20 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    20 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    20جنوري 1029ع تي سلجوق حڪمران، سلطان الپ ارسلان جو جنم ڏينهن آهي.
    20 جنوري 1841ع تي چين، هانگ ڪانگ کي برطانيه جي حوالي ڪيو.
    20 جنوري 1925ع تي اردو جي مشھور شاعر، نقاد، قومي گيتڪار ۽ ڪالم نگار جميل الدين عالي جو جنم ڏينھن آهي.
    20 جنوري 1927ع تي نامياري ناول نگار ۽ افسانه نگار قرت العين حيدر اترپرديش ڀارت ۾ جنم ورتو.
    20 جنوري 1930ع تي ليکڪ، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ ڪھاڻيڪار رسول بخش پليجو جنگشاهي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    20 جنوري 1957ع تي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر مولا بخش ”منظور ظفر“ ولد محمد لائق ڪلهوڙو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    20 جنوري 1967ع تي موهن جي دڙي جي عجائب گهر جو افتتاح ٿيو.
    20 جنوري 1968ع تي سياستدان سيد نفيسا شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
    20 جنوري 1969ع تي آمريڪا جي صدر نڪسن پنھنجو عھدو سنڀاليو.
    20 جنوري 1971ع تي مشھور شاعر، نقاد ۽ ڊراما نگار عابد علي عابد جو وڇوڙو ٿيو.
    20 جنوري 1975ع تي يونان جي صدر ڪنٽنٽائن اقتدار سنڀاليو.
    20 جنوري 1977ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر ملهار چانڊيو چٺيءَ جو نانءُ غلام مصطفيٰ تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾ حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
    20 جنوري 1986ع تي ڏکڻ يمن جي صدر علي ناصر جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
    20 جنوري 1988ع تي سياستدان خان عبدالغفار خان جو وڇوڙو ٿيو.آخري آرام گاهه جلال آباد، افغانستان ۾ اٿس.
    20 جنوري 1994ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو.
    20 جنوري 2005ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي اصل نالو محمد حسن ”محسن“ ولد فقير محمد چنا لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.
    20جنوري 2007ع تي پنجابي ۽ اردو جو ممتاز اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات شريف ڪنجاهي جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو