سنڌ جو ناليوارو خطيب، سياستدان ۽ عالم شھيد خالد محمود سومرو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سنڌ جو ناليوارو خطيب، سياستدان ۽ عالم شھيد خالد محمود سومرو
    غلام همت آنم که زيرِ چرخِ کبود،
    ز هرچه رنگِ تعلق پذير آزاد است.
    (حافظ شيرازي).
    آئون ان شخص جي همت جو غلام آهيان، جو هن نيري آسمان جي هيٺان، لاڳاپي جو اثر قبول ڪندڙ هر شيء کان آزاد آهي. حافظ شيرازي جي ان شعر وانگر سنڌ جو ارڏو پٽ شھيد خالد محمود سومرو به ڪڏهن به غلامي جو اثر قبول نه ڪيو، دنيا جو دستور آهي ته، قومن جي بھتر سوچ، آزادي جو داستان قوم جي اڳواڻ جي رت سان لکيو ويندو آهي. ڊاڪـٽـر خـالـد محمـود سـومـرو ،مولانا علي محمد حقانيءَ جي گھر 7 مئي 1959ع تي ڳوٺ عاقل جيڪو سنڌو جي ڪپ تي آهي، انهيءَ سدا بهار علائقي۾ جنم ورتو، جيڪا لاڙڪاڻي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي .مئٽرڪ 1974ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري هاءِِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. 1976ع تي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪري، ايم .بي .بي .ايــس 1984ع ۾ چــانــڊڪــا مـيـڊيـڪـل ڪـالـيـج لاڙڪـاڻـي مان ڪيائين .1986ع ۾ بـيـن الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد مان تربيت عامه جو ڪورس ڪيائين، اهڙيءَ طرح تعليم جي سفر جاري رکندي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم .اي( اسلامڪ ڪلچر )۽الازهر يونيورسٽي قاهره( مصر)مان پڻ اسلامڪ ڪلچر ۾ايم .اي ،ڪيائين . ڊاڪٽر خالد محمود سومرو تعليم سان گڏوگڏ مذهبي، سياسي ۽سماجي مسئلن طرف ڌيان ڏنو، جنھن جي ڪري هر فورم تي پنهنجو موقف مضبوطي سان پيش ڪيو. جنهن جي ڪري ڊاڪٽر صاحب عوامي سطح تي سٺي مقبوليت حاصل ڪئي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ مذهبي ۽ عوامي مسئلن لاءِ وقف ڪئي هئي.
    شيخ فرازي جون سٽون ذهن تي تري آيون آهن ته:
    هي ذهن ۾ رک ته ڪجھ ڪرڻو آهي،
    هي ذهن مان ڪڍ ته ڇا ٿيڻو آهي.
    هي ذهن مان ڪڍ ته ڏيندي قوم ڇا!؟
    هي ذهن ۾ رک ته ڪجھ ڏيڻو آهي.
    ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عالم ،ليکڪ ،ڪالم نگار ،خطيب ،مقرر، سياستدان، ديني ،اصلاحي ۽ انقلابي موضوعن تي شاعري به ڪئي. خالد محمود سومرو سٺو مبلغ، پرجوش مقرر،مذهبي ۽ سياسي جلسن کان سواءِ مدرسي ۾ جمعي ڏينهن تي ڪيل تقريرن جون 300 کان وڌيڪ ڪيسيٽون رليز ٿيون جنهن مان هن وقت تائين مذهبي معاملن واري زندگيءَ ۾ اهي تقريرون مثبت تاثر ڏئي رهيون آهن،
    خالد محمود سومري جو سياسي طور تعلق جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان گروپ سان رهيو، جنهن جو هو 1988ع کان وٺي سنڌ صوبي جو سيڪريٽري رهيو۽ 1990ع کان جماعت جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن به رهندو آيو. جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي جو ناظم اعليٰ ،جامع مسجد صديق اڪبررضه لاڙڪاڻي جو 1988ع کان خطيب ۽ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ عيد نماز جي اجتماع جو پيش امام جا فرائض به انجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مذهبي جماعت سان تعلق هوندي به سنڌ جي اهم اشوز تي پنهنجو موقف چٽي طرح رکندو رهيو، جنھن ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اشو سنڌين کي روڊن تي آندو انھي عوامي ميڙ سان ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به گڏ هيو، صرف گڏ نه هيو پر پاڻيءَ جي معاملي تي پرزور احتجاج ۾ شريڪ رهيو ۽ مذهبي طور تي عالمن کان فتوي به ورتائين ته سنڌو درياهه تي پهريان پڇڙي وارن جو حق آهي. اهڙي طرح سينيٽ جو رڪن هوندي به ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي اهم مسئلن تي ايوان کي آگاهي ڏيندو هو. خالد محمود سومرو محترمه بينظير ڀٽو( شهيد )جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊ پڻ وڙهيو ،پر ناڪام ٿيو. خالد محمود سومري کي سندس علمي ۽ مذهبي خدمتن عيوض 1988ع ۾ مفتي محمود اوارڊ ۽ 1990ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي اوارڊ به مليا .اسلامي پرچارجي سلسلي ۾، مصر ،برطانيا ،سعودي عرب ،متحده عرب امارات ،دوحه ۽ قطر جا پرڏيهي دورا به پڻ ڪيا .ڊاڪٽر خالد محمود 1983ع ۾ شادي ڪئي ،کيس ڇهه پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جميعت علماءِ اسلام پاران پاڪستان جي سينيٽ جو ميمبر هو .لاڙڪاڻي ۾ دودائي روڊ تي واقع جامع مسجد ۽ حقاني مدرسي جو سرپرست اعليٰ به هو. ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي صبح جي نماز وقت سکر ۾ 29 نومبر 2014 تي شهيد ڪيو ويو آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي دودائي روڊ تي اٿس.
    ***
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو