”اي ڏيئا! تنھنجي لاٽ اھا“.....محمد يعقوب ڏاھري

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 122.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    ”اي ڏيئا! تنھنجي لاٽ اھا“.
    ھڪ دفعي سائين جي ايم سيد چيو ھو تہ: ”قدرت آريسر کي مولانا آزاد وانگر تحرير ۽ تقرير بخشي آھي ۽ ھُن اُن ٻنھي تي عبور حاصل ڪيو آھي“.
    (ڪتابي حوالو: ھينئر ياد ناھي).
    1973 ڌارا ۾ قومي سوچ رکندڙ ھي شاگرد، پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ انمول تعارف ٿي اڀريو ۽ 1985 ڌاري قومي ۽ ذاتي ٻنڌڻ جي صورت اختيار ڪري چڪو ھو.
    جي ڏسجي تہ حالتن جو اثر انساني شعور جو تعين ڪندو آھي.
    ھن ٿريءَ ماڻھوءَ جي شعور جي وسعت، اعلي تدبر ۽ اَڻ ٿڪ جاکوڙ وصفن، سوچ جي گھرائي ۽ شخصيت جي تعمير ۾ مدد ڪندي قومي اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
    کر ڪڻا لاھي، سک نہ سُتا ڪڏھين،
    کاھوڙين آھي، اوسيئڙو پنڌ جو.
    (شاھ).
    سندس مھاتما ۽ وڏائپ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿوتہ ھُو قومي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد کان پوءَ وڏو ليڊر ھجڻ باوجود بہ انڙ آباد جي ڪچي گھرڙي ۾ رھائش پذير ھو.
    قيادت کي ڪڏھن بہ اعزاز نہ سمجھندڙ آريسر صاحب جي ليڊرشپ بہ سدائين جيئن صليب تي ٽنگيل رھي.
    پاڻ قومي تحريڪ جو معصوم مسيح ھو. اڪثر پنھنجي اڱڻ ۾ کٽ سمھڻ کان اڳ ۾ سندس چپن تي اياز جا ٻول جھونگاريندي سمھندو ھو:
    ھو مون کان ڇا لئہ ٿا ڊڄن؟
    مون وٽ پيار سواءَ ٻيو ڇا ھي.
    (اياز).
    سماج جنھن کي ڪشش راھ تان ٿيڙي نہ سگھيو، ھُو اھڙو ڪاڪ ڪڪوريو ڪاپڙي ھو. سندس قلم ھوشوءَ جي تلوار جيان ھليو ۽ ھُن ڪڏھن بہ پاڻ کي ڌرتي عشق ۽ قومي ڌارا ۾ ڍال ۾ نہ ڍڪيو.
    ھُو غلامين کي غرق ڪندڙ غرور واري حُسن جو امين ھو. مزاحمت سان ھُن جي سچي محبت ھئي.
    جڏھن ڪابہ عورت ٽھڪ ڏيندي آھي تہ
    پوري ڪائنات موسيقيءَ جي سُرن سان گونججِي ويندي آھي.
    (عبدالواحد آريسر).
    گندي (رَئو) چادر تي ڪيل ڪورٽ ۾ ڪيل (عزت جو ڪيس) اڄ بہ تاريخ ۾ لوئي ۽ لڄ لئہ ملندڙ اعلي مثال آھي.
    تاريخ جي رفتار وانگر بي ريائي، گفتگوءَ ۾ علم، سوچ ۾ فلسفو ۽ عمل ۾ انقلاب، وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي رستي تي اٽل موت جيان سفر ڪندڙ ھُو انقلابي شخص ھو.
    ھُو سنڌ جي تاريخ جو حصو آھي.
    اڙي مٿان آسري، پاکر جو پاڻي،
    اڃان ان کي جيئڻ جو، اسانگو آھي،
    سورھيہ سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گھڙي.
    (شاھ).
    يوناني فلسفي ھيرا اقليتس، يسوح مسيح (حضرت عيسي) جي پيدائش کان 500 سال اڳ ۾ چيو ھو تہ: ”دنيا کي ڪنھن فرضي خدا يا انسان پيدا ڪونہ ڪيو آھي پر ھيءَ ھميشہ دکيندڙ ڀڙڪندڙ باھ ھئي ۽ رھندي. ھڪ اھڙي باھ جيڪا باقائدي ٻرندي ۽ وسامندي آئي آھي، دائمي وسائڻ اُن جي مقدر ۾ ئي ڪونھي“.
    ڪڏھن سنڌ جي سينڌ ميري نہ ٿئي،
    ڪڏھن موڙ تنھنجا نہ مرجھائجن.
    (اياز).
    ڪنھن قوم جو ضمير، ذھن ۽ سوچ جي صلاحيت ان ڏينھن مري سگھي ٿو، جڏھن اُھا قوم غلاميءَ جي زنجيرن کي سھاڳ جا زيور سمجھڻ لڳي. ۽ آجپي ۽ نعري ۾ عار سمجھندي پنھنجو انت تسليم ڪرڻ لڳي. ۽ جڏھن راڄ ۽ عروج کي تاءُ سمجھي پنھنجي حقن تان ھٿ کڻي.
    آريسر صاحب جي مزاحمت ۽ تحريڪ جو منشور انھن سڀني شين جو توڙ ھئي. ھُن يوناني مفڪر ھيرا اقليتس جيان حق ۽ سچ جي واٽ ٻڌائي ان جا فلسفاتي حل ٻڌايا. ھُن لطيف ۽ ڌرتيءَ جي حقن کي سمجھڻ لاءَ پُر مفيد، پُر اميد نئون مفھوم ڏنو.
    بقول آريسر صاحب:
    ”قومون پنھنجي شڪستن سان ان ڪري پيار ڪنديون آھن، جو اُتي انھن شڪستن جي کنڊرن تي پنھنجو شاندار، آخري دائمي فتحيابيءَ جا بي مثال رني ڪوٽ تعمير ڪنديون آھن.
    اُھي پنھنجي ويرانين جي ھنڌن ۾ نئين دنيا، نئين ڪائنات ۽ نئين جنت جا شاندار محل تعمير ڪنديون آھن.
    اسان کي انھن شڪستن سان ان ڪري پيار آھي جو انھن شڪستن ۾ اسان جو سرڪش ۽ باغي عزم ڪنھن الھڙ جوانڙيءَ جي ڇاتين وانگر تازو، توانو ۽ نئون نڪور ٿي ھر ڀيري اُڀرندو رھيو آھي. انھن شڪستن اسان جي تاريخ کي لال ڪنوار بڻايو آھي ۽ اسان جي سائي ستابي ملڪ جي اجرڪ کنڀي ڳاڙھي رنگ جو گھوٽ جو زنده جاويد روپ ڏنو آھي.
    آئون سمجھان ٿو تہ ڪنھن قوم جو روح مري نہ ٿو سگھي پر اُھو ھر ڀيري جُوڻ مٽائيندو، پيڙھي در پيڙھي ھلندو رھي ٿو“.
    سندس لئہ دعا آھي تہ شل سنڌ ۾ تنھنجي حياتيءَ جي روح جو گُل سدا لاءَ ٽڙندو رھي.
    ايڊووڪيٽ
    محمد يعقوب ڏاھري.
    ننڊ مان اٿي لکيل.
    ٽائيم: اونداھي ۽ سوجھري
    جي ويڙھاند وقت 05:45 صبح
    جو لکيل.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو