”اوٻاوڙو ۽ آپگهاتي بمبار“

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2022۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سبق ستون


    ”اوٻاوڙو ۽ آپگهاتي بمبار“

    اوٻاوڙو پوليس امير آباد واري علائقي ۾ ٻن آپگهاتي بمبارن کي مارڻ ۽ دھشتگردي جي وڏي واقعي کي ناڪام بڻائڻ جو هڪ وڏو ڪوڙ هنيو آهي

    مقامي پوليس پنهنجي پيشڪاريءَ جو ٿلهه هن طرح ٻَڌو آهي:

    لانگهو روڊ وٽ موٽر سائيڪل سوار ٻن دهشتگردن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه آپگهاتي بمبار مارجي ويا.
    [​IMG]

    [​IMG]
    مقامي ليگل پوليس پهرين ڪوڙ هنيو ته هو ”گشت“ تي هئا ته دهشتگردن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٻن دهشتگردن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
    ليگل پوليس وري پير تي ئي ٻيو ڪوڙ هنيو ته ”سرچ آپريشن“ دوران ٻن موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس مٿان هينڊ گرنيڊ اڇلايا، هڪ هينڊ گرنيڊ مس ٿي ويو، ٻيو پوليس جي پويان ڪري پيو پوءِ گوليون ختم ٿيڻ تي ٻنهي بمبارن پاڻ کي هينڊ گرنيڊ سان اڏائي ڇڏيو.
    ليگل پوليس رواجي طريقي واري دعويٰ به ڪئي ته مارجي ويل ٻنهي آپگهاتي بمبارن وٽان ٻه هينڊ گرنيڊ ۽ ٻه پسٽل هٿ آيا آهن. پر آپگهاتي جيڪٽ نه ملي آهي.
    پوليس موجب ٻنهي ڄڻن جي کيسن مان سڃاڻپ ڪارڊ مليا، جن ۾ سندن سڃاڻپ گهوٽڪي واسي امام الدين ۽ پنجاب واسي عبدالحميد طور ٿي آهي.

    *هاڻي سوچڻو اهو آهي ته: پوليس کي، هن ”واقعي“ کي ان طريقي سان پيش ڪرڻ واري اها ”ڪاريگري“ ڇو پيش آئي؟:هي به هڪ سوال آهي، جنهن جو ”ڊراپ سين“ وارو جواب ڳولڻ گهرجي *
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو