15مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    15مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    15 مئي 1853ع تي لنڊن م ٽيون رائل اوپيرا هائوس جو افتتاح ٿيو.
    15 مئي 1867ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل فقير اصل نالو عبدالخالق دايو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پير بخش جي گهر پيدا ٿيو.
    15 مئي 1918ع تي آمريڪي پوسٽ آفيس، دنيا جي پھرين ايئرميل سروس شروع ڪئي.
    15 مئي 1926ع تي مشھور سياستدان الاهي بخش سومرو شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو..
    15 مئي 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش جوهي ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو حاجي فقير سومرو هئس.
    15 مئي 1931ع تي مشھور سنڌي نثر نويس ۽ شاعر موتي پرڪاش ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    15 مئي 1940ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت رکيل شاهه هن دنيا کي الوداع ڪيو.
    15 مئي 1940ع تي مولوي ۽ شاعر الله بخش اٻوجهو وفات ڪئي.
    15 مئي 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مايه ناز غزل گو شاعر وفا ناٿن شاهي اصل نالو مشتاق ولد خيرات علي قريشي شھر بنڊيالا ضلعي امر ستر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.
    15 مئي 1957ع تي برطانيه پھرين هائڊروجن بم جو تجربو ڪيو.
    15 مئي 1958ع تي سنڌ جو نالو وارو اديب منصور قادر جوڻيجو ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
    15 مئي 1959ع تي شاعر، فيض پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
    15 مئي 1966ع تي حزب الله ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ، تعلقو ۽ ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ. ايڊيٽر، تحقيق، ترتيب ۽ مضمون نگار اٿس.
    15 مئي 1967ع تي بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينھن آهي.
    15 مئي 1970ع تي ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر ابڙو جو جنم ٿيو.
    15 مئي 1971ع تي صحافي، سھيل پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
    15 مئي 1971ع تي نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو ڳوٺ ملھائيندي راجا تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
    15 مئي 1976ع تي شاعر، مسرور پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
    15مئي 1988ع تي روسي فوجن جو افغانستان مان 8 سالن جي جارحيت کانپوءِ واپسي ڪئي.
    15مئي 1991ع تي ايڊٿ ڪريسان، فرانس جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي.
    15مئي 1994ع تي عالمي خانداني ڏينهن جي شروعات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد سان ٿي.
    15 مئي 2018ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جو اسير، قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ شاعر عمر الدين زرداري جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ سھراب زرداري لڳ ڪڪڙ ضلعي دادو ۾ اٿس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو