سنڌي لوڪ قصن جو امر ڪردار وتايو فقير .. آصف رضا موريو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    وتايو فقير سنڌو ماٿر جي وشال ادبي دنيا ۾ لوڪ قصن جو هڪ اهڙوجيئرو جاڳندو ڪردار رهيوآهي جنهن کي پنهنجي مخصوص فلسفي، فڪر ۽ ڏاهپ ڌاران مليل شهرتي سڃاڻپ اتهاس ۾ ديو مالائي حيثيت بخشي ڇڏي آهي. سندس ڳوٺ، علائقي ۽ تر جي اوطاقن، ويهڪن، ميلن، ملاکڙن ۽ منڊلين ۾ ڪچهري جي ڪوڏئي وتايو فقير جون جيڪي ڳالهيون، ٻولهيون، گفتا، معاملا، نصيحتون وغيره ٿينديون رهنديون هيون سي هن جديد يگ ۾ به هند ۽ سنڌ اندر هزارين نصيحت آميز روايتن، مثالن، قصن ۽ ڪهاڻين طور مشهور آهن.
    وتايو فقيرجي ولادت سال 1758ع ڌاري حيدرآباد شهر کان 46 ميل پري واقع ڳوٺ تاج پور ۾ ٿي. مالڪن سندس نالو وتومل رکيو. وتومل اڃان ننڍڙو هيو ته سندس والدين ڪنهن سانگي ڳوٺان لڏي 7ڪلوميٽر ڏورانهين شهر نصرپور ۾ اچي آبادٿيا جيڪو ان دور ۾ هڪ خوشحال ڪاروباري آبادي هوندي هئي. وتومل جو پيءُ امر سنگهه اجواڻي ۽ والده رڪمني ٻائي هئي جيڪي مذهبي اعتبار کان هندوکٽري هيا جن کي وتايو کان علاوه واريومل ۽ وسايومل نالي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ پڻ هئي. جواني ماڻيندي ئي مالڪن وتايو جي شادي ڪرائي ڇڏي هئي.
    وتايو فقير ننڍپڻ کان ئي سادڙي مزاج ۽ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هوندو هيو. هن جي نياز، نوڙت ۽ سادگي سبب سندس مٽ مائٽ، دوست توڙي ڳوٺائي به کيس وتايو فقير جي نالي سان سڏيندا هيا. سماجي طور تي به سندس اٿڻ ويهڻ صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل سالڪ لوڪن سان گهڻو هوندو هيو. ان دوران مسلمان بزرگن جي صحبت جو کيس ايترو ته اثر ٿيو جو فقير پنهنجي زال ۽ ماءُ سان گڏ اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو وتومل مٽائي شيخ طاهر رکيو پر جيئن ته هو وتايو جي نالي سان مشهور هيو ان لاءِ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به وتايو فقير سڏبو رهيو.
    هڪ واري ڪنهن هندو پرش وتايو کان سوال ڪيو ته ““ادا وتومل تون ڪنهن دک ڪارڻ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ڌرم ڇڏي وڃي مسلمان ٿيو آهين”؟ تنهن تي فقير کيس جواب ڏنو ته ““مان هڪڙي پروردگار جي عبادت ڪرڻ چاهيان ٿوجنهنجو ڪو مٽ ۽ مثال ڪونه آهي ۽ بتن جيان ڪنهن ٻئي جو جوڙيل ڪونه آهي.”” تنهن تي هندو ڀائي چيس. ““ فقير تون چريو آهين جيڪڏهن تو ۾ ٿورڙو به عقل هجي ها ته اهڙو قدم ڪونه کڻي ها””. اهو ٻڌي وتايو چيس ته ““مان جهڙو آهيان پنهنجي مالڪ جو آهيان. مان پرميشور وانگر پپر جي وڻ تي چڙهي بانسري ڪونه وڄائيندم، نه ئي هنومان وانگي ٽارين ۾ لڙڪندم. ان لاءِ مان وڻ جي ٿڙ کي ڀاڪر وڌو آهي باقي هر ڪنهن جا نصيب.”” فقير جو اهو جواب ٻڌي هندو ڀائي خاموشي اختيار ڪئي.
    اهڙي ريت هڪ واري وتايو کان ڪنهن پڇيو ته ““صوفي ۽ ملان جي پاڻ ۾ نبري ئي ڪونه ٿي انهن ٻنهي ۾ سچو ڪير ۽ ڪسو ڪير؟ تنهن کي فقير دانائي ڀريوجواب ڏنو ته ““سچو صوفي هجي يا ملان اهي ٻئي پاڻ ۾ وڙهندا ڪونه ڇوته ملان کي علم هوندو ۽ صوفي کي سڃاڻ. هي جيڪي پاڻ ۾ وڙهندا ۽ فساد پکيڙيندا ٿا رهن سي ڀٽڪيل آهن ۽ ڄاڻي واڻي پيرن سان رئي ٿا اڏائين.””
    وتايو فقير هڪ زيرڪ دماغ ۽ داناءُ قسم جو ماڻهو هيو پر لاابالي طبيعت جو مالڪ هئڻ ڪري کل ڀوڳ ۽ مزاحيه جملن ۾ اهڙيون نصيحت ڀريون ڳالهيون ڪري ويندو هيو جو عقل وارا به دنگ رهجي ويندا هيا. سندس اٻوجهي مزاج، ميرانجهي لباس، توڪلي طبيعت ۽ پنهنجي وجود کان بي ڌياني سبب عام ماڻهو کيس مجذوب سمجهندا هيا پردرحقيقت وتايو فقير سادي طبيعت سان گڏ انتهائي حاضر دماغ، ڏاهو ۽ دانشور قسم جو لوڪ پرش هيو. سندس ڳالهين ٻولهين جو انداز بظاهر انداز مزاحيه ٺٺول جهڙو ضرور هوندو هيو جنهن کي ٻڌي ان وقت ته ڇا پر هاڻي به ماڻهن ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا آهن پر غور ڪرڻ تي اهي ڳالهيون انتهائي گهريون، معني خيز ۽ نصيحت آميز ثابت ٿيون آهن.
    هڪ ڀيري سندس ماءَ کيس مذاق ۾ ڇيڙيندي چيس ته ““پٽ تون الله سائين جي گهڻو ويجهڙو آهين، اڄ ڏاڍي ٿڌڙي رات آهي پنهنجي مالڪ کي عرض رک ته دوزخ جي باهه مان ٿورڙي باهه اسان ڏي به موڪلي ڏئي ته ٿڌ وچان ٿڙڪندڙ ماڻهو توکي دعا ڏيندا.”” تنهن تي وتائي فقيرکيس سمجهائيندي چيوته ““امڙ دوزخ ۾ باهه وري ڪٿان آئي هرڪو پنهنجي پنهنجي اعمالن جي باهه هن دنيا مان ئي اوڏانهن کنيون وڃي دوزخ کي باهه سان ڀري آباد ڪندا”.”
    وادي سنڌ جي هن انمول رتن جو انتقال 1831ع ۾ ٿيو. سندس مزار ٽنڊو الله يار ويجهو ٽي ميل جي فاصلي تي موجود هڪ ڳوٺ راشد آباد جي قبا شريف قبرستان ۾ آهي جتي هزارين عقيدتمند اڄ به سندس محبت ۾ حاضري ڀريندي ياد جا ڏيا ٻاري پنهنجي دلين ۾ روشني ڪندا آهن.
    وتايو فقير متعلق هي به هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته اسان جي روايتي اديبن ۽ مورخن هن سادي ۽ سچي دانشور کي بنان سوچي سمجهي مسخري، چرئي ۽ مجذوب هئڻ جو ٺپو هڻي سندس قدآور شخصيت جي علمي پاسي کي وساري ۽ نصيحتانه قولن کي لڇيدار ٽوٽڪن کان وڌيڪ اهميت ڪونه ڏني آهي. جيڪڏهن ايمانداري ۽ باريڪ بيني سان تحقيق ڪئي وڃي يا سندس ڳالهين جو تقابلي جائزو ورتو وڃي ته هي سچائي سامهون ايندي ته وتايو فقيرظريفاڻي نثر ۾ اهي ئي ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي غالب جهڙن شاعرن پنهنجي نثري ۽ شاعري فن پارن ۾ ڪيون آهن. ان پسمنظر ۾ وتايو فقير جي قسمت غالب جهڙي ڪونه هئي جو غالب کي مولانا الطاف حسين حالي جهڙا روشن خيال سوانح نگار ۽ عبدالرحمان بجنوري جهڙا محقق مليا جن ان تي قلم ڪشائي ڪري کيس عام ۽ خاص تائين پهچايو نه ته غالب کي اڄ ڪير سڃاڻي ها.
    وتايو فقير سان اسان وٽ معاملو ابتو آهي جو ان تي قلم کڻندڙن هر دور ۾ سندس پر مغز قولن ۽ ڳالهين کي ڪٽي سٽي سندس زندگي سان ڇڙو لطيفا منسوب ڪري کيس مسخرو بڻائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن پر وتايو فقير جي بزرگاڻي شخصيت اهڙي قلمي بدديانتن کان تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اثر انداز ڪونه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس وفات کي قريبن ٻه صديون اچي ٿيون آهن پر اڄ به وتايو فقير جو نالو اسان ثقافتي ورثي سان گڏ سفر ڪندو تهذيبي، تفريحي ۽ تعميري ادب جا جهول ڀريندو ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪنهن قدآور وڻ جي مظبوط پاڙن جيان سختيءَ سان کپيل آهي.
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    تمام سٺو
     
    صراط بلوچ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو