ڪتاب "انوارالاولياءِ لُواري شريف" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪتاب "انوارالاولياءِ لُواري شريف" جو سرسري جائزو..!
    فقير محمد سنڌي.
    ايمان سلامت هر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هو،
    منگين ايمان، شرماون عشقون، دل نون غيرت هوئي هو،
    جس منزل نون عشق پچاوي، ايمان نون خبر ڪوئي هو،
    ميرا عشق سلامت رکين باهُو، ايمان نون ديان ڌورئي هو.
    ( سلطان باهو ).
    سنڌ ڌرتيءَ تي تصوف جو رنگ عشق جي پوئواري ڪري ٿو، جو وڏي رياضت، عبادت ۽شاعريءَ ۾ فن ڪاريگري سان پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهي ٿو ۽ ٿيندو رهندو . تصوف جو هر نڪتو دانائي ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻ تي آهي. جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو تنهن ڄڻ يار کي سڃاتو. "انوارالاولياءِ لُواري شريف" به تصوف جي رمزن کي ظاهر ڪري ٿو. ممتاز مرزا جون خدمتون قابل احترام آهن جنهن وقتن به وقت عشق جي ثمر مان ڪجھ موتي مهيا ڪيا آهن . اهو عشق ئي آهي جنهن سائين بخش قبولائي کي هن پاسي پاڻ پرکڻ جو موقعو ڏياريو . ممتاز مرزا کي به لواري جي گادي ڌڻي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سٺو ٿيڻ به ڪنهن ڪنهن جي طبيعت ۾ شامل هوندو آهي، ڪنهن کي پري کان ڏسي، لبن تي مسڪراهٽ اچي، سمجهجي ته اهو چهرو تنهنجو محبوب آهي. تڏهن لواري شريف کي شيراز جي شهر سان تشبيهه ڏني اٿس.
    "هيءُ روحاني ۽ علمي مرڪز، جنهن کي سنڌ جو شيراز سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ هن درگاھ جا بزرگ سندن عقيدت مند، محبت ڪرڻ وارا هزارين عارف، عالم ۽ شاعر ٿيندا رهيا آهن ۽ قيامت تائين ٿيندا رهندا." تن جي فيض مان لواري شريف جا معتقد ۽ سموري سنڌ معرفت جو درس پيا ڏيندا.
    دنيا جي اندر تصوف جي پرچار ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون آهن پر عشق مشڪلاتن سان با آساني منهن ڏنو آهي. تاريخ ۾ منصور بن حلاج، شمس تبریز، سلطان باهو، شاھہ لطيف، قلندر شهباز ۽سچل سرمست سميت ڪيترائي اهل فڪر آهن جنهن تصوف جي پروگرام جي پرچار ڪئي آهي.
    سچل سرمست سائين فرمائي ٿو ته :
    جان مون ملان هوت، تيسين تائين نه مران،
    مادر تائين موت، اهم اٿم آسرو.
    سچ جي مخالفت ڪندي، ڪوڙ کي وقت سر ڪاميابي ملي جن درگاھ کي بند ڪرائي ڇڏيو، نه سچ هوندو نه ئي ٻڌبو. جيئن لواري شريف سان ٿيو آهي. جيئن سائين بخش قبولائي پنهنجي پاران ۾ اهڙي سڌ ڏني آهي.
    "درگاھ جا سياسي ۽ مذهبي مخالف توڙي ستين گادي نشين جا مخالف رشتيدار تاريخ 9 جولائي 1983ع تي درگاھ شريف کي عام زيارت کان بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا، جنهن ڪري 37سال درگاھ شريف بند رهي. جيئن ته هاڻي تازو سنڌ حڪومت طرفان تاريخ 24جنوري 2020ع تي جمعي جي ڏينهن درگاھ لُواري شريف کي ٻيهر عام زيارت لاءِ کوليو ويو آهي. در اصل حڪومت سنڌ جو اهو ڪارنامو تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو.. "
    مولانا روميءَ جون عشق وارن لاءِ هن ريت فرمايو آهي ته :" محبت ڪنڊن کي گلاب ۽ سرڪي کي شراب بڻائي ٿي سگهي، محبت جي راھ ۾ ڦاهيءَ تي چڙهڻ وارو محسوس ڪندو آهي ته عزت جي تخت تي بلند ٿي رهيو آهيان. محبت جو وزن به ڏاڍو دل کي وڻندڙ آهي، محبت قيد خاني کي گلستان بڻائي ڇڏيندي آهي."
    ڪنهن ڏاهي جي چوڻي آهي ته :" نوراني حسن، محبت جو وڻ اعتماد جي سهاري قائم رهندو آهي، اعتماد ته ان جي جڙ ۽ بنياد آهي. اگر اعتماد نه هجي ته محبت جلد ختم ٿي ويندي ۽ زندگي تلخين جي نظر ٿي ويندي. اعتبار( اعتماد ) محبت کي نوراني حسن عطا ڪندو آهي."
    ڪتاب جو مهاڳ تصوف جي ڄاڻو ۽ لُواري شريف جي عقيدت مند، جوڻيجو سائين بخش قبولائي لکيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو ته :-" سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ 'لواري شريف' اهڙو منفرد روحاني فيوضات جو مرڪز آهي، جتان هر دور ۾ سنڌ ۽ هند کان علاوه، عرب وعجم جا ماڻهو به روحاني فيض جي درياءَ مان پنهنجي اُڃ اوجهائيندا رهيا آهن. انهيءَ عظمت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي ڪيترن ئي عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن پنهنجي قلم جي ڪرت ذريعي 'لواري جي لالن ' جي ساراھ ۽ واکاڻ جا ڍُڪ ڀريا آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ تذڪرا لکيا آهن، جن ۾ خاص طور تي مرحوم ممتاز مرزا صاحب به قابل ذڪر آهي. "
    حضرت خواجہ ابوالمساڪين شيخ محمد ٺٽوي ثم مڪي قدس سره 1683ع 1094ھ ۾ ٺٽي ۾ جنم ورتو. 10اپريل 1737ع تي 9 ذوالحج 1149ھ ۾ 55 سالن جي عمر هي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو آخري آرام گاهه مڪي مڪرم ۾ اٿس. سندن مبارڪ اسم محمد هو. پاڻ خواجه محمد اشرف رح جا فرزند ۽ حضرت مخدوم محمد آدم رح جا پوٽا هئا.
    سچائيءَ جي جملي کي تصوف جا پيروڪار موج، مستي ۽عشق جو ڀنڊار ٿا سمجهن. پر اهڙي ڳالهه ڪو ڪو ٿو سمجهي.
    سوين ڪلام جاري مون پڙهيا،
    اثر ڪلامن ڪونه ڪيو مون،
    اول ڄاتم پوءِ سڃاتم،
    آهي توريءَ ڪونه ٻيو مون،
    سچو سارو سر حقاني،
    ڪيئن چوان آهي ڪير ٿو مون.
    لواري شريف شريعت ۽ طريقت جو درس ٿو ڏي، اهي پنهنجو شعار شريعت ۽ طريقت ابتڙ ڪيئن پيش ڪندا اهو ممڪن ئي ڪونهي.
    "لُواري شريف ۾ 9 ۽ 10 ذوالحج تي حج ٿئي ٿو، ان صورتحال جي پسمنظر ۾، حضرت خواجه احمد زمان قدس سره جن واضع طور اعلان ڪيو جنهن ۾ پاڻ فرمايائون : هن وقت ساريءَ سنڌ ۾ بلڪه سنڌ کان ٻاهر به اسان جي طريقت جا مخالف عام طرح هي غلط فهمي پيدا ڪري رهيا آهن ته اسان درگاھ لُواري شريف ۾ 9 ۽ 10 ذوالحج تي عرفات جي حج جو نقل ڪريون ٿا، جو بلڪل ڪوڙ ۽ افتراع آهي .... اسان ﷲ جي توحيد کي ايمان جي رڪن ۾ اول سمجهون ٿا ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي رسالت تي اسان جو ايمان ڪامل آهي ۽ حضور رسول ﷺ کي نبي آخر زمان مڃون ٿا ۽ روزي، نماز، حج، زڪوات ۽ ٻين آرڪانن تي يقين رکون ٿا ۽ اسان جو قبلو اهو ئي آهي جو سڀني مسلمانن جو آهي. يعني : ڪعبه مڪه مڪرم ۽ اسان جو قرآن جي صداقت تي پورو ايمان آهي. اسان جو طريقو نقشبندي عاليه آهي. "
    مطلب ته لُواري شريف جا لال روشن ڏيئي مثل آهن. جنهن جي پشت اسلام جي تعليمات جي پرچارڪ ڪري ٿي."انوارالاولياءِ لُواري شريف "ڪتاب ممتاز مرزا ۽ سائين بخش قبولائي جي محنت جو ڦل آهي جيڪو اسان تائين پهتو آهي.هن ڪتاب ۾ معجزا، اولياءَ جون حقيقي ۽ معني خيز ڳالھيون جيڪي زندگيءَ کي آساني سان سنواري سگهن ٿيون. اخلاقيات جون ڪافي رمزون سج جيئان روشن ۽ اتساهه جو سبب پڻ آهن.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل بشير احمد هيسباڻي مدلل نموني سان پيش ڪيو آهي. جهڙو آهي سهڻو بيڪ ٽائيٽل تهڙي آهي ممتاز مرزا جي زندگيءَ جي محنت جي عڪس بندي ۽ لطيف سرڪار ۽ لواري شريف جي عاشق جي تصوير به ڪمال جي آهي.
    آخر ۾ سلطان اولياءَ جو فرمان آهي ته :
    تانسين تون نه فقير، تانسين سانگ سسيءَ جو،
    ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو