پرولتاريہ ڇا آھي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2021۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پرولتاريہ؛ هي سماج جو اهو طبقو هوندو آھي جيڪو ذريعہ پيدائش جي ملڪيت کان محروم، پنھنجي بقا ۽ زندگي جي ضرورتن جي حاصلات لاءِ پنھنجي قوتِ محنت وڪڻڻ لئہ مجبور هوندو آھي.
    سرمائيدراڻي نظام ۾ هو ڪنھن بہ قسم جي سرمايي ُجنھن جو هو خالق هوندو آھي ٗ ۾ منافعي جو قطئي حقدار تصور ناهي ڪيو ويندو. ان جي خوشي ۽ غم، زندگي ۽ موت مطلب تہ ان جي بقاءَ جو دارومدار محنت جي گهرج، سٺي يا خراب ڪاروبار ۽ ڇڙواڳ هڪجھڙائي جي نرم مزاجي تي هوندو آھي. البتہ پرولتاريہ يا پرولتاري طبقو محنت ڪش عوام کي چئبو آھي جيڪو صنعتن ۾ وڃي سرمائيدار وٽ پنھنجي قوتِ محنت وڪڻي.
    هي اصطلاح 19 هين صديءَ ۾ استعمال ۾ آندو ويو.

    ڪتاب: 50 سوال اور ان ڪي جواب تان ترجمو ڪيل ٽڪرو
     
    ڏاڏل شينو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    انسان ڪائنات جي واحد مخلوق آهي جنهن کي پنهنجي نوع يعني پنهنجي جنس کان ئي خطرو آهي. ان انسان جي بقا ء آسودگي جو راز ان جي خالق جي ڏنل نظام ۾ آهي جنهن کي اسلام جي نالي سان انبياء اڪرام تبليغ ڪيو آهي جيڪو هن وقت تحريفات جو شڪار آهي ء جنهن دين سان انسان کي اوج ڏسڻو آهي اهو ئي پنهنجي زماني جي مبلغين جي هٿان تجارت جو زريعو بڻيل آهي. الله انسان کي خلقي انسان جي حوالي ناهي ڪيو. بلڪه ان کي مڪمل نظام حيات ڏنو آهي. خاص ڪري انساني حڪمراني جي حوالي سان نظان دين ايترو ته تحيف جو شڪار آهي جو جي ڪو چوي ته دين جو سياسي نظام آهي ته عام مسلمان حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي ته دين ۾ به سياست آهي. آڄوڪي ملان ازم کي ڏسو ته عجب ٿو لڳي ته هو دين جي مطابق سمهڻ کائڻ ، پيئڻ، لباس و تمام زندگي جي شعبن ۾ ديني حڪم لکائي پڙهائي ٿو هيتري تائين جو بيت الخلاء تائين دين جي حڪمن جو ثواب ء گناه پڻ ٻڌائي ٿو مگر انسان جي زندگي جي تمام شعبن تي سب کان وڌيڪ اثر انداز سياسي نظام ناپيد آهي.
    هر ازم پنهنجون پنهنجون اصطلاحات پيش ڪيون آهن ديني اصطلاحات ۾ مزڪوره گروه کي جنهن جي طاقت تي دولتمند قابض هجي کي غلام متعارف ڪيو ويو آهي. اهو جي قرآني علم اڀياس ۾ ڏسجي ته نبين سڳورن جي تبليًات جو حقيقي معني ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن طبقي کي فائدو رسيو ته اهو غريب طبقو ئي هو جنهنجي مثال اوهان هجرت رسول الله مان ان اشاري مان سمجهي سگهو ٿا ته پاڻ جڏهن مديني ۾ هجرت ڪري آيا ته ڪيترائي سروتمند خواهي هيا ته انهن کي سندن ميزباني جو شرف حاصل ٿئي مگر الاهي تدبير جي مطابق اهو شرف ان وقت مديني جي غريب ترين گهراڻي حضرت ابو ايوب انصاري جن کي نصيب ٿيو جيڪو پڻ اشارو هيو ته هن دين جي نظان جو سڀ کان وڌيڪ سعادت مند طبقو غربت سان لتاڙيل طبقي کي ٿيندو.

    لکڻ لاء ته گهڻو ڪجه آهي پر طوالتِ تحرير جي خوف کان الله حافظ.
    وسلام
    احمد خان شينو عرف ڏاڏل شينو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو