ڪمپيئر ،ڪالم نگار ۽ استاد شرف الدين مغيري...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪمپيئر، ڪالم نگار ۽ استاد شرف الدين مغيري
    فقير محمد سنڌي
    شرف الدين مغيري ولد حاجي پاکر خان مغيري جي گھر 12جون 1964ع تي ، ڳوٺ رئيس راڌو خان مغيري تعلقي ۽ ضلعي قمبر جنم ورتو. شرف الدين؛ پرائمري تعليم؛ گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول پير محمد ميتلو 1975ع ۾ حاصل ڪئي . ميڊل تعليم؛ مڊل اسڪول پير محمد ميتلو 1978ع ۾ حاصل ڪيائين سيڪنڊري تعليم؛ هاءِ اسڪول قمبر علي خان 1980ع ۾ انٽرميڊئيٽ تعليم؛ اورينٽل اينڊ ڊگري ڪاليج قمبر 1985ع ۾ حاصل ڪيائين . ڊپلوما 3 سال ڪورس گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس 1985ع ۾ ڪيائين. B.A ۽M.A تعليم اورينٽل ڪاليج قمبر 1988ع کان ع1990تائين سي ٽي تعليم؛ گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج لاڙڪاڻو 1998ع بي ايڊ تعليم؛ گورنمينٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر 1994ع ۾ برانچ شڪارپور مان ايم ايڊ تعليم؛ آزاد ڄمون ڪشمير لاڙڪاڻو ڪئمپس 1999ع تائين حاصل ڪيائين . سيڪنڊري ٽيچر JST 1989ع گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر هاءِ اسڪول ٽيچر H.S.T 1995ع تائين حاصل ڪيائين . هينئر گريڊ 20 هين ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو 1998ع کان اڄ تائين تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي . شرف الدين ادبي دنيا ۾ ڪافي مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي . ٻه ماهي قلمڪار ۾ سب ايڊيٽر طور فرائض انجام ڏئي چڪو آهي . شرف الدين 1998ع تائين رهائش ڳوٺ راڌو خان مغيري ۾ ئي زندگي جا حسين ڏينهن گذاريا، 1998ع کان ڳوٺ ڇڏي غريب آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي بعد ۾ 2006ع ۾ غريب آباد محلو ڇڏي شيخ زيد ڪالوني محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو