سر ڪلياڻ داستان 2 بيت 3 سمجهاڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪلياڻ داستان 2 بيت 3
    شآهه جو رسالو ترتيب غلام محمد شاهواڻي
    شمارياتي تحقيق، تشريح، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ
    سُورِيءَ سڏُ ٿِيو ڪا هَلَندِي جيڏِيون؟
    وَڃَڻُ تَنِ پِيو نالو نِيہُ ڳِنَنِ جي.
    ****معنيٰ
    سولي تي چڙهڻ لاءِ سڏ ٿيو آهي. اوهان مان به ڪا هلندي سرتيون، اهي ضرور وينديون جنهن نينهن جو نالو ورتو آهي.
    ****سمجهاڻي
    رهبر لطيف جو هي بيت انهن بيتن جي ڪڙي مان آهي جنهن کي جيڪڏهن عوام سمجهي ۽ سجاڳ ٿي پوي ته معاشری ۾ انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو.
    پوري دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن ڪنهن معاشري اندر ظالم چڙواڪ بڻجي وڃي، مظلوم جي ڪو داد رسي ڪرڻ وارو نه هجي. جيڪو ڏاڍو سوگابو، قانون جي نالي تي طاقت ورن جي مفادن جو تحفظ ٿي رهيو هجي. غريب جي لاءِ انصاف نالي جي ڪا شيءَ نه هجي. مظلوم، ظلم خلاف آواز اٿاري ته ان کي بغاوت جو نالو ڏنو وڃي، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي حقن جو حساب ڪتاب گهرڻ ڏوهه بڻجي پوي. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪي پنهنجي قوم جا عاشق پنهنجي وطن جا عاشق حق جو آواز بلند ڪن ناانصافي خلاف احتجاج ڪن، ظلم برداش ڪرڻ کان انڪار ڪن، پنهنجي ڌرتي جي وسيلن جي حاصلات لاءِ جدوجهد لاءِ سندرو ٻڌن اهڙن ئي عاشقن جي زباني رهبر لطيف هي صدا بلند ڪرائي ٿو. سوري تي چڙهڻ لاءِ سڏ ٿيو آهي، ظالم کي للڪارڻ جو نتيجو سامهون آهي سامهون اجل آهي سامهون سوري آهي هي جيڪو حق جو آواز بلند ڪرڻ آهي ان جو نتيجو سوري ته چڙهڻ نڪري سگهي ٿو اوهان مان ڪو هلندو، اوهان کي به صلاح آهي اوهان کي به دعوت ڏجي ٿي ظلم جي خلاف اٿڻ لاءِ، پنهنجن حقن وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي هن ميدان تي اچڻ جي لاءِ، هاڻ اوهان جي پنهنجي مرضي آهي، اوهان مان ڪير هلي يا نه هلي پر اسان سندرو ٻڌي چڪا آهيون، اسان ضرور وينداسين ڇو ته اسان عشق جو ڪلمو پڙهي چڪا آهيون اسان نينهن نڀائڻ جو اعلان ڪري ڇڪا آهيون، پنهنجن خاطر، ڌرتي خاطر، مظلومن خاطر، ظالم خلاف ميدان سجائڻو آهي جيڪي به تڪليفون اچن برداش ڪرڻيون آهن سوري سڏ ٿيو سوري کي سجائڻو آهي، پاڻ ملهائڻو آهي. اسان نالو نينهن جو کڻي چڪا ڪلمو عشق جو پڙهي چڪا.
    *******لفظن جي معنيٰ:
    1)سُورِيءِ- سولي، 2)جيڏيون-سرتيون،اديون
    3) نيهَه-نينهن، عشق
    ****بيت جي شمارياتي سمري
    سٽون 2
    لفظ 13
    نقطن وارا اکر 10
    بغير نقطن وارا 8
    ڪل اکر 18
    ورجاءُ سان ٽوٽل اکر 42
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو