سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟​

    واگهومل ميگهواڙ
    سنڌي ٻولي قديم ٻولين مان هڪ تهذيب يافته ۽ شاهوڪار ٻولي رهي آهي. ادب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جي لحاظ کان سنڌي ٻولي قديم توڙي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي، جنهن جي مڪمل اسڪرپٽ يعني رسم الخط آهي. سنڌي چئنل آهن، سنڌي پرنٽنگ پريسون آهن، ادبي حوالي سان سنڌي ٻولي جا نظم توڙي نثر جي هر صنف جا لکين ڪتاب آهن ۽ هر نظم ۽ نثر جي هر صنف تي قديم ۽ جديد لکڻيون موجود آهن. موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٻولي کي 30 سُر ۽ 33 راڳڻيون آهن. ڊراما، قصا، داستان سنڌي ٻولي جي قديم روايت آهي. هن جديد زماني ۾ سنڌي ٻولي اهي سموريون خاصيون موجود آهن، جيڪي دنيا ۾ ترقي يافته ٻولين ۾ موجود آهن. سنڌي ٻولي جو مڪمل سافٽ ويئر آهي. انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي جا قاضي قاضن، ڀاڳو ڀان، شاهه ڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جهڙا شاعر آهن، جنهن کي دنيا جي ڪلاسيڪل ادب جي تخليقڪارن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ ڪيئي سفرناما لکيل آهن، جيڪي دنيا جي عڪاسي ڪن ٿا. تاريخي حوالي سان دنيا جي ٽن قديم تهذيبن مان هڪ مڪمل تهذيب جي سنڌي ٻولي کي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو مثال موهن جو دڙو ۽ لاکين جو دڙو موجود آهن. هن چٽا ڀيٽي جي جديد دنيا ۾ حڪومت جي بي ڌياني باوجود اسان جا ادارا جديد دؤر جي نئين تخليقن جي ڊوڙ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. تعليمي، تحقيق، زراعت توڙي ٻين شعبن ۾ سنڌي ٻولي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.

    جان اسٽورن ۽ مين ڊرائيڪ جي 2001ع جي هڪ سروي موجب ڏکڻ ايشيا ۾ 20 ملين ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ اڍائي ملين ماڻهو انڊيا جا شامل آهن. پاڪستان ۾ 14 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ پاڪستان ۾ ٽيون نمبر وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻولي آهي. ڀارت ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي کي پڻ قومي ٻولي جو درجو مليل آهي، جتي عربي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڻ شايع ٿين ٿا. پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي مادري زبان (قومي ٻولي) ۽ سرڪاري طور قرار ڏنل آهي. سنڌ ۾ 12 لک هندن جي مادري ٻولي سنڌي آهي. سنڌ کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ 2,13,62000 ٻه ڪروڙ، 13 لک 62 هزار ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ انڊيا، اومان، فلپائن، سينگاپور، يونائيٽيڊ ڪنگڊم، يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا شامل آهن. جتي سنڌي ٻولي ڪڇي، لاڙي، لاسي، سريلي، وچولي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. تاريخي حوالي سان اسان ڏسنداسين ته سنڌو ماٿري تي آباد دراوڙن ۽ آرين جي حملي کان اڳ ۾ پڻ سنڌي ٻولي کي ترقي يافته هئڻ جي حيثيت حاصل آهي، پر دنيا ۾ بادشاهن جي حڪمراني ۽ حملن کانپوءِ حڪمرانن جي ڪشمش ۽ تاريخ جي ورقن کي ورجائينداسين ته سنڌي ٻولي کي سڀ کان پهرئين بمبئي سرڪار سرڪيولر نمبر 1825ع جي تاريخ 6 سيپٽمبر 1851ع تي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته سنڌ ۾ سنڌي ئي سرڪاري لکپڙهه، انتظامي ڪاروباري ۽ رڪارڊ جي زبان سنڌي ٻولي ئي هوندي.

    جنهن کانپوءِ 1959ع کان سرڪاري طور سنڌ ٻولي جا ترجما ٿيا ۽ ان تي نه صرف سنڌ اسيمبلي اهڙي ڪم تي توجهه ڏيارڻ نظر ۾ رکيو پر مرڪزي برطانوي هند سرڪار جي ايڪٽ (Act) کي پڻ نظر ۾ رکي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1873ع ۾ سنڌي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا ترجما ٿيا ۽ ڇپيل هند سرڪار جي انڊين ڪانٽريڪٽ جي ناياب سنڌي ڪتابن جو ترجمو هٿ ڪيو ويو ۽ ان کي دستاويزي شاهدي طور ٻيهر شايع ڪيو ويو. انهي زماني ۾ هند سرڪار هدايت ڪئي ته سڀ آفيسر انگريز توڙي پرڏيهي ڪامورا روزمره واري سنڌي ٻولي جي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان لاءِ لازمي طور سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن. ان وقت سنڌ جو انتظامي سربراهه ڪمشنر هو ۽ صوبو بمبئي هو، جنهن جو سربراهه گورنر هو.

    اهڙي صورتحال 1857ع کان وٺي 1936ع تائين رهي. بعد ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي الڳ صوبي جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو، ٻنهي دورن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي پڻ سنڌ ۾ دفتري ۽ انتظامي ٻولي رهي. 1859ع کان وٺي 1948ع ۽ ان کانپوءِ آزادي واري دؤر ۾ 1955ع تائين صوبائي سرڪار ٻولي جي تقاضا کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 834 قاعده ۽ قانون سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا، جن ۾ 525 نقطا انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1859ع کان 1948ع تائين جي دؤرن ۾ 184 ۽ آخر واري دور ۾ 91 ايڪٽ (Act) سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيا. انگريزن جي دور ۾ هند سرڪار اهو ضروري سمجهيو ته مرڪزي قاعدن ۽ قانون کي پڻ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي، جنهن سان صوبي ۽ مرڪز ۾ مفاهمت وڌي، جنهن جو هڪ نمايان ايڪٽ 1872ع جو سنڌي ۾ ترجمو آهي، جيڪو انگريزي ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال اندر ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان وقت سرڪاري مشينري ۾ ڇپائي شروع نه ٿيڻ باوجود سنڌي ترجمي کي وڏي احتياط سان ڪاتب کان لکرائي سهڻي نموني ليٿو ڇپرايو ويو. ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻولي ۽ اڳوڻي سرڪار جي ڪارڪردگي کي مد نظر ۾ رکي موجوده حڪومت کي پڻ سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي ادبي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ گهرجي. نه صرف ترجمو ڪرائڻ گهرجي پر وفاقي سطحي تي سنڌي ۽ ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي هر ٻولي کي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخي حوالي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ان جي لاءِ سنڌ جي چونڊل ايم پي ايز، ايم اين ايز توڙي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ايوانن ۾ قانون سازي ڪرائي صوبن کي احساس محرومين کان بچايو وڃي، جنهن جي لاءِ موجوده مفاهمتي واري ۽ اتحادي سرڪاري ڪم ڪري سگهي ٿي.
     
  2. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

    مسٽر واگهومل ميگهواڙ صاحب تمام سٺو لکيو آهي .باقي سارو خير ڪاپي پيسٽ ڪرڻ وارن جو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

    خبر ناهي ڇو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ پاڪستان ٺهڻ کانپوء زور ڪانه وٺي سگهي ؟

    مون کي اڃان تائين اها به ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي آهي ته اردو جيڪا ڪنهن قوم جي ٻولي ناهي رهي اها ملڪ جي قومي ٻولي ڇو ٿي؟ ان جا ڪهڙا پيمانا هئ؟

    ان وقت بنگالي ڳالهائيندڙ سڀ کان گهڻا هئا، جڏهن ته سنڌي ٻولي ادبي طور گهڻي امير هجڻ سان گڏ پراڻي به آهي۔ پوء سڀ کان گهٽ ماڻهن جي ڳالهائي ويندڙ اردو جيڪا ان وقت جي پاڪستان جي ڪنهن به حصي جي قومي يا مادري ٻولي ڪانه هئي سا ڪيئن قومي ٻولي ٿي ؟

    اسان اڄ به اهو مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي 5 هزار سال پراڻي ٻولي ۽ ماڻهن جي احساس محرومي ختم ڪري انهن کي قومي ۽ بنيادي انساني حق ڏنو وڃي۔
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

    مٺڙا مانوارا ڀائرو ڌڻي اوهان کي ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري صرف اِهو ٻڌايو ته اسان ( سنڌين) کي ڪنهن قوم جي حيثيت سان تسليم ڪيو آهي جو اسان جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۔ نماڻو عرض آهي ته پاڻ کي قوم ته مڃرايو پوءِ ٻولي به قومي ٻولي ٿي ويندي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو