جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ منان چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ منان چانڊيو


    کرڪڻا لاهي سک م ستا ڪڏھن
    اوسيئڙو آھي کاهوڙين کي پنڌ جو


    مرڪ منان چانڊيو/ وارھ

    اڄ هڪ اهڙي شخص جو جنم ڏينهن آھي جنهن جو تعلق وارھ تعلقي جي ٻھراڙي واري هڪ جاگيرداراڻه علائقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ سان آھي، هو هاري گهراڻي سان تعلق رکندي به هڪ باوقار، باڪردار، باعزت، باغيرت، باهمت، باشعور، خوداعتماد، بُردبار، پنهنجو پاڻ تي ڀروسو رکندڙ، رهزن سماج جي دقيانوسي ۽ مدي خارج ريتن رسمن جي منهن تي چماٽ ھڻين وارھ شھر ۾ ڄڻ ته هڪ انقلاب برپا ڪيو. هن 27 فيبروري 1960ع تي تعلقي وارھ جي ڳوٺ ڳاڙھي جاگير ۾ هڪ هاري سعداللله چانڊيو جي گهر ۾ اک کولي،
    اهو بهادر ۽ بااعتماد شخص ٻيو ڪوئي نه پر ڪامريڊ منان چانڊيو آھي. هو منهنجو نه صرف والد آھي پر ان سان گڏوگڏ منهنجو سياسي ۽ ادبي استاد پڻ آھي. بابا سدائين ٻڌائيندو رهندو آھي ته هو اڄ جيڪو ڪجھ آھي ان ۾ سندس والد جو به اهم ڪردار رهيو آھي. هو کڻي لکيو پڙھيو ڪو نه هيو پر تڏھن به سياسي سماجي اخلاقي طور تي مضبوط ۽ بهترين ارادا رکندڙ شخصيت هيو.
    ڪامريڊ منان ڳوٺ ۾ عام ڳوٺاڻن وانگي چوپايو مال چاريندو هيو، ان دوران ڳوٺ رئيس جهان خان چانڊيو ۾ ضلعا لوڪل بورڊ جي قائم ٿيل اسڪول ۾ صرف 28 سبق پڙھيو ته ماستر بدلي ٿي ويو ۽ وري ٻيهر ڪو به ماستر مقرر ڪو نه ٿيو، تنهنڪري هو پڙھي ڪو نه سگهيو ۽ پنهنجي والد سان گڏ پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ منان 20 سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي برادر محاذ هاري تحريڪ جي ڳوٺاڻي يونٽ جي ممبر طور ڪئي، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين لڳاتار عوامي تحريڪ سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي، عام هاري طبقي واري زندگي گذاريندڙ ۾ سياسي سمجھ، سرت عوامي تحريڪ جي بدولت ئي پيدا ٿي،
    ڪامريڊ منان جي بنيادي تعليم صرف 28 سبقن تي مشتمل هئي ان هوندي به هو اڄ دنيا، ملڪي ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ هر اشو تي روانگي سان لکي سگهي ٿو، هو احتجاجن، ڌرڻن، ريلين، ۽ وڏن جلسن ۾ بنا گهٻراهٽ جي تسلسل سان ڳالهائي سگهي ٿو.
    2002ع ۾ هو پنهنجي والد جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ مان لڏي اچي وارھ شھر ۾ رهائش پذير ٿي پنهنجي پُٽ ۽ ڌيئرن کي پنهنجي وس آھر تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي.
    وارھ اچڻ شرط ئي ڪامريڊ منان جون سياسي سماجي سرگرميون ۽ ڪارڪردگيون وڌي ويون، ڪٿي به ڪنهن به مظلوم تي جڏھن ظلم، جبر، ۽ انياءُ ٿيندو هيو ته هو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندو هيو، بابا پنهنجي سياسي ۽ عوامي احتجاجي سرگرمين ۾ نواڻ پيدا ڪندي مون ۽ منهنجي ڀيڻ تانيه جي اڳواڻي ۾ احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا.
    ارباب رحيم جي دور ۾ هڪ سنڌي نوجوان انجنيئر ولي محمد راهمون جنهن واريءَ جي ذرڙن مان بجلي ٺاھڻ جو فارمولو ڏنو هيو ان کي سياسي بنيادن تي گرفتار ڪرائي دهشتگرد ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ وقت مٿس رلي وجهي ڌاڙيلن وانگي منهن لڪائي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ته حڪومت جي اهڙي شرمناڪ عمل خلاف سنڌي نوجوان انجينئر جي حمايت ۾ اسان ڌيئرن، ڀائيٽين ۽ ڀاڻيجين کي ساڻ ڪري فاضل راهو چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن معصوم زينب ڀيو سان جنسي ڏاڍائي ڪري ان جي وڊيو لنڪ ليڪ ڪئي وئي، اهڙي جيءُ جهوريندڙ سانحي خلاف بابا اسان کي ساڻ ڪري بک هڙتال ڪري معصوم نياڻي سان انصاف جي گُھر ڪئي، وارھ شھر جي هڪ هندو دوڪاندار جهامن داس جي 16 سالا پُٽ ستيش ڪمار کي وچ شھر مان ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيو ويو، اهڙي انياءَ خلاف اسان ڌيئرن ۽ ٻين ننڍن ٻارڙن سان گڏ مسلسل ستن اٺن ڏينهن تائين احتجاج ڪرڻ کان علاوه ٿاڻي جي گيٽ تي بيهي نعاريبازي ڪرڻ سان گڏ ڪورٽ ۾ پڻ وياسين، ۽ پوءِ جڏھن اهو نوجوان آزاد ٿيو تڏھن بابا اسان کي ساڻ ڪري سندس دڪان تي وٺي ويو جتي اسان کيس گلن جا هار پارايا. 2010ع جي مها ٻوڏ متاثر ماڻھن جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڻ جي جسماني غذا لاءِ بين الاقوامي ملڪن ۽ ڊونر ادارن پاران موڪليل فنڊ جنهن ۾ گيھ، دال، چاڪليٽ ۽ بسڪيٽس شامل هئا اهي ٻارن کي ڏيڻ بدران استادن پاڻ ۾ ورهائي کڻڻ کانسواءِ پنهنجي من پسند دوستن کي سوکڙي طور ڏنا، استادن پاران پنهنجي ئي شاگردن سان اهڙي ويساھ گهاتي خلاف متاثر ٻارڙن کي ساڻ ڪري ڪيترا ئي ڏينهن ''ڏيو ڏيو گيھ ڏيو'' وغيره جي عنوان سان احتجاج ڪندو رهيو، سندس اهو احتجاج ايترو ته مشھور ٿيو جو ڪيترن ئي مهينن تائين جڏھن به جنهن به گهٽي يا پاڙي مان گذرندو هيو ته اتان جا ٻارڙا کيس ڏسي اهو نعارو لڳائيندا هيا ته ''ڏيو ڏيو گيھ ڏيو''. سندس احتجاج جو انوکو طريقو اهو به هيو ته مڪامي اليڪشن ۾ پ پ خلاف بيٺل هڪ اميدوار کي هن ووٽ ڏنو ۽ جڏھن اهو اميدوار ڪائونسلر سيٽ تي چونڊجي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀوتار جي بعيت ڪندي پ پ ۾ شامل ٿي ويو، سندس اهڙي عمل تي بابا هٿن ۾ پلي ڪارڊ تي ''منهنجو ووٽ مون کي واپس ڏيو'' لکي سڄي شھر جو گشت ڪيو. سندس ان دلچسپ احتجاج جا پڙاڏا به سالن تائين گونجندا پيا رهن ان کانسواءِ ٽائون ڪاميٽي وارھ ھڪ سالياني بجيٽ ۾ موجود چانڊيا ايم پي اي برادران جي ذاتي رهائش گاھ گڙتل جيڪا وارھ شھر کان اولھ طرف پنجاھ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آھي، ان لاءِ غير قانوني ۽ غير ضروري فنڊ مقرر ڪيو ته ان خلاف به بابا اڪيلي سر هڪ طرف پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ ٻئي طرف وري اي سي وارھ کي لکت ۾ درخواست ڏئي اها بجيٽ رد ڪرائي. وري جڏھن ايم ڪيو ايم کي راضي رکڻ لاءِ رئيس وڏي سنڌي قوم سان ويساھ گهاتي ڪندي سنڌ ۾ ٻٽو ناظمي نظام وارو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ته اهڙي قومي غداري تي سڄي سنڌ ۾ ايم پي ايز جي گهرن اڳيان توا، چوڙيون ۽ روا ٽنگڻ جو قومپرست پارٽين ۽ ساڃاھ وند ڌرين طرفان سڏ ڏنو ويو ته بابا اسان ڌيئرن کي توا، روا ۽ چوڙيون هٿن ۾ ڏنيون تڏھن تنهن وقت جي ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي در تي اسان اهي توا روا ۽ چوڙيون ٽنگيون. نواب شبير احمد چانڊيو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ناظمي دوران حمل ڍنڍ مان مڇي مارڻ واري مامري تي پنهنجي قبيلي وارن سان ڏاڍائيون شروع ڪيون تڏھن به ڪامريڊ منان چانڊيو ڪڏھن ڏينهن جو لالٽين هٿن ۾ ڪري ڪڏھن وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج نوٽ ڪرائيندو رهيو.
    مطلب ته سنڌ جي ڪهڙي به شھر جي ڪهڙي به مڪتب و فڪر سان تعلق رکندڙ مظلومن سان جڏھن به زيادتيون ٿين ٿيون تڏھن ڪامريڊ منان پنهنجي ضمير ۽ قومي عوامي غيرت جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو.
    1983ع ۾ ڪامريڊ منان ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ۾ رضاڪارانه گرفتاري پيش ڪئي، لاڙڪاڻو کان سکر سينٽرل جيل تائين 9 مهينا ۽ ڪجھ ڏھاڙا جيل ۾ رهيو. ان کانسواءِ پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين پيدل لانگ مارچ جي آخري ڏينهن تي ڪراچي ۾ پليجو سميت سوين ڪارڪن سان گڏ گرفتار ٿي ڪجھ ڏينهن تائين ڪراچي جيل ۾ رهيو. عوامي تحريڪ طرفان جيڪي به پيدل لانگ مارچون مختلف شھرن کان ڪراچي تائين ٿيون تقريبن سمورين ۾ ڪامريڊ منان شامل رهيو. فاضل صاحب جي چاليهي تي لاڙڪاڻو کان ٻين پارٽي دوستن سان گڏجي راهوڪي تائين ڏھن ڏينهن واري پيدل لانگ مارچ ۾ شامل ٿيو. ان کان علاوه عوامي تحريڪ جي سوين هزارين تمظيمي، سياسي احتجاجي ننڍين وڏين سرگرمين ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ذمو نڀائيندو پيو اچي.
    بابا اسان ۾ ننڍپڻ کان ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قومي عوامي سمجھ سُرت پيدا ڪئي، اڄ اسان جيڪو ڪجھ آھيون سڀ بابا جي ڪري ئي آھيون ڇو جو بابا اسان کي خوداعتماد ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سيکاريو، اهو ئي سبب آ جو رهزن سماج ۾ اڄ اسان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي ٻاهر نڪري سگهون پيا، تعليمي ادارن کان ويندي سياسي سماجي ۽ علمي ادبي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪيون ٿا ۽ ان سبب ئي ڪجھ ذنگيل ذھن رکندڙ ماڻھو پنهنجي گندي ذھنيت جو ثبوت ڏيندي اسان لاءِ غلط ڪمينٽ پاس به ڪن ٿا پر بابا اسان کي سيکاريو ته اهڙن ماڻھن لاءِ ڀٽائي گهوٽ فرمايو آھي ته ''جو وڙ جن سونهين سو وڙ سي ئي ڪن''
    ڪامريڊ منان لکڻ جي شروعات 2007ع ۾ 12 مئي واري سانحي کان متاثر ٿي ڪئي ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين ملڪي توڙي بين الاقوامي مختلف مامرن تي لکندو پيو اچي، هينئر تائين بابا جا سوين آرٽيڪل مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آھن پر ياد رهي ته گذريل ٻن سالن کان وٺي بابا سنڌ جي هڪ البيلي اخبار ''ڪوشش'' ۾ مسلسل لکي رهيو آھي جتان کيس بهترين موٽ ملي رهي آھي، بابا جون لکتون تقريبن پوري سنڌ جا ماڻھو پڙھندا رهن ٿا، سندس پڙھندڙن جو تعداد تمام گهڻو آھي جنهن ۾ گهڻائي نوجوانن جي آھي، سنڌ جي مختلف شھرن کان مختلف قبيلن ۽ ذاتين جا ماڻھو بابا جو فون نمبر ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪري رابطو ڪري کيس جس ڏيندا پيا اچن.
    بابا ۾ خوداعتمادي ان حد تائين آھي جو پنهنجي قبيلي جي سردار ايم پي اي برهان خان چانڊيو کانسواءِ ايم اين اي مير عامر مگسي سان ڪيترا ئي ڀيرا روبرو جائز مسئلن تي اکيون اکين ۾ ملائي بنا ڪنهن خوف خطري جي پنهنجو موقف پيش ڪندو پيو اچي. ان کانسواءِ ننڍن وڏن آفيسرن سان پڻ جائز مسئلن جي حل لاءِ ٺڪي ٺوڪي ڳالهيون ڪرڻ جو هڪ انداز رکندو آھي. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿي ته جڏھن به وارھ شھر ۾ مختلف ڌرين طرفان ڪو سرڪاري ليول جو پروگرام ٿيندو آهي ته انتظام ڪرڻ وارا بابا سائين کي اشارن ئي اشارن ۾ ٻانهون ٻڌي هلڪو هٿ رکڻ جي اپيل ڪندا آھن پر بابا ڪٿي ٿو پنهنجو جائز موقف رکڻ کان مُڙي!
    جيئن ته وارھ ۽ آس پاس جي شھرن ۾ ھن وقت پاڻ وارا ڀوتار مافيائون بنجي چڪا آھن ۽ شھر جي مختلف ڌرين ويندي صحافت پڻ ڄڻ ته وٽن يرغمال بنيل آھي، ان ئي سبب جڏھن به ڀوتار وارھ شھر ۾ شريف فرمائيندا آھن تڏھن پنهجي خاص ماڻھن کي سختي سان منع ڪندا آھن ته ڪامريڊ منان هن ويهڪ ۾ نه اچڻ گهرجي.
    هڪ دفعو پاڻي جي کوٽ خلاف کلئي ڪچهري لاءِ آيل ايم پي برهان خان چانڊيو ۽ آبپاشي سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو وارھ پهتا، کليل ڪچهري بجاءِ ايس ڊي ايم آفيس ۾ ڪوٽي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪيائون. سندن اهڙي غير زميواري تي بابا سخت احتجاج ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ايم پي اي ۽ سيڪريٽري ٻاهر اچي اڀ پير بيٺل عوام جي وچ ۾ ڪرسين تي بالم بنجي ويهي رهيا ته کين بابا چيو ته اوهان عوام جا خدمتگار ۽ عوام اڳيان جوابدار آھيو انڪري اوهان اٿي بيهي ڳالهايو. ان موقعي تي سيڪريٽري اٿي بيٺو ۽ ايم پي اي صاحب ويٺي ويٺي چيو ته پاڻي جو چور جيڪڏھن منهنجو سڳو ڀاءُ سردار خان هجي تڏھن به ان خلاف ايف آءِ آر ڪٽڻ گهرجي، جنهن تي بابا کيس مخاطب ٿيندي چيو ته سائين سڀ کان وڏو پاڻي جو چور تون آھين تنهنڪري پهرين ايف آءِ آر به تنهنجي خلاف ٿيڻ گهرجي.
    ساڳئي ئي تناظر ۾ هڪ ٻئي عوامي ويهڪ ۾ ايم اين اي عامر مگسي کي بابا چيو ته وارھ بئراج جو پاڻي بند ڪرائڻ ۽ چورائڻ ۾ سڀ کان وڏو توهان مگسي ڀائرن جو به هٿ آھي. اهڙي جملي تي مگسي صاحب تپي باھ ٿي ويو، تڏھن به بابا سندس پرواھ نه ڪندي چيو ته افسوس ته اوهان ٽي ڀيرا ايم اين اي رهي چڪا آھيو ۽ گڏوگڏ ھڪڙي قبيلي جي سردار گهراڻي جا اهم فرد آھيو پر پوءِ به توهان ۾ ڳالهائڻ جي تميز ۽ ڪڙو سچ ٻڌڻ جي اخلاقي جرئت ڪو نه آھي.
    سياسي احتجاجي سرگرمين کانسواءِ ڪامريڊ منان چانڊيو تعليم، علم ۽ ادب سان پڻ چاھ رکندڙ آھي جنهن جو مثال گذريل چئن سالن کان سنڌي ادبي سنگت وارھ ۽ ٻين ڪجھ ساڃاھ وند فردن جي مالي اخلاقي سهڪار سان قائم ڪيل قاضي غفار پبلڪ لائبريري کي بطور انچارج جي سهڻي نموني بنا ڪنهن معاوضي جي هلائي رهيو آھي.
    سندس بردباري ۽ سادگي جو مثال اهو ڏئي سگهجي ٿو ته جتي هو وقت جي ظالم ۽ باطل قوتن ۽ فردن سان مهاڏو اٽڪائيندو پيو اچي اتي وري مذڪوره لائبريري ۾ روز صبح سوير وڃي ان جي صفائي سٿرائي ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿو.
    اڄ سندس 61هين سالگره آھي، مان هڪ جسماني نياڻي ۽ سياسي ادبي شاگردياڻي جي حيثيت سان کيس جنم ڏڻ تي لکين ڪروڙين واڌايون ڏيندي اها اميد رکان ٿي ته ڪامريڊ منان جنهن مستقل مزاجي جو عملي ثبوت ڏيندو پيو اچي اهڙي عمل تي هميشه قائم ۽ دائم رهي.
    ڪامريڊ منان چانڊيو جي سياسي سماجي، علمي ادبي ۽ عملي جدوجهدن تي کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ ڀٽائي گهوٽ جو هي شعر پيش ڪيان ٿي:

    ڏونگر ڏکوئين تي تپي ڪندين ڪوھ،
    تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوھ
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوھ سا پٿون ٿيندي پير تي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو