اکين جي اُڃ اُجھائيندڙ شاعري......محمد يعقوب ڏاھري

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو:”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“.
    تعارفي مضمون - 118.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    اکين جي اُڃ اُجھائيندڙ شاعري.
    ڪن ڪن شاعرن جي تخليقي اڏام ايڏي تہ وسيع ھوندي آھي، جو سندن من فطرت جي بي پناھ وسعتن ۾ سرگردان رھندو آھي. ۽ سندن قلم سدائين ڏات جي ڏياٽين ۾ محو ھوندو آھي.
    اِھو ھڪ اھڙو الھامي فن آھي، جنھن ۾ لپٽيل شاعري ڪنھن ھڪ فرد جي خاص ۽ ذاتي طور تي ڪرامت نہ ٿي رھي بلڪہ اھا ادبي دنيا جي شعر، فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو خوبصورت ۽ شاندار اھڃاڻ بنجي رھي ٿي.
    تصوف جي رنگين ڪئنواس ۾ ان افلاڪي مت کي پروڙڻ جو فلسفو ڄاڻڻ جي عڪاسي سائين زيب ڪنگو نھايت ئي رومانوي انداز ۾ ڪئي آھي. سندس تخيل ۾ فڪري اڏام سان گڏ موزونيت، عشق جا سُر ۽ آلاپ گڏ ٻڌڻ ۾ ايندا.
    سندس شاعري جيڪا رومانوي نظريي ۾ تخيل، تجسس ۽ مشاھدن جو گڏيل سھڻو اظھار آھي.
    شاعريءَ ۾ رومانيت بابت يورپ جي مشھور انگريز رائيٽر ٿيوڊور واٽس ڊنٽس جو چوڻ آھي تہ:
    The romantic reival was equvilent to the renascence of wonder.
    ترجمو: ”رومانيت جو اڀرڻ ھڪ نئين معجزي جي نئين سر عمل ۾ اچڻ جي برابر ھو“.
    سائين زيب ڪنگو جو شمار ھونءَ تہ سنڌ جي جھونن ۽ سينيئر شاعرن ۽ تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو پر جڏھن سندس شاعريءَ کي پڙھبو تہ ان ۾ تجريدي محاورا ۽ تشبيھون نت نيون ۽ عاشقانا خيال ۾ ململ جيان مَلويَل ملندا.
    ”عاشق اَسواري، ڪئي جنھن ڪا ريت ري“.
    (سامي).
    منھنجي بہ مضمون لکڻ وقت سدائين اِھائي ڪوشش رھي آھي تہ جنھن بہ تخليقڪار تي ٻہ اکر لکجن تہ گھٽ ۾ گھٽ نثر ۾ ڪوشش ڪري سندس شاعراڻن لفظن جي ڌڙڪن کي شامل ضرور ڪجي.
    زيب سائينءَ جي تخليقي اڏام روپ ۾ صنف غزل مان ھڪ سندر ۽ من موھيندڙ غزل ھيٺ پڙھندڙن لاءَ پيش ڪجي ٿو.
    مليو ڪو ڦڙو ڪو نہ ساگر منجهان،
    چڪو پيارِ سهڻي ڪو گهاگهر منجهان.
    جڏھن بہ ڪنھن شعر جي تشريح ڪبي تہ ان شعر جا سڀئي پاسا پاڻ ۾ ڪئي معنائون بيان ڪندي اُڀرندي ڏسڻ ۾ ايندا. جن جو عيوضو اسراري پڻو پيش ڪندي نظر ايندو. اصل ۾ اھو ئي اعلي درجي جو شاعراڻو فڪر ھوندو آھي. جنھن ۾ ئي لفاظي موزونيت ڀاري ۽ برقرار ھوندي آھي.
    زيب سائين جي مٿئين غزل جي مطلع ۾ ساگر مان ڪو ڦڙو نہ ملڻ ۽ پنھنجي سھڻيءَ/محبوب کي مخاطب ٿيندي، سندس سنھڙي چيلھ تي ڀريل گھاگھر مان چڪو پيارڻ جي التجا تھايت ئي سُندر ۽ نفيس خيال آھي.
    ”جي ماسو ملئي مال تہ پُوڄارا پُر ٿين“
    (نامعلوم).
    اچي رات راڻي جي خوشبو پئي،
    ڏسان چنڊ ٿو آئون ڀاڪر منجهان.
    اھا حقيقت آھي تہ ڪنواري بدن جي پگھر جي خوشبوءَ ۾ جذبا جوان رھندا آھن. اھا بہ حقيقت آھي تہ خوشبوءَ محبوبن جي ساھن سان لاڳاپيل تسلسل آھي.
    زيب سائينءَ جي بند جي ٻي سِٽَ ۾ خيال: ڀاڪر ۾ چنڊ جو ڀائڻَ وارو سُندر استعارو، خوبصورت، نوراني ۽ چمڪندڙ چھري جو ٻکن ۾ ھجڻ جيان پيش ڪيو ويو آھي.
    صبح جي بدن تي هئي ماڪ ڇا،
    ڏٺو منهن هٽائي مون چادر منجهان.
    عشق پنھنجا اُتم احساس کڻي آڪاش کان سٻاجھڙن انسانن وٽ لھندو آھي. ۽ پوءَ اُھي سٻاجھڙا انسان اھي سڀ ساعتون پنھنجي سپرينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آھن. اُھو سپرين جيڪو سدا سندن سرير ۾ رھندو آھي. جنھن جي گھڙي کن پل جدائي بہ سوين سالن جو بنواس لڳندي آھي.
    زيب سائينءَ جي غزل جو مٿيون شعر/بند اھڙن محبوبي خيالن ۾ گُم سُم رھندڙ خيال طور محسوسيات ڏيکاري ٿو. ائين جيئن پرينءَ جي ساھن جي گرميءَ ۾ ۽ ڀاڪرن جي جنبش ۾ کين رات جي ٿڌڙي شبنم بہ رڪاوٽ بنجي جاڳائي نہ سگِھي.
    لڳي ٿو تہ مرڪي لکيا تو اکر،
    اچي مهڪ ڪيڏي ٿي ڪاڳر منجهان.
    ھُونءَ تہ من اندر جِي سونھن ۽ سڀيتا رکندڙ شاعرن جي شاعري اکيون چُمندي آھي پر ڪن تخليقڪارن جي دل لڀائيندڙ شاعري ذھن تي جادوءَ سندي مھڪ طاري ڪري مدھوش ڪري وجھندي آھي.
    ڪيا نانءُ تنهنجي غزل زيب سڀ،
    ملي توکي ٻيو ڇا تہ شاعر منجهان.
    ھڪ شاعر وٽ پُر سخا جو اھڙو ئي منفرد ۽ سھڻو مثال ھجڻ گھرجي. اُھو ان ڪري ڇوتہ شاعر جي ھڪ ارپيل سٽ ۾ ڪيئي زندگيون وسنديون آھن.
    زيب سائينءَ جو ھي سڄو غزل پنھنجي پرينءَ کي ارپيل سندر تشبيھن جو نچوڙ آھي.
    محبت ئي اُھو پاڪ فلسفو آھي، ۽ ارپيل پوري ڪائنات سندس ئي عشق جو سُندر ۽ حتمي جڙاءُ نما سُندر نتيجو آھي.
    نبيءَ آخرتِ، سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي محبت لاءَ چيل اھڙو ئي (فرمان) حديث ياد پئي اچي تہ:
    ”مَن اَحب شيئا اڪۡثر ذِڪره“.
    يعني: ”جيڪو ڪنھن شيءَ سان حُب رکندو آھي، اُھو انھيءَ کي ئي ياد ڪندو آھي“.
    زيب سائينءَ جي سڄي شاعري مفرح بخش آھي. جنھن کي پڙھڻ سان نہ صرف سڪون پر دلي جي بيزاري ۽ مطالعي جي اُڃ پڻ ختم ٿي ويندي آھي.
    جو رسالو ڪري ذهن روشن،
    سو ڀٽائي ڪلام آ مون وٽ.
    سندس چيل ھي فلسفو، سندس تحقيقي کوجنا، مشاھدن، فڪري اونھائپ ۽ جھونائپ کي ائين ظاھر ڪري ٿو، جيئن ٻھراڙين ۾ اسان وٽ مثال ڏئي سمجھايو ويندو آھي تہ ”جيتري ماکي پراڻي اترو کاڄُ گھڻو“.
    زيب ويا سڀ معاملا وسري،
    عشق آيو امام آ مون وٽ.
    پيار سڄي فلسفي جو ھڪ وڏو موضوع آھي. پيار جو جذبو انساني سڀني جذبن کان سھڻو، منفرد ۽ بالاتر ھوندو آھي ۽ ان شيءَ تي اگر لکڻ ويھجي تہ ڪيئي باڪمال ڪتاب لکجي ويندا.
    زيب سائينءَ جي ھڪ غزل جي مٿئين مقطع ۾ روحاني خيال ۾ ائين پيش ڪيو ويو آھي. جنھن کي تقطيع ڪرڻ لاءَ عقل نہ پر عشق سلامتي گھرجي.
    اصل ۾ عشق بہ انھن حاذق جي دل تي مھمان بنجي دستڪ ڏيندو آھي، اُھي جيڪي معرفتي منزل جي دڳ جا پانڌيئڙا ھوندا آھن. ڇوتہ عشق جي اُڏام افلاڪ تائين رسائي ھوندي آھي. ۽ معرفت جي سَرچَڻ جي حاصلات بہ سَتين آسمان کان روا ٿيندي آھي.
    ڪتاب: ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءَ؟“ ۾ سائين جي ايم سيد بہ اھڙين ئي شين جي تشريح ۽ سندن مرڪبن جي ٻنھي پاسن دھريت (مٽيرلزم) ۽ روحانيت (آئيڊيلزم) تي ڪافي ڪجھ لکيو آھي.
    شاعري ان ڪري بہ سندر احساسن جو نانءُ آھي ڇوجو ان ۾ نئين سر نوان تعميري خيال، نيون ڪھاڻيون ۽ قصا کڻي نسرن ۽ اُڀرن ٿا.
    زيب سائينءَ جي شاعري پنھنجي حُسن تخليق کي ابديت بخشيندڙ لڳندي آھي. گھرو مطالعو رکندڙ اگر ڪوبہ سندس شاعري پڙھندو تہ سندس رنج و سحني جذبن تي ڇانوَ ڪري بيٺل محسوس ٿيندي.
    بقول حافظ شيرازي جي:
    فاش مي گويم واز گفتہءَ خود دلشادم،
    بندہءَ عشقتم وازھر دو جھان آز ادم.
    ترجمو: ”مان کُلم کُلا چئي رھيو آھيان ۽ پنھنجي چوڻ تي خوش آھيان تہ عشق جو بندو آھيان ۽ ٻنھي جھانن کان آزاد آھيان“.
    شاعريءَ جا پنھنجا لوازمات ھوندا آھن. زيب سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اُھي سڀئي شيون پڙھڻ لئہ ملنديون، جيڪي ھڪ اعلي پايي جي شاعر جي شاعريءَ ۾ شامل ھونديون آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو بہ شڪ گمانُ ناھي تہ پاڻ موجوده جديد سنڌي شاعريءَ جو اعلي پايي جو شاعر آھي.
    گھڻي قدر حالتن جو اثر تخليقڪار جي ذھن جو تعين ۽ شخصيت جي تعمير ڪندو آھي. ۽ پوءَ اھڙين ئي حالتن ۾ قلم کي خوبخود سگھ ارپچندي ويندي آھي ۽ نتيجتن اڳتي ھلي ڪئي تاريخي ۽ ادبي انقلاب برپا ٿيندا آھن. جن جو آواز صدين تائين ڌرتيءَ تي پڙاڏو بنجي گونجندو آھي.
    سن 41ع ۾ اسپين جي اديب سينيڪا لکيو ھوتہ:
    ”پيدائشي ذريعن جي حاڪمن جي ھٿن ۾ منتقلي، ڪائنات جي فطري حُسن کي داغدار ڪري ڇڏيو آھي“.
    ايتري لکڻ جي جرم ۾ تنھن وقت جي پادرين، رومي شھنشاھ نيروءَ جي حڪم تي سينيڪا لاءَ آپگھات جي سزا مقرر ڪئي. جيڪا ھن خوشيءَ سان قبول ڪئي. جنھن سزا کي ھن باضمير انسان خوشيءَ سان قبولي، آپگھات ڪري پنھنجي ضمير ۽ فڪر کي موت کان بچائي ورتو. نہ تہ اڄ لائبريريون سندس فڪر کان خالي ھجن ھا.
    اِھا ھڪ گھري ۽ ڪڙي حقيقت آھي پر ان شيءَ ظاھر ڪرڻ ۽ ان طبقاتي عمل جو توڙ شاعرن ۽ تخليقڪارن پنھنجي ڏات، تخليقن ذريعي واضع ۽ سھڻي نموني رونما ڪيو آھي.
    زيب ڪنگو سائينءَ جي شاعري بہ اسان جي طبقاتي سماج جو چِٽو آئينو آھي. نہ صرف ايترو پر سندس تخيل کي پڙھڻ کان پوءَ ائين لڳندو جيئن سندس شاعري اکين جي اُڃ اجھائيندي ھُجي.
    سندس ھڪ غزل جا چند شعر ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
    جوڙ ڪٿي ٿو پنهنجو ٺهڪي،
    زوريءَ جوڙي ويٺا آهن.
    سنڌ سڪائي ڊيمون ٺاهي،
    ساھ نپوڙي ويٺا آهن.
    ڌارين جو هر شيء تي قبضو،
    گوڏا کوڙي ويٺا آهن.
    پنهنجو ايڪو، دشمن ڪاٿي!
    پنهنجا ٽوڙي ويٺا آهن.
    اغيارن سان پنهنجا گڏجي،
    واٽ وڪوڙي ويٺا آهن.
    زيب سائينءَ جي شاعري سنڌي ادب ۾ ڏنل تفصيلي راءَ جيان آھي ۽ اُن ڏنل تفصيلي ۽ تحقيقي راءَ ۾ سندس قلب جو آواز، سنڌ جي ٻولي، ماڳن، مڪانن توڙي تھذيب ۽ تمدن سان بي پناھ پيار جو سھڻو اظھار آھي. اُھو سھڻو اظھار جيڪو مڪمل سنگيت آھي.
    تنهنجا حجاب آهن،
    اڄ شام جي بدن ۾،
    خوشبوءَ جي هاڪ آهي،
    تون ڪو ڪتاب آهين،
    ڪورو شباب آهين،
    ڪو هوش هاڻ ناهي،
    خوشبوءَ جي هاڪ آهي،
    ڳاڙهن ٻنهي چپن ۾،
    تازا گلاب آهن.
    جيئن شاعريءَ جون پاڙون سماج ۾ کُتلون ُھونديون آھن تيئن وري ادب ۾ ڪيل ڳالھ سڀ ڪنھن جي دل وٽان ھوندي آھي.
    منھنجو ھي نثر زيب سائينءَ جي تخليقي جوھر تي انڪري بہ روانيءَ سان ڳالھائي/لکائي پيو، ڇو جو سندس شاعري جيڪا سندس روح جو سريلو آواز آھي. اُھا جڏھن پنھنجي مقرر وقت تي قلم ذريعي نڪري نروار ٿيندي آھي، اُن سندس شاعريءَ ۾ موجود ھئيت ۽ شريعت جي روح جي رڌم ۽ شاعراڻي رڳ رڳ ۾ اھڙيون وسعتون سمايل ھونديون آھن. جيڪي مختلف وقتن تي سندس ڪيفيتي خيالن مان جڏھن ظاھر ٿين ٿيون تہ مختلف صنفن ۾ شاعري جڙي پوي ٿي.
    شعر دل جي ڌن ھوندو آھي. جنھن ۾ دليل ۽ منطق جو گھڻو عمل دخل ھوندو آھي. اِھو ئي شاعري جو محاسبو آھي تہ شاعري ڪائنات جي سموري جمال ۽ رنگينين کي پنھنجي آغوش ۾ سمائڻ ۽ زندگيءَ جي رمزن کي کولڻ جي سگھ رکي ٿي.
    سائين زيب ڪنگو شاعري ۾ خارجيت ۽ داخلي جذبات کي گڏائي پيش ڪري ٿو، جنھن سبب ڪري سندس شاعريءَ ۾ تخليقي حُسن گھڻو پيدا ٿيندڙ ۽ دلين تي اثر انداز ٿيندي معلوم ٿئي ٿو.
    رومانيت شاعريءَ جو حُسن آھي ۽ زيب سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اِھڙو تخليقي نکار ۽ حُسن جام پڙھڻ لاءَ ملي ٿو.
    رت آهہ اڃاري ڇو!
    ڪوئل جي صدائن ۾،
    ڪا ڪوڪ آ دردن جي،
    گل گل بہ اڃايل آ،
    خوشبوء به وڃايل آ،
    بارات آ اڌمن جي،
    ڪا ڪوڪ آ دردن جي،
    آ باهه هوائن ۾.
    ڌرتيءَ کي بچائي ڪو!
    ---
    ايڊووڪيٽ
    محمد يعقوب ڏاھري.
    18 سيپٽمبر، جمع جي شام،
    سرواڻ بادشاھ جي
    ڇٺيءَ واري ڏينھن لکيل-
    سورج جو گھر، سڪرنڊ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو