ڊاڪٽر ساجد عباسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    مشهور چوڻي آهي ته عمر کان وڌيڪ ماڻهو جو ڪردار زنده رهندو آهي.
    اهو ماڻهوءَ جو مُثبت ڪردار ئي هوندو آهي، جنهن کي تاريخ سونهري لفظن ۾ ياد رکندي آهي.
    دنيا جي تاريخ وڏن ماڻهن جي مثالن سان ڀري پئي آهي، جن وٽ ڪنهن به قسم جي نه سهولت هئي، نه ئي ڪو ظاهري سهارو،تنهن هوندي به انهن منزل ماڻي وڏو نالو ڪمايو ۽ پنهنجي سموري زندگي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ حوالي ڪري ڇڏي آهي.
    سنڌ جي ترقي پسند شاعر شيخ اياز جي هن سٽ وانگر "اڃا رُڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي"؛ اسان سنڌ واسين وٽ به ڪي حقيقي مسيحائي ڪردار موجود آهن، جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ سنڌ جو ناليوارو انسان دوست ڊاڪٽر اديب رضوي قابلِ ذڪر آهي.
    ساڳي طريقي سان اسان لاڙڪاڻي واسين وٽ به ائين هڪ نوجوان مسيحي ڪردار ڊاڪٽر اديب رضوي جي روپ ۾ ساجد عباسي موجود آهي، جنهن پڻ پنهنجي زندگي عيش عشرت ڪرڻ بدران غريب، مستحق، مسڪين، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جي مالي مدد ۽ بي لوث خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.
    جنهن جو زنده وڏو مثال هن پرائيويٽ ڪلينڪ کولڻ بدران "ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ" کولي آهي، جنهن پليٽ فارم تان هي سنڌ جي غريب، مستحق، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪرڻ واري جذبي سان مصروفِ عمل آهي.
    ڊاڪٽر ساجد عباسي جو چوڻ آهي ته منهنجو نعرو "سڀ کان پهرين انسانيت" آهي.مون وٽ ڪنهن به قسم جي ذات پات، رنگ نسل، مذهب يا فقري جو بنياد ئي نه آهي، مان سڀني کي برابر نظر سان ڏسندو آهيان، مونکي خيال آيو ته ڇو نه هن مختصر ۽ عارضي زندگيءَ ۾ انسانيت جي خدمت ڪجي، ڇو نه اهڙو ماحول ٺاهجي جتان سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي مفت ۾ خدمت ڪجي، انهن جو مفت علاج ڪجي،انهن کي مفت دوائون ڏجن، انهن جون مفت ٽيسٽون ڪجن، انهن کي وڏن وڏن ناليوارن وارن ڊاڪٽر کان مفت علاج وٺي ڏجي،انهيءَ خيال اچڻ ڪري مان ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ کولي آهي.
    اسان وٽ اهو وڏو الميو آهي جو آئي ڏينهن پرائيويٽ سينٽر کولڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پر ويلفيئر ٽرسٽ يا سماجي ڀلائي وارن ادارن کلڻ جي شديد کوٽ محسوس ٿيندي پئي وڃي، جيڪي ادارا کليل آهن، اهي مالي بحران جو شڪار آهن، انهن کي ڊونيٽ ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي. جيڪا نالي ماتر مالي امداد ملي به پئي، سا به ادارن جي اخراجات کان بنھ گهٽ آهي.
    ڊاڪٽر ساجد عباسي جو چوڻ آهي ته مان ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ هلان پيو، پر گهڻن کي اجائي شڪايت به آهي، ماڻهو ته رب جي ذات مان به خوش ناهن، وس آهر عوام جو علاج ڪيان پيو.
    هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مونکي جتي به ڪنهن فري ميڊيڪل ڪئمپ جي دعوت ملندي آهي ته مان اتي بنا ڪنهن دير جي پهچي ويندو آهيان.
    منهنجي زندگيءَ جو نصب العين ئي انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، مونکي ان ڳالھ جي بلڪل به پرواه ڪانهي ته ماڻهو ڇا چوندا؟، منهنجو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، جيڪو مان جاري رکندو اچان پيو، مونکي ماڻهن جي ڪمينٽ جي به ضرورت ناهي ته هو منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ رکن ٿا، منهنجي باري ۾ ڇا ٿا چون، انسان کي ڀلائي واري ڪم ۾ صرف نيڪ نيتي ۽ پُختو ارادو گهربل هوندو آهي. عوام ته سنڌ جي سيوڪ عبدالستار ايدهي مان به خوش نه هئا، مون ڪڏهن به ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪم ناهي ڪيو، نه ئي اهڙي نيت ئي ارادو رکان ٿو.

    توهان هر روز ڪيترا مريض مفت ۾ ڏسندا آهيو واري سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ آهي ته سومر کان ڇنڇر تائين مريضن جي او پي ڊي 80 کان 100 مريضن تائين هوندي آهي.
    آچر واري ڏينهن مان پنهنجي رضاڪاراڻي ٽيم سان گڏ مختلف ڳوٺن ۾ بڪين جي بيماري جي باري ۾ آگاهي مهم پڻ هلائيندو آهيان.
    سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽن سالن کان لڳاتار ماهوار فري ميڊيڪل ڪئمپ به مختلف ڳوٺن ۾ لڳائيندو رهندو آهيان، جنهن ۾ سوين مريضن جو علاج، ٽيسٽون ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون آهن.

    ڊاڪٽر ساجد عباسي ٻڌايو ته پنج آڱريون برابر نه آهن، سڀئي ڊاڪٽر به هڪجهڙا نه آهن، انهن ۾ جيڪڏهن 10 بيڪار آهن ته 5 ضرور انسان دوست ڊاڪٽر آهن، اسان سڀني کي گڏائي اجتماعي طور غلط نه ٿا چئي سگهون، جيڪڏهن انتظام صحيح ناهي هوندو ته به اسان ڊاڪٽرن کي غلط ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيون، ان ۾ ڊاڪٽر حضرات ته قصور وار ناهن، اهو ايڊمنسٽريشن جو مسئلو آهي، جيئن تازو لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي، انهن ۾ به عوام ڊاڪٽرن تي ناراض ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر تي ئي غير ضروري تنقيد جا تير وسايا آهن.
    توهان سان ٻيا ڊاڪٽرس ڪيترا سهڪاري آهن؟ واري سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ آهي ته 250 کان 300 ڊاڪٽر مون سان ان نيڪ ڪم ۾ گڏ آهن، جڏهن غريب ۽ بي پهچ مريض مون وٽ علاج واسطي ايندا آهن ۽ کين مختلف بيماريون ظاهر ٿينديون آهن ته مان پنهنجي ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ جي ليٽر پيڊ تي انهن ڊاڪٽرن ڏانهن کين رفر ڪندو آهيان ته اهي ڊاڪٽر ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ جي ليٽر پيڊ هجڻ ڪري مريضن جو پرائيويٽ طور مفت چيڪ اپ ڪندا آهن، لاڙڪاڻي جون پرائيويٽ لئبارٽيون به %50 تي ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ جي ليٽر پيڊ ڊسڪائونٽ ڪنديون آهن، جنهن سان سنڌ جي مسڪين، غريب ۽ لاچار عوام کي وڏو فائدو پهچندو آهي.
    ڪيترائي الله لوڪ ۽ خدا ترس ماڻهو پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هر مهيني ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ ادراي کي مفت دوائون ڊونيٽ ڪندا آهن، ڪيترائي الله جا پيارا ٻانها هر مهيني اداري کي ڊونيٽ ڪندا آهن، جنهن جي قيمت مان اسان غريبن جو علاج ڪندا آهن.
    ڪرونا وائرس جهڙي موذي مرض ظاهر ٿيڻ سبب لاڙڪاڻي سميت پسگردائيءَ جي علائقن جا هزارين خاندان بي روزگاري سبب ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هيا، اهڙن مجبور خاندانن جي درد کي پنهنجو درد محسوس ڪندي ممتاز ويلفيئر آرگنائيزيشن انهن وچ ۾ وڏي پئماني تي راشن ويهاريو آهي، نه صرف ايترو پر هر عيد تي مسڪين، مستحق، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن ۾ اسان پنهنجي ادراي طرفان عيد جو راشن، بيوه عورتن ۾ ڪپڙا ۽ معصوم ۽ يتيم ٻارن ۾ خرچون ورهائيندا آهيون، اسان جو اهڙو شفاف ۽ احسن عمل ڏسي ڪيترائي درد رکندڙ ماڻهو اسان جي مالي مدد ڪندا آهن.
    سندس چوڻ آهي ته اسان لاڙڪاڻي باءِ پاس تي جتي موجوده ممتاز ويلفيئر ٽرسٽ جي آفيس آهي، ان جي لڳو لڳ ڏھ هزار فوٽ پلاٽ ورتو آهي، جتي انشاءاللہ تمام جلد "لاڙڪاڻو انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ترانسپلانٽ"
    "Larkana Institute of eurology and transplant"
    سينٽر جو ڪم شروع ڪرائبو،جنهن ۾ اسان کي سگهاري مالي تعاون جي ضرورت گهربل آهي مان سرندي وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان جي ان نيڪ ۽ فلائي ادراي جي تعمير ۾ مدد ڪن ته جئين اسان جلد کان جلد اهڙو ادارو ٺاهي عوام الناس جي خدمت ڪري سگهون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو