15 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    15 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    15جنوري 1759ع تي برٽش ميوزيم جو افتتاح ٿيو.
    15 جنوري 1873ع تي سنڌ جو صوفي بزرگ شاعر فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙي ۾ وفات ڪئي.
    15 جنوري 1892ع تي باسڪٽ بال جاقاعده پھريون ڀيرو شايع ڪيا ويا.
    15 جنوري 1885ع تي غريب جمع خان ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو ڳوٺ دين خان لاکير تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو، پاڻ مشھور شاعر، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.
    15 جنوري 1902ع تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو مشھور ناءُ قاضي فضل الله نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
    15 جنوري 1910ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار اي شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
    15 جنوري 1913ع تي تراب بروهي لاڙڪاڻوي اصل نالو عبدالڪريم ولد مير شادي خان محمد زنئي مينگل ڳوٺ قلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- شاعر ۽ نثر نويس هئس.
    15 جنوري 1918ع تي مصر جو صدر جمال عبدالناصر، اسڪندريه ۾ جنم ورتو.
    15جنوري 1929ع تي ڪالم نگار، شاعر، مصنف ۽ مسلمان صوفي واصف علي واصف جنم ورتو.
    15 جنوري 1930ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب لساني ماهر پروفيسر پريتم ورياڻي نصرپور حيدرآباد (هاڻوڪي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو).
    15 جنوري 1930ع تي مشھور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي حسين بخش ”خادم“ سروري ولد پير بخش ڀنگر ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
    15 جنوري 1934ع تي سنڌ جو معروف قومي شاعر ابراهيم منشي اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    15جنوري 1935ع تي نقاد، محقق ۽ شاعر شمس الرحمن فاروقي جنم ورتو.
    15جنوري 1936ع تي پهريون ڀيرو اوهائيو ۾ شيشي سان ڍڪيل عمارت ٺاهي وئي.
    15جنوري 1943ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي آفيس بلڊنگ پينٽاگون جي تعمير ٿي.
    15 جنوري 1955ع تي شاعره مھر النساء لاڙڪ جنم ورتو.
    15 جنوري 1958ع تي سنڌ جي مشھور اداڪاره شبيران چنا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    15 جنوري 1962ع تي مشھور صحافي، شاعر ۽ اديب زوار نقوي ولد سيد ويڌل شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
    15 جنوري 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ولي رام ولڀ جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو.
    15 جنوري 1965ع تي برطانيه جي وزيراعظم چرچل جو وڇوڙو ٿيو.
    15 جنوري 1966ع تي راولپنڊي، اسلام آباد ٽيلي ويزن اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.
    15 جنوري 1970ع تي مجاهد دکن، سيد قاسم رضوي جو وڇوڙو ٿيو.
    15 جنوري 1970ع تي شاعر ۽ تنقيدنگار امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاهه ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو.
    15 جنوري 1971ع تي مصر ۾ اسوان ڊيم جو افتتاح ٿيو.
    15 جنوري 1972ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي الله بخش ”سرشار“ عقيلي وفات ڪئي.
    15 جنوري 1977ع تي مشھور اديب ۽ ماهر تعليم پروفيسر، رشيد احمد صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
    15جنوري 1977ع تي مضمون نگار ۽ نقاد رشيد احمد صديقي جو وڇوڙو ٿيو.
    15جنوري 1981ع تي ريڊيو پاڪستان ڊيره غازي خان جو آغاز ٿيو.
    15 جنوري 1985ع تي بشير خان قريشيءَ کي رتيديري مان گرفتار ڪري فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. ۽ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال جو قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي
    15جنوري 1996ع تي مشھور شاعر محسن نقوي جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو