج مان حاصل ڪيائين. ايل ايل بي پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت رسول بخش پليجي جي جونيئر جي حيثيت سان وڪالت ڪئي ۽ انهيءَ کانپوءِ 1972ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو، جيڪا هن نَوَ سال ڪئي. نيٺ پنهنجي والد ارباب نور محمد پليجي جي وفات کانپوءِ 1980ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي زمينداري سنڀالڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو شروع ڪيائين.

    ادبي اوسر
    عبدالحئي جو والد نورمحمد پليجوسنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت ٿي گذري آهي. هن کي سياست ۽ ادب سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هن جي سنڌ جي وڏي سياسي شخصيت محترم جي ايم سيد سان گهڻي ويجهڙائپ هوندي هئي. ارباب نور محمد پليجي جي ايم سيد جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ ڇپرايو، جنهن تان مُلن ڪاوڙجي مٿس ڪفر جي فتوى ڪڍي. ارباب نور محمد پليجي وٽ ٻيو به ڪيتريون ئي ادبي ۽سياسي شخصيتون اينديون رهنديون هيو. اهڙي ماحول ۾ عبدالحئي پليجي جي ذهني اوسر ٿي ۽ انهن کان متاثر ٿي ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’انجمن نوجوان ٻنون‘ جو بنياد وڌائين ۽ هڪ لائبريري قائم ڪري ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪيائين. ”سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت“ ۽ ”ٻنون ايڊيو ڪيشن ڪميٽي“ جي پليٽ فارم تان وقت بوقت سيمينار ،هيلٿ ڪئمپون اسڪولن جي شاگردن ۾ ذهني آزمائش ۽تقريري مقابلا ڪرائيندو رهيو.
    عبدالحئي پليجو، جڏهن مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان وقت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد مان هڪ هفتيوار اخبار ڪڍندو هو جنهن ۾ هن جون مزاحيا لکڻيون شايع ٿينديون هيون.تنهن کانپوءِ ڪجهه شاعري به ڪيائين، جيڪا سهڻي، سارنگ ۽ هندستان مان نڪرندڙ رسالي رابيل ۾ شايع ٿي. انهيءَ وقت هڪ ڪهاڻي به لکيائين، جيڪا مسلم ڪاليج حيدرآباد جي مئگزين ۾ ڇپي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي دوران روزاني عبرت اخبار جي هفتيوار شاگردن جي صفحي ۾ ’سنڌوءَ جي هن پار‘ جي عنوان سان لکندو هو. انهي صفحي جو انچارج اسلم آزاد هوندو هو. يونيورسٽيءَ ڇڏڻ کانپوءِ، عبدالحئي پليجو نوڪري جي مصروفيت سبب لکڻ جاري رکي نه سگهيو. نيٺ نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ 1981ع کان باقاعده لکڻ جي شروعات ڪيائين، انهي سلسلي ۾ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ”اها به حقيقت آهي ته غلام حسين رنگريز جيڪر منهنجو ويجهو دوست نه هجي ها ته شايد وري لکڻ ممڪن نه ٿئي ها“.

    شاگرد سياست
    پنهنجي گهراڻي جي سياسي پسمنظر جي ڪري عبدالحئي پليجو شاگردي واري دور ۾، ڪجهه وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. پاڻ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر رهي چڪو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي دوران پاڻ 4مارچ واري تحريڪ ۾ پڻ سرگرميءَ سان حصو ورتائين ۽انهيءَ تحريڪ جي مهڙ واري دستي ۾ شامل هو. انهي دور ۾ هو ٻه دفعا جيل پڻ ويو. 4 مارچ جو ڏينهن سنڌ جو قومي ۽ شاگرد سياست ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. شيخ اياز چواڻي: 4 مارچ سنڌ جو ”مئي ڊي“ آهي. اڳتي هلي عبدالحئي پليجي شاگرد سياست واري دور تي هڪ جامع ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ لکيو، جيڪو 1989ع ۾ شايع ٿيو. اهو 4مارچ ۽ سنڌ جي شاگرد سياست تي پهريون جامع ڪتاب آهي، نه ته انهي کان اڳ مسعود نوراني، رسول بخش پليجي، يوسف لغاري انهي تحريڪ تي ڪجهه ليک لکيا، جيڪي پوءِ ”4مارچ ۽ سنڌي جوڌا“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. انهيءَ سلسلي جو ٻيو ڪتاب پروفيسر اعجاز قريشي جو ترتيب ڏنل ”4 مارچ ۽ اڄ جي سنڌ“ آهي. منهنجي خيال ۾ عبدالحئي پليجو جيڪر ٻيو ڪجهه نه به لکي ها ته به اهو ڪتاب کيس زنده ۽ جاويد رکڻ جي لاءِ ڪافي آهي. ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي مهاڳ ۾ ف - م - لاشاري لکي ٿو:
    ”عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي جو اُن ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي سياسي تجربو سامهون اچي ٿو. جنهن حوصلي، ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو. هن ئي چوٿين مارچ جي ڏينهن کي اسان هينئر پيمانو بڻائي ڳالهين کي پرکيون ٿا.“

    سفرناما:
    عبدالحئي پليجي جي پهريون ڪتاب The Rule sindh for fifteen years آهي، جيڪو انهن ڪامورن جي لسٽن تي ٻڌل آهي. جن پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي پندرهن سالن تائين مختلف ادارن جي صورت ۾، سنڌ مٿان حڪمراني ڪئي. عبدالحئي پليجي جو پهريون سفرنامو ڪتابي صورت ۾ 1983ع ۾ ”ڏوريم ڏيساور“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن جو مهاڳ الطاف شيخ لکيو. انهي سفرنامي کي تمام سٺي پذيرائي ملي، جنهن عبدالحئي پليجي جي همت وڌائي ۽ هو انهيءَ ميدان ۾ پنهنجي منفرد ۽ معلوماتي سفرنامن سان اڳتي وڌڻ لڳو.
    عبدالحئي پليجي جي سفرنامن جي منفرد خوبي اها آهي ته انهن ۾ وندر ۽ ورنهن سان گڏ، معلومات جو ڀنڊار پڻ ملي ٿو، جنهن ۾ سفر ڪيل ملڪن جي سياسي، جاگرافي، تاريخي، ڌرمي ۽ معاشي صورتحال جي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي آهي.
    عبدالحئي پليجي جا هيستائين ھيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي سندس آتم ڪٿا، تحقيق ۽ مختلف ملڪن جي سير ۽ تفريح تي مشتمل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي.

    آتم ڪٿائون
    (1) سنڌي شاگرد سياست _ ڀاڱو پهريون
    (2) اسان پنڌ پِرينءَ ڏي _ ڀاڱو ٻيون
    (3) ڪيڏي نه مختصر زندگي _ ڀاڱو ٽيون
    (4) هڪ ٻي زندگي جي تمنا _ ڀاڱو چوٿون

    سفر ناما
    (1) ڏوريم ڏيسارو
    (2) هوجي وڻ ولات جا
    (3) ڪجل ڀنل نيڻ
    (4) اتر لڳا آءُ پرين
    (5) ديس بديس
    (6) بندر مون ڏور ٿيا
    (7) ٽوئر ٽو آمريڪا
    (8) ٻنون ٽو ٽوڪيو
    (9) پريان سندي پار ڏي
    (10) ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون
    (11) دنيا جا مشهور شهر
    (12) ڪنواريون ۽ ڪنول
    (13) لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون
    (14) اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ
    (15) هنگري ٽو جرمني وايا پراگ
    (16) دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل
    (17) استنبول ٽو ويانا وايا وينس

    تاريخ ۽ تحقيق
    1. عجائبات عالم
    2. واقعات عالم
    4. شخصيات عالم
    5. تن سپون سوجهي ڪڍيون
    6. هي وري نه ورندو وڻجارو

    اڻ ڇپيل ڪتاب

    1. خاڪا (مختلف شخصيتون)
    2. سفر نامو
    3. ليکڪ تي لکيل مضمون
    5. آتم ڪٿا (حصو پنجون)
    6. سفر نامو
    7. خط

    (ھي مضمون يوف سنڌيءَ جي ڪتاب تان ورتل آھي.)
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ھيٺين لنڪ تي عبدالحئي پليجي جا ڪتاب موجود آھن:

    https://books.sindhsalamat.com/author.php?id=177


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو