ڪاغذن تي جلوه افروز ٿيندڙ ڪاغذي ڳالهيون

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2021۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    الحمدالله ڪالھ منهنجو ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون!“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي ٿورن سان ڇپجي ڪري پڌرو ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش حيدرآباد، عوامي آواز بلاگ، روزاني اڳواڻ حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني آجيان شڪارپور، روزاني امڪان حيدرآباد ۽ سنڌي رسالن جهڙوڪ ماهوار ٽين اک ڪراچي، ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، ماهوار انڊلٺ مئگزين لاڙڪاڻو، عوامي آواز سنڊي مئگزين ۽ ڪاوش دنيا سنڊي مئگزين ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. جن ڪتابن جا مانوارا ليکڪ هي آهن. پونجراج ڪيسراڻي، نواز خان زئور، رحيمداد جوڳيءَ، ذلفي زنئور، منور سراج، احمد شاڪر، رسول ميمڻ، سرمد کوسو، هوش محمد ڀٽي، ايشور لال سوجاڻي، علي عاجز شر، شڪيل احمد، گهايل لغاري_ذين کوسو، صنم سنڌو ڀنڀرو، فرزانه چانڊيو، رشيد احمد خاصخيلي ۽ قربان گل. هنن تبصرن کي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته جيڪي دوست ڪتاب پڙهن ته ٿا پر اُنهن تي پنهنجا تاثرات نه ٿا لکي سگهن. اُنهن لاءِ هي مضمون مددگار ثابت ٿيندا ۽ کين اِها سُڌ پوندي ته ڪتاب تي پنهنجا ويچار ڪيئن لکبا آهن؟ تخليقڪار کي ڇڏي ڪري سندس تخليق تي مفصل رايو ڪيئن ڏبو آهي؟ جيئن اُن ڪتاب جو حق ادا ٿي سگهي ۽ انصاف جي تقاضا به پوري ٿي. حصي ڇوٿين ۾ اُهي تاثرات ۽ مهاڳ شامل آهن. جيڪي مون دوستن جي ڪتابن لاءِ لکيا آهن. جن ۾ راشد شر، ثاقب بلوچ، رشيد احمد خاصخيلي، اظهر امر، ساجد حسين سومرو ۽ عبدالحفيظ ڀٽي جو ڪتاب شامل آهي. هنن تاثرات کي پڙهي ڪري اوهان کي اِهو معلوم ٿيندو ته ڪنهن به ڪتاب لاءِ مهاڳ/ٻه اکر يا پيش لفظ ڪيئن لکيو ويندو آهن. آئون اِها دعويٰ قطعي ڪونه ٿو ڪريان ته ڪو منهنجا لکيل مهاڳ/پيش لفظ يا ٻه اکر سڀني مهاڳ/پيش لفظ ۽ ٻه اکر لکندڙن اديبن کان بهتر هوندا. پنهنجي علم، عقل، فهم، مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي مون هي تاثرات دوستن جي ڪتابن لاءِ لکيا آهن. جن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ مناسب سمجهيم ۽ شامل ڪري ڇڏيم ته جيئن اوهان جي مطالعي ۾ اچي سگهن

    حصو پنجون جيڪو هن ڪتاب جو آخري حصو آهي. اُن ۾ اٺ مڪمل اصلاحي مضمون شامل آهن. جيڪي ٻين ٻولين جهڙوڪ انگريزي ۽ اردو تان ترجما ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جي اڄ جي دور ۾ هر هڪ شاگرد ۽ نوڪري جي حاصلات لاءِ ڊڪ ڊوڙ پائيندڙ نوجوان کي اشهد ضرورت آهي. ڇو ته هي مضمون اُتساھ ڏيندڙ مضمون آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۾ مددگار ٿيڻ سان گڏ پنهنجي صلاحيتن کان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ اُنهن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪن ٿا. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ نوجوان ليکڪن راشد شر، رشيد احمد خاصخيلي ۽ اظهر امر جا تاثرات شامل ڪيا ويا آهن ۽ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نوجوان ليکڪ، شاعر، ناولنگار ۽ مترجم احمد شاڪر لکيو آهي. منهنجو هي ڪتاب منهنجي ٽن سالن جي مطالعي ۽ مشاهدي جو نتيجو آهي. جڏهن ته اڃا کوڙ سارا ڪالم ۽ مضمون مون وٽ اِنهي ارادي سان محفوظ پيا آهن ته اڳتي هلي ڪري اُنهن کي به ڪتابي صورت ڏئي ڪري شايع ڪرايو ويندو. فلحال وقت ۽ حالتن جي آڌار تي هي ڪتاب پڙهندڙن تائين اِنهي اميد سان پهچايان پيو ته منهنجو هي قلمي پورهيو قبول پوندو ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيڻ سان گڏ اُنهن جي معلومات ۾ چڱو خاصو اضافو به ڪندو. هن سڄي مواد کي سهيڙي ڪري ڪتابي صورت ڏيڻ جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد اِهو پڻ هيو ته ڪٿي هي سمورو مواد مون کان گُم يا ضايع نه ٿي وڃي. ڇو ته ڊجيٽل آلاتن جي گرفت ۾ اچڻ کانپوءِ هي سمورو لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو آئون موبائل فون جي وسيلي ئي سرانجام ڏيندو آهيان. ڪاغذن تي هڪ لفظ به مون اڄ تائين ڪونه لکيو آهي ۽ نه ئي مون وٽ منهنجو ڪو مواد/مسودو ڪاغذي صورت ۾ سهيڙيل آهي. ان ڪري ئي هنن ڪمپوز ڪيل لفظن کي ڪاغذن تي آڻيندي مون هن ڪتاب جو نالو ڪاغذي ڳالهيون رکيو آهي. ڪاغذي ڳالهين کي ڪاغذن تي آڻيندي مون کي سڪون مليو آهي ۽ مون سک جو ساھ کنيو آهي. ڇو ته هي لفظن جو ٻيو جنم آهي جو هي لفظ موبائل جي اسڪرين مان ٿيندي ڪاغذن تي جلوه افروز ٿيا آهن. ڪتاب خريد ڪري پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهايو، اِها ئي علم وارن جي واٽ آهي ۽ علم حاصل ڪرڻ جو مفيد طريقو/ڏانءُ به اِهو ئي آهي

    نوٽ: ڪتاب اداري کان سنئون سنڌو ڊسڪائوٽ سان گهرائڻ لاءِ مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاري سان هن نمبر تي رابطو ڪري ڪتاب گهرايو.

    رابطو نمبر 03005182494

    نوٽ: هي ڪتاب سنڌ ادبي ميلي ڪراچي ۾ مرڪ پبليڪيشن جي اسٽال تي موجود آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو