پهرين مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    پهرين مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    عيسوي سال جو ٽيون مھينو مارچ آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”مارس“ (MARS) ديوتا جي نالي تي پيو. اهِل روم مارس ديوتا کي جنگ جو ديوتا چوندا آهن. هي تمام خطرناڪ ديوتا هو ۽ هن جي شڪل تمام خوفناڪ هئي. روم وارن جو عقيدو هو ته ڪڪر، برسات، بجلي سڀ مارس ديوتا جي هٿ ۾ آهن.

    پھرين مارچ 1892ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولا بخش مسڪين ڀٽو شڪارپور ۾ ڄائو.
    پھرين مارچ 1897ع تي مشھور شاعر ۽ اديب احسن ڪربلائي اصل نالو مرزا گل حسن بيگ ولد مرزا دوست ٽنڊو آغا حيدر آباد ۾ ڄائو.
    پھرين مارچ 1899ع تي ٽلو مل ٽيڪ چند ڌيرواڻي دادو ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشھور/ سماجي ورڪر هو.
    پھرين مارچ 1920ع تي مشھور عوامي شاعر ۽ راڳي مينهل فقير مھر ڳوٺ طيب ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
    پھرين مارچ 1927ع تي قومي سردار ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان، ولد ملڪ سردار خان ڳوٺ ٿاڻي بولان خان ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1927ع تي شاعر مولوي نورالدين نور ولد خاوند ڏنو چانڊيو قنبر علي خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏاتو جي وانڍ ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1932ع تي شاعر شيخ عبدالعليم جوش ولد شيخ عبدالله ”عبد“ جي گهر ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1934ع تي نامياري اسٽيج اداڪار ايس پي مينگهاڻي، اصل نالو سوڀراج پرسرام مينگهاڻي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1935ع تي گڊو بئراج سکر جو افتتاح ٿيو.
    پھرين مارچ 1939ع تي مشھور اديب مستنصر حسين تارڙ جوجنم ڏينھن آهي.
    پھرين مارچ 1950ع تي شھنشاههِ ايران پاڪستان جي دوري تي آيو.
    پھرين مارچ 1955ع تي استاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
    پھرين مارچ 1955ع تي شاعريءَ سان ذوق رکندڙ راز علي گل ڀٽو ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف ۾ پيدا ٿيو.
    پھرين مارچ 1956ع تي لسانيات، لغات، لطيفيات، جو ماهر آفتاب ابڙو، اصل نالو (عبدالله ابڙو) ڳوٺ گابرسڻ باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1956ع تي شاعر سجاد ميراڻي اصل نالو غلام حسين علي بخش ميراڻي جي گهر پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1960ع تي نوجوان شاعر زيب ڪنگو اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو ڪنگو ڳوٺ ڪنگا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1961ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اسير، ناميارو قانوندان سياسي اڳواڻ جھانگير راهوجو، وڳڻ شھر تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1962ع تي پاڪستان ۾ ٻيون آئين نافذ ڪيو ويو.
    پھرين مارچ 1967ع تي علي محمد ڪاڪيـپوٽو ولد بھادر خان ڪاڪيـپوٽو وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ برصغير جو وڏو عالم محقق، اديب، ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
    پھرين مارچ 1968ع تي جنرل حافظ الاسد، شام جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.
    پھرين مارچ 1968ع تي ناميارو راڳي احمد مغل ولد حيات علي مغل پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
    پھرين مارچ 1969ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار منظور جوکيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1970ع تي نوجوان شاعر مارو جمالي اصل نالو سڪندر علي ولد فيروز خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1972ع تي مراڪش ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو.
    پھرين مارچ 1976ع تي شاعر ۽ صحافي ادريس عاجز، محمد مراد عباسي جي گهر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1977ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو بنياد پيو.
    پھرين مارچ 1979ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي محمد خان غني وفات ڪئي.
    پھرين مارچ 1981ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري پورو نالو غلام مرتضيٰ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    پھرين مارچ 1981ع تي صفي الله آءِ سومرو اصل نالو صفي الله سومرو ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اسسٽنٽ ايڊيٽر اٿس.
    پھرين مارچ 1996ع تي شاعر عامر انصاري، محمد صالح انصاري جي گهر گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو