بيت 4 سر ڪلياڻ داستان پهريون... بيت جي پڙهڻي تقابلي مطالعو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير#3
    شاھ جي بيتن جي پڙھڻي تقابلي مطالعو
    تحقيق، ترتيب، تحرير صراط بلوچ

    سرڪلياڻ داستان پهريون بيت 4(ڪلياڻ آڏواڻي)
    گنج- گربخشاڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃئو محمد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسان
    اُوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِهِ نہ اولئا

    ٽرمپ
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃئو محمد ڪارَڻِي، دليان ساڻُ لِسان
    سي فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِهِ نہ اولئا

    شاھواڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃئو محمد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسان
    اُوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِه نہ اولئا.

    بلوچ ٽي قلمي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃئو محمد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسان
    اُوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِنه نہ اولئا.

    ڪلياڻ آڏواڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃيو محمد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسان
    اُوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِنهن نہ اوليا.

    ٻانھون خان
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جَنِ اُوتو سين ايمان
    تَن مڃئو محمد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسان
    اُوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪِنھن نہ اولئا.

    بيت ۾ لفظن جون صورتون
    1
    مڃئو_
    مڃيو_ ڪلياڻ آڏواڻي
    2
    ڪِه- گنج, گربخشاڻي، شاھواڻي
    ڪِنه_ بلوچ ٽي قلمي
    ڪنھن_ ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانھون خان
    3
    اولئا_
    اوليا_ ڪلياڻ آڏواڻي


    مڃئو_
    لفظ جي جديد موجوده صورتخطي
    مڃيو
    آھي جيڪا ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنھنجي رسالي ۾ آندي آهي.

    ڪِه
    لفظ جي جديد موجوده صورتخطي
    ڪنھن
    آھي، ان لفظ کي بلوچ صاحب وري
    ڪِنه
    لکيو جنھن کان پوءِ مختلف مرتبين اڌار ھن لفظ جون ٽي صورتون بيھن ٿيون.
    ڪِه-ڪِنه-ڪنھن

    اولئا
    لفظ جي موجوده جديد صورتخطي اوليا آھي جيڪا ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي آھي

    «بيت ۾ بدليل لفظ»
    ٽرمپ واري رسالي ۾ *قلب* جي جاء تي *دليان* آيل آھي

    ٽرمپ واري رسالي ۾ *اُوءِ* جي جاء تي *سي* آيل آھي

    نتيجو
    بيت ۾ ٽي لفظ اھڙا آھن جيڪي آڳاٽي ء موجوده صورتخطي ۾
    لکيا ويا آھن.
    مڃئو-مڃيو
    ڪِه-ڪنھن
    اولئا-اوليا

    بيت ۾ ٻہ لفظ اھڙا آھن جيڪي بدليل صورت ۾ آيل آھن.
    قلب-دليان
    اُوءِ-سي
    بديل لفظن جو اثر بيت جي معني يا مفھوم ته نه ٿو پوي ڇو جو اھي ھم معني لفظ آھن.
    بس فرق صرف پڙھڻي جو بيھي ٿو.

    مطالعي ۾ شامل رسالا
    1-گنج شريف
    2-گربخشاڻي
    (ٽرمپ واري جو حوالو گربخشاڻي واري تان ورتل آهي)
    3-بلوچ صاحب ٽي قلمي رسالو
    4-ڪلياڻ آڏواڻي
    5-ٻانھون خان شيخ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو