مان نٿو مڃان

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2021۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    جيتوڻيڪ اُن ڏينهن ھُو لڳ ڀڳ ڏَھن سالن کان پوءِ اوچتو منهنجي سامهون اچي ويو ھو پوءِ بہ کيس سڃاڻڻ ۾ مون کي دير نہ لڳي، پھرين نظر ۾ ئي مون کيس سڃاڻي ورتو ھو، اھي ئي آزاديءَ ۽ آجپي جي اميدن سان ٽمٽار ۽ ستارن جيان ٽِمڪندڙ اکيون، اُھي ئي ڏاڍ جي ڏُونگرن کي ڏارڻ جي جرئت ۽ ھمت سان ڀرپور مضبوط ٻانھون ۽ ڪُلھا، اُھا ئي ظلم جي طوفانن جي سامهون ديوار بڻجي بيھڻ جي سگھ رکندڙ سندس اڏول ڇاتي ۽ اھو ئي ھر وقت مُرڪ سان سَجيل سندس ڪڻڪ رنگو چھرو، ھو بلڪل بہ تہ نہ بدليو ھو انھن ڏھن ورھين ۾..
    اھا آچر جي ميرانجهڙي شام ھئي، آفيس کان واندڪائيءَ سبب آئون مڪليءَ جو قبرستان ڏسي ٻاھران روڊ جي پاسي ۾ بيٺل پنهنجي ڪار ڏانهن وڌي رهيو ھئس تہ سامھون بيٺل ھڪ موٽرسائيڪل تان ھُو لٿو پئي، ھن سان گڏ ھڪ نوجوان پڻ ھو، مان حيرت ۽ خوشيءَ سان کيس ڏسندو رهيس، ھن بہ محسوس ڪري ورتو تہ ڪو کيس مسلسل نھاري رهيو آهي انڪري ھو بہ مون کي غور سان ڏسڻ لڳو.
    "طارق...."؟. ھن مون کي ڪجھ پل غور سان ڏسڻ کان پوءِ ساڄي ھٿ جي ڏسڻي آڱر سان اشارو ڪندي پڇيو. جواب ۾ مون مرڪندي چيو ھو.
    "ھا ساگر! آئون طارق ئي آھيان".
    ھو وڌي اچي مون سان ڀاڪر پائي مليو، انھن ڏھن ورھين جي ڊگھي عرصي کان پوءِ ملڻ باوجود ھن بہ مون کي سڃاڻي ورتو ھو جنھن ڪري مون کي خوشيءَ سان گڏ حيرت پڻ ٿي ھئي، ساگر پاڻ سان گڏ آيل نوجوان کان موڪلايو ۽ مون کان ڪار جي چاٻي وٺي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو، مان سندس ڏھ سال اڳ واري ساڳي پنھنجائپ کي ڏسي مُرڪي پيس ۽ اچي ھن جي ڀرسان ڪار ۾ ويٺس.
    "اتر سنڌ جو هڪ سادو ماڻهو ھت لاڙ جي پَٽن تي ڪيئن اچي پھتو آهي"؟. ھن گاڏي اسٽارٽ ڪندي مون کان پڇيو.
    "اتر توڙي لاڙ، ڪچو ھجي يا ڪاڇو سڄي سنڌ اسان جو گھر آھي ساگر!، جيڏانهن بہ دل چاھي اچي وڃي سگھون ٿا". مون مرڪندي وراڻيو.
    "پوءِ بہ تنھنجو ھت اچڻ ۾ ضرور ڪو مقصد ھوندو، آئون نٿو سمجهان تہ تون رڳو مڪليءَ جو قبرستان ئي گھڻ آيو آھين". ھن گاڏيءَ جي رفتار وڌائيندي چيو.
    "ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻ جي ڏوھ ۾ مون کي ھيڏانھن ٽرانسفر ڪيو ويو آهي". مون نيٺ کيس ٺٽي ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
    "ھن ملڪ ۾ ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻ بہ ڪنڊن جي سيج تي سمھڻ برابر آهي، مون کي ٻڌاءِ تہ اصل مسئلو ڪھڙو آھي"؟. ھن پڇيو.
    "فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊي ايف او جي عھدي تي مقرر آھيان، ڪجھ ھفتا پھرين اتر سنڌ جي ھڪ ٻيلي جي زمين تان ڪنھن وڏيري جو قبضو هٽائڻ جي "جرم" ۾ ھيڏانھن ٽرانسفر ڪيو ويو آهي". مون ڪاوڙ ۾ پنھنجا ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ساگر ڪجھ بہ نہ ڳالهايو، ھن ھڪ ڀيرو مون ڏانهن نهاريو ۽ خاموشيءَ سان ڊرائيونگ ڪندو رھيو، ڪار مختلف روڊن تان گذرندي ھڪ خوبصورت ھوٽل جي ٻاھران اچي بيٺي، اسان ٻيئي ڪار مان لهي ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ پيل ٽيبل ۽ ڪرسين تي وڃي ويٺاسين، ساگر بيري کي مانيءَ جو آرڊر ڏنو.
    "سنڌ يونيورسٽي جا ڏينهن ياد اٿئي"؟. ڪرسي تي ويھندي ئي ساگر پڇيو. ان سان گڏ ئي اسان جي وچ ۾ ڇانيل خاموشي پڻ ختم ٿي ويئي.
    "يونيورسٽيءَ ۾ گذاريل ڏينهن منهنجي زندگيءَ جا سڀ کان قيمتي ۽ يادگار ڏينهن آھن ساگر!، ڪيئن ٿا وسري سگھن مون کان"!!. مون وراڻيو هو.
    ماني کائيندي مون ساگر کان پچيو ھو. "نوڪري ۽ ڇوڪري ملي اٿئي يا اڃان تائین وتين ٿو رڳو سنڌو ديش جا نعرا ھڻندو"؟.
    "جيڪڏهن تعليم نوڪري يا بزنس ڪرڻ لاءِ ئي حاصل ڪجي تہ اھا تعليم نہ پر سوديبازي چئبي". ھن کلندي وراڻيو. "۽ ڪنهن بہ معاملي ۾ سوديبازي ڪرڻ اسان سکيا ئي ناهيون، اسان جي زندگيءَ جو اصل مقصد نوڪري يا بزنس نہ پر جھالت، انائن ۽ برادري تڪرارن سبب ڇڙوڇڙ ٿيل پنهنجي قوم کي متحد ڪرڻ آهي، صدين کان خودمختياري ۽ آزاديءَ کي وساري ويھندڙ غلاميءَ جي اونداھيءَ ۾ ٿاٻا ۽ ٿيڙ کائيندڙ ھن ديس جي اٻوجھ جنتا کي آزاديءَ جي روشن راھن تي آڻڻ ئي اسان پنهنجي حياتيءَ جو مقصد بڻايو آهي، ديس ڌڻين ۾ ھن ڌرتيءَ جي وسيلن تي روز ڌاڙا ھڻندڙ ڌارين رھزنن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي ھمت ۽ طاقت پيدا ڪرڻي آهي". ھن جي انداز ۾ ھڪ ڪشش ھئي، ھڪ رعب ھو جنھن مون کي ڪي پل ڄڻ تہ پنڊ پهڻ بڻائي ڇڏيو.
    ڪجھ دير جي سانت کان پوءِ مون سندس اکين ۾ ڏسندي چيو. "صدين کان ڌارين، وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي تابع رھندڙ ھن قوم ھاڻ ذھني طور غلاميءَ کي قبول ڪري ڇڏيو آهي، آزاديءَ ڏانهن ويندڙ خاردار پيچرن تي ھلڻ کان ڊنل ماڻھن ڪاڻ پنهنجي زندگيءَ کي جوکي ۾ ڇو ٿو وجھين ساگر!، ڏسين نہ پيو تہ اسان جا ڪونڌر روز ٿا ڪُسجن پيا، ڊڄان ٿو متان تون بہ......".
    ساگر اڳيان جھڪي ٽيبل تي ٻيئي ٺوٺيون رکندي وراڻيو. "طارق! غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ۽ جانين جون قربانيون گھرجن، انقلاب جي واٽ تي اگر منهنجو ھي سِرُ ويو تہ ڪا وڏي ڳالھ ناهي، اگھور ننڊ ستل پنهنجي قوم کي جاڳائڻ لاءِ اسين ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون".
    "جنهن قوم کي جاڳائڻ لاءِ توھان وستيءَ وستيءَ ڀٽڪو پيا ۽ پنهنجي زندگيءَ کي پڻ جوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي ياد رکو! ڏکي ويلَ ۾ توهان جي مدد تہ ڇا مورڳو توھان کي سڃاڻڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيندي".
    "ان خوف کان تہ ڏکي وقت ۾ پنهنجا بہ ساٿ ڇڏي ويندا ۽ اسان اڪيلا ٿي مارجي وينداسين، ڇا اسان بہ عام ماڻهوءَ وانگر ھٿ تي ھٿ رکي ويھي رھون؟، نہ نہ..! تعليم يافتہ، باشعور ۽ قوم جو درد محسوس ڪندڙ نوجوانن کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ھاڻ اڳتي وڌڻ گھرجي، اڄ نہ تہ سڀاڻ پر ھن قوم کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻو ئي پوندو، وقت ڏاڍو تنگ آھي، اوطاقن، ھوٽلن ۽ ڪاليجن ۾ ويھي ٺلھا بحث ڪرڻ سان انقلاب ناھي ايندو، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين اسان سڀني کي ھڪ مضبوط پليٽفارم تي گڏجي نئين سر جدوجهد جو آغاز ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسين اڃان بہ ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي رکيون تہ اھو ڏينهن پري ناهي جڏهن "باز" ھڪ ئي جھپ سان اسان جي مُنڍي مروڙي ڇڏيندو".
    "چئبو تہ ارڙهن مھينن جي قيد بہ توکي "سڌاري" نہ سگھي"؟. منهنجي انداز ۾ حيرت سان گڏ ھلڪو طنز بہ ھو.
    ساگر وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو. "ان کان پوءِ بہ ٻہ ڀيرا ٽن ٽن مھينن لاءِ جيل ياترا ڪري چڪو آهيان، ھي اذيتون، ھي بند کوليون اسان کي روڪي يا جھڪائي ڪين سگھندا".
    "پوءِ ڪڏهن ٿا سنڌ کي آزاد ڪرايو ۽ ڪڏهن ايندو ھي توهان وارو انقلاب"؟. مون ڄڻ تہ سندس مذاق اڏائيندي پڇيو ھو پر پوءِ ھڪدم ان مذاق ڪرڻ تي مون دل ئي دل ۾ ڏاڍو پڇتايو ھو، پاڻ تي ڪاوڙ آئي ھئي، سمجھ ۾ نہ پئي آيو تہ مون ھن سان اھڙو مذاق ڇو ڪيو ھو.
    ساگر جواب ڏيڻ بجاءِ ڪي پل مون کي حيرت ۽ افسوس ڀريل نگاهن سان ڏسندو رهيو، سندس مک تي طنزيہ مرڪ ھئي. ھن چيو. "انقلاب تڏهن ايندو جڏهن اسان ذاتي تڪرارن کي ڇڏي ھڪ ٿي قومي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪنداسين، جڏهن اسين وڏيرن جي اوطاقن تي حاضريون ڀرڻ ڇڏينداسين ۽ جڏهن اسان جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون فسادن جي بجاءِ سٺي ۽ معياري تعليم ڏيڻ لڳندا، جڏهن اسان جا پڙھيل لکيل نوجوان پنهنجي تعليم جي روشنيءَ سان سڄي سنڌ کي روشن ڪندا تڏهن انقلاب جي رستي ۾ ايندڙ ھر ھڪ پٿر ۽ ديوار ڀڄي ڀور ٿي ويندا".
    اسان ٻنهي وچ ۾ ھلندڙ بحث مباحثي ۾ خبر ئي ڪانہ پيئي جو رات جا ٻارنهن وڄي ويا، دل تہ ساگر سان ڪچھري کان نہ پئي ڀري پر الائي ڇو مان ھن کان موڪلائي سرڪار پاران مليل گھر ڏانهن ھليو آيس، شايد يونيورسٽيءَ جيان ھاڻ سنڌ جي مسئلن تي ساگر سان ڊگھا بحث ۽ نہ کُٽندڙ ڪچھريون ڪرڻ وارو جذبو ٿڌو ٿيڻ لڳو ھو، ان ڳالھ کي محسوس ڪندي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ھئي، بيڊ تي ليٽندي ئي گذريل وقت ياد اچڻ لڳو...
    مون کي اھو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن آئون "سنڌ يونيورسٽي" وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو ھئس، منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نہ ھئي، وڏي محنت سان غربت ۽ ٻين مجبورين جي رڪاوٽن کي ٽوڙي نيٺ آئون سنڌ جي ان عظيم درسگاھ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل بڻيو ھيس ان ڪري منهنجي رڳ رڳ خوشيءَ ۾ جُھومي ۽ نچي رھي ھئي، ايترو خوش تہ پاڻ کي مون ان ڏينهن بہ نہ ڀانيو ھو جڏهن ننڍپڻ ۾ بابا ڳوٺ کان شھر ۾ لڳل سرڪس گھمائڻ لاءِ وٺي آيو ھو جتي مون ھاٿي، شينھن، زيبرا، ازدھا، رڇ ۽ ٻيا جھنگلي جانور ويجھو کان ڏٺا ھئم، جتي موت جي کُوھ ۾ ھلندڙ موٽرسائيڪل کي ڏسي حيرت ۽ خوشيءَ جي ڪا حد ئي نہ ھئي.
    يونيورسٽي وڃڻ وقت جڏهن مون بابا کان موڪلايو پئي تہ ھن سخت لھجي ۾ چيو ھو.
    "قومپرست يا سياسي پارٽين جي ويجھو وڃڻ جي ضرورت ناهي، پنهنجي پڙهائيءَ تي ئي ڌيان ڏجانءِ". ۽ آئون ڪو جواب جي بجاءِ رڳو بابا جي آڏو ڪنڌ جهڪائي بيٺل رھيس.
    ھونئن تہ ڪامريڊ بڻجڻ جو مون کي بہ ڪو گھڻو شوق نہ ھو ۽ نہ وري يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن قومپرست يا سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ھو ۽ مٿان وري بابا جي دَٻ پڻ رھي سھي ڪَسر پوري ڪري ڇڏي هئي انڪري آئون ڪامريڊن کان پري رھڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهندو ھئس، منهنجو گھڻو وقت ڪلاس ۽ لائبريريءَ ۾ ئي گذرندو هو پر پوءِ ھڪ فنڪشن ۾ مون جڏهن آڊيٽوريم حال جي اسٽيج تي ساگر کي سرمد سنڌيءَ جو ڳايل مشهور انقلابي گيت
    "مان نٿو مڃان مان نٿو مڃان
    انڌي دَستُور کي بي تُڪي تُور کي
    مان نٿو مڃان، مان نٿو مڃان..." ڳائيندي ٻڌو تہ مان رھي نہ سگھيس، ڌرتيءَ ۽ قوم سان محبت جو جذبو سيني اندر ڇوليون هڻڻ لڳو، ھڪ عجيب بيقراري ھئي جا پل پل وڌندي پئي وئي، پاڻ کي گھڻو ئي روڪيو پر دل ساگر ڏانھن ڇڪجندي ٿي وئي، من اندر مانڌاڻ متل ھو، ڄڻ تہ سڀ ڪجھ بدلجي رهيو ھو.
    ان ئي ڏينهن شام جو نيٺ دل ھٿان مجبور ٿي ساگر سان ملڻ سندس روم تي ھليو ويس، پھريان تہ ھو گھڙي کن مون کي حيرت ڀريل نظرن سان تڪيندو رهيو، ھن جي ھٿن ۾ ھڪ ڪتاب هو جنهن کي ھن ڀرسان پيل ننڍڙي ٽيبل تي رکيو، ڪامريڊن کان پري پري رھندڙ مون جھڙي خاموش طبیعت شاگرد کي پنهنجي روم تي ڏسي شايد ھن کي پنهنجي اکين تي يقين نہ پئي آيو پر پوءِ ھن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ مسڪرائيندي پنھنجو ھٿ مون ڏانهن وڌايو جنهن کي مون وڏي پاٻوھ سان پنهنجي ٻنهي ھٿن ۾ جھلي ورتو، ھن جا ڪجھ ٻيا دوست بہ پھچي ويا، ساگر جلديءَ ۾ چانھ ٺاھي ورتي جنهن کي ڪچھريءَ دوران پيئندي ڏاڍو مزو آيو، سندس ڳالھين ۾ تمام گھڻو ميٺاج ھو، عجيب سُرور ۽ سحر ھو ھن جي گفتگو ۾ جيڪو گڏ ويٺل ھر شخص تي طاري ٿي ويندو هو، ڇا تہ رعب ۽ ڪشش ھئي سندس شخصيت ۾، ڪچھريءَ دوران مون محسوس ڪيو تہ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مسئلن تي بحث ڪرڻ تہ ڪو ساگر کان سکي، ھر وقت کيس ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن جي پريشانين ۽ اھنجن جو اونو ۽ فڪر رھندو ھو.
    ان پھرين ڪچھريءَ ۾ ئي اسان جي وچ ۾ پنھجائپ ۽ دوستيءَ جو ناتو جڙي پيو، ھاڻ آئون ھن سان ملڻ لاءِ بيقرار رھندو ھئس ۽ جيئن ئي ڪجھ گھڙيون واندڪائي ملندي هئي آئون ساگر کي وڃي ڳولي لھندو ھئس، ڪڏهن فيڪلٽي پارڪ ۾، ڪڏهن لائبريريءَ ۾ تہ وري ڪڏهن المنظر جي من موهيندڙ ماحول ۾ ويھي ڪچھريون ڪرڻ ھاڻ معمول بڻجي ويو هو، ساگر سان ملڻ کان پوءِ ئي مان پنهنجي سيني ۾ ڌرتيءَ ۽ مسڪين ماروئڙن جو درد محسوس ڪرڻ لڳو ھئس جيڪو آھستي آھستي وڌندو ٿي ويو پر الائي ڇو چاھيندي بہ آئون سندس پارٽيءَ ۾ شامل نہ ٿيس ۽ نہ ئي وري ڪڏهن ساگر بہ مون تي اھڙو زور ڀريو، شايد ڪو لڪل خوف ھو جنھن مون کي ڪنهن قومپرست پارٽي يا تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي رکيو ھو.
    ھاڻ آئون جڏهن بہ ڪجھ ڏينهن لاءِ ڄامشوري کان ڳوٺ آيس ٿي تہ سؤٽن، ماساتن ۽ ڳوٺ جي دوستن سان پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد بيان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو ھئس، قوم سان ٿيندڙ زيادتين تي ڳالھائڻ لڳو ھئس جنهن تي ھو سڀ مون کي "ڪامريڊ" چئي ٽوڪيندا رھندا ھئا، جڏهن اھا سُڌ بابا کي پئي تہ ھو تپي ويو، تمام گھڻو ڪاوڙجي ويو ھو، ھڪ ڀيري تہ گھران ڪڍڻ جي ڌمڪي پڻ ڏنائین پر آئون تڏهن بہ ڪونہ مُڙيس، نيٺ بابا مون کي "نافرمان" ۽ "بي حيا" جي لقب سان نوازي ماٺ ڪئي ۽ ٻيھر ڪڏهن بہ ڪجھ نہ چيائين انڪري آئون بہ بابا جي سامهون وڃڻ کان لنوائڻ لڳو ھئس.
    ساگر جو جنم سمنڊ جي ويجهو لاڙ جي زرخيز ٻنين جي وچ ۾ آباد ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو ھو، ڇٽيءَ جو نالو تہ ڪو ٻيو ھئس پر ننڍپڻ کان ئي سمنڊ سان گھِرو ناتو ۽ پيار ھجڻ ڪري پاڻ کي ساگر سڏرائيندو ھو، وشال سمنڊ جي ڇولين سان کيڏندي ھن جوانيءَ ۾ پير پاتو هو، کيس پنهنجي ڌرتيءَ وانگر سمنڊ سان پڻ وڏو چاھ ھو، ھو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ شاگرد تنظيم جو اڳواڻ هو، سھڻي سيرت، بھترين پرسنالٽي ۽ يونيورسٽي انتظاميا جي ناجائزين ۽ بدعنوانين خلاف ھر وقت سرگرم رھڻ سبب يونيورسٽيءَ ۾ ھو تمام گهڻو پاپولر شاگرد اڳواڻ بڻيل ھو، يونيورسٽيءَ ۾ ۽ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر پڻ ھن جا تمام گهڻا دوست ھئا، سٺي ڪردار ۽ سھڻي ورتاءُ سبب جیئن ھو سوين شاگردن ۽ تعليم دوست استادن جي اک جو تارو بڻجي پيو هو تيئن ئي يونيورسٽيءَ جي ڪَرپٽ انتظاميا ۽ تعليم دشمن عنصرن جي اکين ۾ ٻاٻري ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳو، جيئن جيئن ھن جو نانءُ گلاب ۽ موتئي جي سرھاڻ جيان سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پکڙجڻ لڳو ھو تيئن ئي ھن جي خلاف سازشون سٽجڻ لڳيون، ساگر ۽ سندس ساٿين جي پيچرن تي ڪنڊا وڇائجڻ لڳا پر ھنن ڄڻ تہ ڪنھن کان ڊڄڻ سکيو ئي نہ ھو جنھن ڪري مخالف شاگرد تنظيمن ۽ يونيورسٽي جي بدعنوان ڪامورن جون ننڊون حرام ٿيڻ لڳيون، ھاسٽلن ۽ آفيسن ۾ ساگر کي خاموش ڪرڻ لاءِ تدبيرون شروع ٿي ويون، شروع ۾ ساگر کي مختلف طريقن سان ڌمڪيون ۽ داٻا دڙڪا ڏنا ويا، ريسٽيڪيٽ ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي پر ساگر ڪنھن ڌمڪي يا دڙڪي کان ڊڄي خاموش ٿيڻ وارن مان نہ ھو، اھو ئي سبب هو جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر شاگرد تنظيمن وچ ۾ فسادن جي ابتدا ٿي وئي، شروع ۾ تہ ننڍا ننڍا جھيڙا ٿيا جن تي انتظاميہ ڪنٽرول ڪري ٿي ورتو پر پوءِ بہ ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪو وڏو جھيڙو ٿي پوندو ھو جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون خوف کان يونيورسٽي ڇڏي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ھليا ٿي ويا ۽ جيستائين امن جو پکي واپس نہ ٿي وريو تيسين اھي ڊنل شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ واپس نہ پئي آيا.
    ايئن ئي اسان جو تعليمي سفر پنهنجي منزل طرف وڌندو رهيو، ياد اٿم يونيورسٽي ۾ اسان جو آخري سال ھو، امتحان ويجھو ھئا، امتحانن جون تياريون شروع ٿي چڪيون ھيون جو اوچتو ڪنهن ڳالھ تي ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ وڏو جھيڙو ٿي پيو هو جن مان ھڪ تنظيم اھا پڻ ھئي جنھن جو اڳواڻ ساگر ھو، فائرنگ ۽ پٿراءُ ۾ ٻنهي تنظيمن جا ڏھ ٻارنهن شاگرد زخمي ٿيا ھئا، يونيورسٽيءَ جي فضا ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ھو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بوٽن جا آواز ھاسٽلن ۽ ڪلاسن ۾ گونجي اٿيا، يونيورسٽيءَ تي ھڪ دفعو ٻيھر خوف ۽ دھشت جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا ويا جن ۾ ساگر پڻ شامل ھو، گرفتار ڪيل شاگردن تي مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪجھ ئي ڏينهن اندر عدالت گرفتار شاگردن کي ارڙهن مھينا قيد جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو، ان فيصلي جي ردعمل ۾ سڀني شاگردن سخت احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪيون، ڪلاسز جو بائڪاٽ پڻ ڪيو پر ڪجھ نہ وريو، ڪجھ ڏينهن تائين ڇڪتاڻ واري صورتحال رھڻ بعد آھستي آھستي حالتون بهتر ٿيڻ لڳيون، دوستن سان گڏجي آئون اڪثر ساگر سان ملڻ لاءِ سينٽرل جيل ھليو ويندو هئس پر امتحان شروع ٿيندي ئي ھن سان ملڻ جو سلسلو اھڙو تہ ختم ٿيو جو ٻيھر ڪڏهن بہ ھن ڏانھن نہ وڃي سگھيس، ڪڏهن ڪڏهن ساگر جي ياد ڏاڍو اداس ڪري ڇڏيندي ھئي پر ڳوٺ کان ايڏو سفر ڪري ھن وٽ وڃڻ جي ڪڏهن ھمت نہ ساري سگھيم.
    سنڌ يونيورسٽيءَ مان زولاجي شعبي مان ڊگري ملندي ئي مون نوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪئي، قسمت مڙيئي چڱي ھجڻ ڪري جلد ئي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سٺو عھدو ملي ويو، نوڪري ملي تہ مصروفيتون حد کان وڌي ويون ۽ آھستي آھستي ساگر جون يادون ذھن جي پردي تان مِٽجڻ لڳيون پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ياد شدت سان اچي تڙپائي ڇڏيندي هئي.
    ٻين کاتن وانگر فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ بہ ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻ باھ سان کيڏڻ مثل آهي، ھن کاتي ۾ بہ وڏيرن ۽ سردارن جي حڪم تي لبيڪ چوندڙ ڪامورن جون تہ ڏھ ئي آڱريون گيھ ۾ آھن پر فرض شناس آفيسرن کي ايمانداريءَ جي جرم ۾ ڏاڍو تنگ ٿو ڪيو وڃي، اَٺن سالن جي سروس ۾ مون کي پڻ ڊپارٽمينٽ ۾ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ سبب ڪيترن ئي سردارن ۽ وڏيرن سان مھاڏو اٽڪائڻو پيو پر آئون ڪٿي بہ قبضي هيٺ آيل ايراضيءَ تان مڪمل قبضو ڇڏرائڻ ۽ ٻيلو پوکرائڻ ۾ سوڀارو نہ ٿي سگھيس ڇاڪاڻ تہ قابض وڏيرن ۽ سردارن جي طاقت منهنجي پوسٽ کان وڌيڪ ھئي، آئون وڏيرن جي ڌمڪين کان نہ پئي ڊنس انڪري مون کي ٽرانسفر ڪرائي رستي تان هٽايو ٿي ويو پر مون پنهنجي عھدي ۽ فرض سان ڪڏھن ڌوڪو نہ ڪيو ڇو تہ ننڍپڻ کان ئي مون کي وڻن ۽ ٻيلن سان چاھ آهي انڪري ئي مون وڏي محنت ڪري فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جوائن ڪيو ھو، آئون بيدرديءَ سان وڍجي ويل ٻيلا ھڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪرائڻ جي جستجو ۾ رڌل ھيس پر منهنجي ان ڪوشش کي ھر ڀيري ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو ٿي پيو، جڏهن بہ آئون ڪنھن ٻيلي تان قبضو مڪمل طور ختم ڪرائڻ جي ويجھو پھچندو ھئس تہ قابض وڏيرا پنهنجي سياسي طاقت کي استعمال ڪندي منهنجي ان ضلعي مان ئي بدلي ڪرائي پيا ڇڏين، مھينو کن اڳ بہ اتر سنڌ جي ھڪ دريائي ٻيلي تان اتان جي ھڪ ايم پي اي جو قبضو هٽائڻ جي ڪوشش دوران جڏهن مون کي ٽرانسفر ڪري ٺٽي موڪليو ويو تہ دل ٽُٽي پئي ھئي، وڏيرن ۽ مِنسٽرن جي ڳَٺ جوڙ ۽ پنهنجي محدود اختيارن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ھئي، وڻن، ٻيلن ۽ فطري سُونھن جي دشمن سماج کان جا نفرت جي باھ ننڍپڻ کان سيني ۾ ٻرِي پئي تنهن ۾ شدت اچي وئي ھئي ۽ پنھنجي ڊپارٽمينٽ مان پڻ ويساھ کڄڻ لڳو ھو پر دل تي پٿر رکي اُتر کان لاڙ ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ھئس.
    ٽُٽل دل کڻي ٺَٽي پھتو ھيس، لاڙ ۾ بہ ٻيلن جي حالت مايوس ڪندڙ ھئي، ھت بہ سردارن ۽ ڪامورن ھٿان وڻن جي غيرقانوني واڍي عروج تي هئي، سنڌونديءَ جي ڊيلٽا ۾ تمر جا ٻيلا تہ تباهي ڪناري پهچي چڪا ھئا جن جي حفاظت ۽ بحاليءَ جو ٽاسڪ مون سنڀالي ورتو پر ھتان جا وڏيرا ۽ سردار بہ وزيرن ۽ مشيرن تائين پھچ رکندڙ ھئا جنھن ڪري مون کي پنهنجي ڪاميابيءَ جا امڪان گھٽ ٿي نظر آيا، مايوسيءَ جي اھڙي عالم ۾ مڪليءَ جي قبرستان وٽ اوچتو ساگر جو ملي وڃڻ مون لاءِ ٿر جي پياسي ۽ تتل واريءَ تي اڻ مندائتي مِينھَن جيان ثابت ٿيو ھو، ڏھن ورھين کان پوءِ ايئن اچانڪ ھن جو ملڻ منهنجي لاءِ وڏي خوشيءَ جو سبب بڻجي پيو هو، ڄڻ تہ ڪنھن ڏورانهين ڏيھ جي ٿڪل ٽُٽل مسافر کي نٽھڻ اس ۾ ڪنهن نم جي گھاٽي وڻ جي ڇانوَ ملي وئي ھجي.
    ڏھن سالن بعد مڪليءَ ويجهو ساگر سان ملڻ بعد ملاقاتن جو سلسلو ٻيھر جڙي پيو ھو، جيئن ئي واندڪائي ملندي هئي آئون ھن سان ملڻ ھليو ويندو هئس يا وري ھو مون وٽ پھچي ويندو هو، جنهن ڏينهن ڪنھن سبب ملي نہ سگھندا ھئاسين اھو ڏينهن بيچين گذرندو هو.
    ساگر ھاڻ ھڪ قوم پرست پارٽيءَ جو انتھائي سرگرم اڳواڻ بڻجي ويو هو، لاڙ ۾ موجود تيل ۽ گيس ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نہ ڏيڻ يا پاڻي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ ھو اڳڀرو رھندو ھو، ڌارين جي غيرقانوني آبادڪاريءَ جو مسئلو ھجي يا وري پانَ ۽ گُٽڪي جي ڪاري ڌنڌي خلاف ٿيندڙ مظاهرا ۽ بک هڙتالون ھجن، ساگر سڀني جي اڳيان اڳيان ھوندو ھو، شھر جو ھر ماڻھو کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندو هو، تن ڏينهن ۾ قومپرست ڪارڪنن توڙي اڳواڻن خلاف ھڪ دفعو ٻيھر باھ ڀڙڪي پئي ھئي، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ڪيترائي نوجوان کنڀجي ويا ھئا، ساگر کي مون محتاط ۽ خاموش رهڻ جي تلقين ڪئي، ڪجھ ڏينهن لاءِ کيس سڀئي سرگرميون معطل ڪري ڳوٺ ۾ ئي رھڻ لاءِ منٿون پڻ ڪيون پر ھو ڪٿي پيو رڪجي؟، ھن تہ ڪنھن کان ڊڄڻ سکيو ئي نہ ھو، قومي ڪارڪنن جو گھيرو تنگ ٿي رهيو هو پر ساگر تي مون سميت سڀني دوستن ۽ گھروارن جي منٿن جو ڪو خاص اثر نہ پيو، ۽ پوءِ نيٺ اھو اڀاڳو ڏينهن بہ اچي ويو جنهن جو خوف ساگر جي گھرڀاتين ۽ سندس مڙني دوستن جيان مون کي بہ اندران جھوري ۽ ڳاري رهيو هو.
    ان ڏينهن بہ معمول موجب صبح جو ساگر پنھنجي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان شھر پئي آيو تہ رستي تان ئي ھو کنڀجي ويو، واقعي واري هنڌ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي بقول ڪاري رنگ جي ھڪ پيجارو ساگر جو رستو روڪيو ۽ پوءِ وردين ۽ عام ڪپڙن ۾ ملبوس ڪجھ ماڻهن ساگر جي مُنهن تي ڪپڙو ڏئي کيس گاڏيءَ ۾ کڻي ھليا ويا. ساگر جي کنڀجڻ جي خبر جھنگ جي باھ جيان پکڙجي وئي، منهنجي تہ پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي، مون بار بار ساگر جو موبائل نمبر ڊائل ڪيو پر نمبر مسلسل بند ھو، ڪجھ ئي دير ۾ سَوين قومپرست ڪارڪن، باشعور طبقو ۽ عام شھري گڏ ٿي ويا، سڄو شھر بند ٿي ويو، ڀڙڪيل نوجوانن روڊن تي ٽائر ساڙيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي، سڄو ڏينهن لنگھي ويو ۽ رات بہ پنهنجا پر پکيڙي ورتا، ساگر جو ڪو ڏس پتو نہ مليو جنهن ڪري سڄي رات آئون ھڪ پل بہ سمھي نہ سگھيس، دل ۽ دماغ ۾ وسوسن جو طوفان ھليو پئي، دم گُھٽجڻ لڳو ھو ايئن ٿي لڳو ڄڻ ھوا مان آڪسيجن ختم ٿي رهي آهي.
    ٻئي ڏينهن تي بہ ساگر جي گمشدگي خلاف شھر ۾ سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي وئي پر ساگر جي ڪا بہ خبر نہ پئجي سگهي، نيٺ مجبور ٿي ساگر جو سڄو ڪٽنب ٻارڙن سوڌو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪري ويھي رھيو، آئون جڏهن ساگر جي معصوم ٻارڙن جي ھٿن ۾ ساگر جون تصويرون ڏسندو ھئس تہ دل تڙپي پوندي ھئي ۽ روح رڙندو ھو، ساگر جي ڪٽنب جي احتجاج ۽ بک هڙتال کي ڪيئي ڏينهن گذري ويا پر ساگر نہ موٽيو ۽ نہ وري سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي...
    ساگر جي گمشدگي کي مھيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪو ھو، تن ڏينهن آئون آفيس جي ڪمن ۾ ڏاڍو مصروف هيس، ان ڏينهن بہ تڪڙ ۾ ناشتو ڪري آفيس لاءِ گھران نڪتس پئي تہ موبائل تي ساگر جي ھڪ دوست جي ڪال اچي وئي، اھا ڪال نہ پر ھڪ زلزلو ھو جنهن منهنجي جسم سان گڏ روح کي بہ لوڏي ڇڏيو، شھر جي ويجھو ھڪ لنڪ روڊ تي ساگر جو لاش مليو ھو جنھن کي کڻائي سول ھاسپيٽل پھچايو ويو هو، آئون جلدي ۾ ھاسپيٽل پھتس، ساگر کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو پھتل ھئا، وڏي مشڪل سان ماڻهن جي وچ مان گذري ساگر تائين پھتو ھئس، اسٽريچر تي پيل ساگر جي بي جان جسم کي ڏسي مون کي اھڙو تہ زوردار جھٽڪو لڳو جو ٽنگن مان ساھ ڇڏائجي ويو ۽ آئون ھيٺ ويھي رھيس، سندس جسم تي بيپناھ تشدد جا نشان ھئا، ساگر جي ونِي ۽ ٻارڙن سندس لاش کي چنبڙي وڏيون دانھون پئي ڪيون ۽ پوڙھي امڙ تہ پنھنجو ھوش وڃائي چڪي هئي.
    ساگر جي موت کي چار سال گذري چڪا آهن پر سندس يادون اڄ بہ روئاري ڇڏين ٿيون، اڄ بہ صبح جو ھڪ پارڪ ۾ ورزش ڪندي ڀرسان ھڪ نوجوان لنگھيو جنهن جي موبائل ۾ سرمد جو گيت ٻڌڻ سان ئي ساگر شدت سان ياد اچي ويو ۽ بي اختيار اکين مان لڙڪ لڙي پيا..
    مان نٿو مڃان، مان نٿو مڃان
    انڌي دَستُور کي بي تُڪي تُور کي
    ، مان نٿو مڃان...
     
    معصوم سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو