شھيد ڀٽي بنگلاديش کي تسليم ڪيو ھو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2021۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ ڪونہ ھو سو بنگالين جو قتل ھن ڪيئن ڪيو؟ افسوس..اھڙي گندي سوڇ تي. ذھني مريض ڪوڙي پروپئگنڊا ڪن ٿا.
    شھيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو تہ ھن بنگلاديش جي باني شيخ مجيب کي آزاد ڪري، لنڊن معرفت ملڪ موڪليو...بنگلاديش کي تسليم بہ شھيد ڀٽي ڪيو ھو. صدر ڀٽو صدر بڻجڻ کانپوءِ بنگلاديش ويو تہ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. اھا سو سيڪڙو سچائي آھي.
    مان چار ڀيرا بنگلاديش ويو آھيان. پھريون ڀيرو قومپرستن سان مليو ھوس. اھا ايمانداريءَ جي ڳالھ آھي تہ ھڪ بنگاليءَ بہ شھيد ڀٽي جي شڪايت ڪونہ ڪئي.
    مان ريڊيو پاڪستان، سنڌي نيوز ڪراچيءَ جو جنرل يحى خان دور کان باقاعدي ملازم ھوس. پوءِ شيخ مجيب بنگلاديش جو وزيراعظم بڻيو تہ ھن جو بيان ريديو پاڪستان تي سنڌي نيوز ۾ ڏنوسون تہ اسان 1952 کان بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ ھلائي ھئي ڇاڪاڻ تہ شروع ۾ رڳو اردوءَ کي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪيو ويو ھو (بنگالي دير سان57ـ 1956 ڌاري قومي ٻولي ڊڪليئر ڪئي وئي ھئي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو