حساس جذبن جو ترجمان ،آذر ناياب صديقي....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    حساس جذبن جو ترجمان، آذر ناياب صديقي...!
    فقير محمد سنڌي.

    ڀونءِ ڍرڪي پوي ڪِران جي مان،
    اُڀ ڦاٽي ٿو، جي اُٿان ٿو مانَ.

    برصغير جي ورهاڱي ڌرتيءَ جي فڪري فردن کي لتاڙيو، للڪاريو، ڇرڪايو ۽ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج کان ڌار ڪري آزاديءَ جي نئين روايت کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ اڻاڳو رستو مهيا ڪيو جنھن تي ڪيترائي برصغير جا رهواسي “آذر” ناياب صديقي وانگر پنهنجي سفر تي روانا ٿيا ۽ پنهنجي ڪردار کي نروار ڪري ڏيکاريائون. حساس جذبن جو ترجمان، “آذر” ناياب صديقي، جنھن کي “آذر” ناياب بدايوني به چيو وڃي ٿو، سو سنڌي ، اردو ۽ فارسي ٻوليءَ جي شاعر ۽ مترجم سان گڏ هڪ معلم هو ۽ قانوندان جو ڪم به سندس حصي ۾ شامل آهي.
    “آذر” ناياب صديقي جو خانداني پس منظر :
    “آذر” ناياب جو اصل نالو غلام حامد حيدر ولد افضال حسين صديقي آهي. 5 جو لاء 1928ع تي ڀارت جي شهر بدايون جي قاضي ٽولا محلي ۾ جنم ورتو. خانداني سلسلي نسب جو سلسلو حميد ﷲ گنوري کان ٿيندو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو.
    هن سماجي زندگيءَ ۾ حسب نسب کان پوءِ پنھنجو شخصي ڪردار به انسان کي اتم رکي ٿو. محبت جي منزل سڀني کان نياري رهي آهي، ڪٿي اها محبت آهي جو تماچيءَ کي تماچيءَ بڻائڻ ۾ هڪ مهاڻيءَ جو ڪردار آهي، اهڙي ڪردار ۾ سنڌ جي ڌرتي جيڪا امن جي ڌرتي ۽ انساني همدردي جو درس ڏيندڙ ڌرتي آهي تنهن “آذر” ناياب صديقي کي به ماڻهپي وارا سڀ رستا مهيا ڪري ڏنا. تڏهن ته هنن سٽن جو سرجڻهار بڻيو.
    سنوارڻ اگر قوم کي چاهيو ٿا،
    نئين زندگي بخشيو پنھنجي فن کي.
    “آذر” ناياب صديقي جي تعليم ۽ نوڪري تي مختصر نظر :
    سائين آذر ناياب پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم بدايون ۾ پڙهيو آگره يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ خيرپور ۾ رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگريزي ۽ ڪراچيءَ مان بي ٽي توڙي ايل ايل بي جون سندون حاصل ڪيون. تعليم پوري ٿيڻ کان بعد استاد مقرر ٿيو، محنت ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين، اڃان به عشق سلامت هئس جيڪو جستجو جي عمل ۾ سرگردان رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت جي شعبي کي اهميت ڏنائين. نوڪري جي سلسلي ۾ سنڌ گهمڻ جو موقعو مليس، خيرپور، شڪارپور، ڪشمور ، ڪراچي ۽ ٻيا شهر شامل آهن. پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي قديمي شهر شڪارپور کي ياد به ڪيو اٿس.
    شڪارپور تو مون کي ماءُ جهڙو پيار ڏنو،
    شعور ۽ عقل ڏنو، علم ۽ اعتبار ڏنو.
    نھار جو شعور ٿورن فردن ۾ موجود هوندو آهي، نھار اصل ۾ تعميري ڪم ڪرائيندي آهي ۽ جکري جهڙو ويساھ آڇيندي آهي ۽ اهو ئي ويساھ ثابت قدم رکي ٿو ۽ اتساهه بخشيندو رهي ٿو .
    “آذر” ناياب صديقي جي نھار جو حسين سنگم آهي :
    1940ع کان منشي تمنا حسين بدايوني جي نهار هيٺ اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، اهڙي طرح ادبي سفر کي سڦلو ڪندي حافظ ظھور احمد بدايوني ۽ ڄام نوائي بدايوني کان اصلاح جي نينهن جو ناتو جوڙيو. جنھن جو ثمر ڪتابي صورت اختيار ڪئي( 1) جهلڪيون، مهراڻ پبليڪشن سکر 1978ع شايع ڪيو، (2) مهراڻ ليٽر رائيٽنگ( 3) ماڊرن ميٿڊس آف ٽيچنگ 1979ع تي اشاعت هيٺ آيا. آذر ناياب صديقي جي زندگي روايتن کان ٿيندي جديد ادب جي دائري ۾ داخل ٿي. ورهاڱي ۽ جيون ڪٿا کي آذر ناياب غور سان ڏٺو به ۽ پرکيو به. ان پرک جا اولڙا هيٺين شاعري طور آذر ناياب جي زندگي تي رشڪ ڪن ٿا.
    جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
    تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي.
    ( شيخ اياز )
    آهيان ته بوند پوءِ به لهرون ڏسي ڏسي،
    اڇُلون ڏئي ٿي دل ته پوان ھوند سمنڊ ٿي.
    ( نارائڻ شيام )
    آذر ناياب صديقي جو اڻ ڇپيل مواد به خاصو آهي، جنھن ۾ “اصلاح سخن”، اردو ۽ فارسي جو مجموعو، ايلسا قاضيءَ جي نثري نظم جو رباعي جي صورت ۾ سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو، شيخ اياز تي لکيل ڪتاب "جنم جنم جيت اياز" جو اردو ۾ ترجمو شامل آهن جيڪي ڇپجي نه سگهيا آهن.
    لفظن جي هجوم ۾ جنم وٺندڙ “آذر” ناياب ڪيترن نسلن کي لفظ ۽ انگ اکر سنڀالي سمجهايا، اهو “آذر” پاڻ اڄ اهڙن انگ اکرن جي ڳوڙهن ۾ شامل ٿي ويو آهي. اهي انگ اکر هي آهن ته : 2 اپريل 2006ع تي آذر ناياب صديقي ڪراچي ۾ راھ رباني ورتي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو