آل پاڪستان لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2021 حيدرآباد

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ معشوق جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2021۔

  1. معشوق جمالي

    معشوق جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 فيبروري 2021
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    بکر جمالي
    آل پاڪستان لائيو اسٽاڪ ايڪسپو حيدرآباد 2021.


    سنڌ ڌرتي ھميشہ محبت ڪندڙ ۽ ماروئڙن جو ديس رھيو آھي،
    سنڌ ۾ چوپائي مال جو شوق بہ ھميشہ عروج تي رھيو آھي ان شوق ۽ عشق کي مدنظر رکندي حڪومت جي طرفان سنڌ ھوائن جي شهر حيدرآباد ۾ ھڪ بھترين نمائشي پروگرام رکيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀاڳيا پنھنجو قيمتي شوق نمائش ۾ آڻي ميلي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،
    ميلي ۾ منھن، ٻڪري، ڳئون، گھوڙا ۽ پکين جا بہ انيڪ نمونا ڏسڻ ۾ آيا، جنھن کي ڏسڻ سان دل باغ بهار ٿي وئي،
    ميلي ۾ جڏهن ڀاڳين سان گفتگو ڪئي وئي تہ انھن سنڌ حڪومت جي ساراه سان گڏ ڪجھ شڪايتون بہ ڪيون،
    انھن ڀاڳين مان ھڪ ڀاڳئي ٻڌايو تہ اسان جون لکن جون ٻڪريون آھن ۽ اسان جو انھن سان عشق ڪنھن تور ۽ ماپ جو محتاج نہ آھي، اسان جي ٻڪرين کي اگر ڪو ڪنڊو بہ لڳندو آهي تہ اھا رات اسان لاءِ ڪنھن قيامت کان گھٽ ناهي ھوندي.
    پر ان جي برعڪس ميلي ۾ اھا توازن خاطر خواھي نہ ھجڻ جي برابر آهي. انھن ئي ڳالھين ڪندي ڪنھن وقت زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ڄڻ ڪو دھشتگرد حملي آور ميلي ۾ ڪاھجي پيو ھجي،
    اھي ڌماڪن جا آواز ٻڌي مون سميت ڀاڳين جا جيءَ جھري ويا ۽ ٻڪرين سميت مختلف جانور اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندي نظر آيا،
    اھي ڌماڪا ڪي دھشتگرد ڌماڪا نہ پر خوشيءَ منجهان آتشبازي جا ڌماڪا ھيا، انھن آتشبازي ڪرڻ وارن کي شايد اھو علم نہ ھيو تہ ھتي آيل ڀاڳيا ۽ انھن جي شوق جي ڇا ڪيفيت ھوندي.
    جنھن تي سنڌ جي پٽيرين ٻڪرين جي شوقين احسان خان جمالي ٻڌايو تہ اڳين سال جي نمائش ۾ انھن ڌماڪن سان منھنجو ويھن لکن جو نقصان ٿيو آهي،
    ڊاڪٽر صاحبان تہ ميلي کان اڳ ۾ وڏيون دعوائون ڪندا آهن تہ اسان اوهان جي لاء کير جون نديون وھائينداسين. پر ھتي اچڻ کان پوءِ ڪير بہ اسان جو ڌڻي نہ ٿيندو آهي،
    ميلي ۾ اجرڪي ٽاپرين ٻڪرين جي مالڪ محبوب جمالي ٻڌايو تہ ٻڪرين جي کاڌي جي ڪري منھنجي ڀر واري ٻڪرار جون بہ ٽي ٻڪريون مري چڪيون آهن،
    اسان کي منسٽر لائيو اسٽاڪ عبدالباري خان پتافي جي ان قسم جي نمائش لڳائڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ان خوشيءَ ۽ جوش اسان کي ميلي ۾ وڃڻ کان روڪي نہ سگھي، پر اتي پھچن کان پوءِ ڀاڳين جون شڪايتون ٻڌي اکين تي ڳوڙها تري آيا،
    ان موقعي تي ڀاڳين مطالبو ڪيو تہ اھڙا پروگرام ھر سال ڀلي ٿيندا رھن پر خدارا ڪجھ نظم ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهن وڌيڪ ٻڌايو تہ سھولتن جي اڻ ھوند باوجود اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنھنجو قيمتي مال کڻي ويندا آهيون
    پو۽پوءِ ان ۾ ڪافي نقصان بہ ٿيندو آهي.
    پر ان ميلي ۾ ھڪ ڳالھ جي ڏاڍي خوشي ٿي جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ ڀاڳين جي سان ملاقات جو موقعو مليو، ۽ خوب گفتگو ٿي.
    انهن جو شوق ڏسي لطف اندوز ٿياسين،
    (معشوق جمالي بکر جمالي)
     
  2. معشوق جمالي

    معشوق جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 فيبروري 2021
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    بکر جمالي
     
  3. معشوق جمالي

    معشوق جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 فيبروري 2021
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    بکر جمالي

هن صفحي کي مشهور ڪريو