7 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    7 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    7 اپريل 1652ع تي ري پبلڪ آف سائوٿ آفريڪا جي صدر مقام، ڪيپ ٽائون جو بنياد رکيو.

    7 اپريل1789ع تي سلطنت عثمانيه جو حڪمران، سلطان عبدالحميد اول، جو وڇوڙو ٿيو.

    7 اپريل 1795ع تي فرانس ميٽر کي E ماپڻ لاءِ بنيادي يونٽ طور استعمال ڪيو.

    7 اپريل 1894ع تي مير فيض محمد اول ٽالپر مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ گاڌيءَ تي ويٺو.

    7 اپريل 1920ع تي مشھورهندستاني موسيقار روي شنڪر، جو جنم ڏينهن آهي.

    7 اپريل 1931ع تي شاعر ۽ علماءِ الدين، علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسين وفات ڪئي، سندس مزار ڳڙهي ياسين ۾ آهي.
    7 اپريل 1935ع تي آغا سليم اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، ناول نويس اديب ۽ شاعر آهي.
    7 اپريل 1939ع تي اٽليءَ، البانيه تي قبضو ڪيو.
    7 اپريل 1942ع تي بالي ووڊ اداڪار جتيندر جو جنم ڏينھن آهي.
    7 اپريل 1948ع تي اقوام متحده، صحت جي عالمي تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو.
    7 اپريل 1950ع تي ناليوارو شاعر ۽ اديب مير عبدالرسول مير ٽالپر ولد رئيس مھر علي خان ٽالپر گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.
    7 اپريل 1973ع تي پير عبدالله جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 اپريل 1975ع تي مشھور ليکڪه فھميده شرف ڳوٺ ٻٽ سرائي چھڙ ۾ جنم ورتو.
    7 اپريل 1985ع تي سوڊان ۾ فوج، صدر نميري جي حڪومت کي ختم ڪيو.
    7 اپريل 1986ع تي مظفر حسين شاهه بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ اسپيڪر چونڊيو ويو.
    7 اپريل 1992ع تي قومپرست اڳواڻ، حبيب الله ناريجو لاڏاڻو ڪيو.

    7 اپريل 1996ع تي روس، افغانستان مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو.

    7 اپريل 2003ع تي سنڌ جي قومي شاعر محمد خان مجيدي وفات ڪئي.
    7 اپريل 2005ع تي ابراهيم الجعفري عراق جو وزير اعظم بڻيو.
    7 اپريل 2012ع قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ سنڌ جو ارڏو پٽ جسقم جو چيئرمين بشير خان قريشي شھادت ماڻي، آخري آرام گاهه رتوديرو باءِ پاس وٽ اٿس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو