سر مومل راڻو شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر مومل راڻو داستان ٻيو
    1
    آءُ لانگوٽِيا لالَ، ڪنهن پَرِ ڏِٺِئي گُجَرِيُون؟
    آبُ اَرَتو اَکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لالَ،
    ڏِٺُئِي جي جَمالَ، سامِي! ڪُهُه نَه سَلائِيين؟
    2
    گُجَرِ کي گَجَميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون،
    هَڻِي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،
    ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ جُون.
    3
    گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِيو آڏِي اُڀيي،
    مَٿان پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جي.
    4
    مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکين ۾ اَلماسَ،
    نَه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وِيا سي وَڍِيا.
    5
    مُومَلَ کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَنبُورَ،
    هَڻي حاڪِمِيَنِ کي، پَٽِ نِهاري پُور،
    گهوٽَ پهرينءَ گُهورَ، جي وِيا، سي وَڍِيا.
    6
    مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيَنِ کي آڪِرِي،
    سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا، پڙِهيا، پَڻِتَ پِيرَ،
    هَڻي تَنِ کي تِيرَ، مَڻِيُو جَنِ مَٿَنِ ۾.
    7
    جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري،
    لَنءُ لُڊوڻي ڪَنڌِيين اَمَيو آهي،
    وَڇو جي ڪاهي، تَه نِڪُون پَسو نينهن جُون.
    8
    هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي نينهن اُڇَلّ،
    نه ڪا جَهلَ نَه پَلّ، سَڀُڪو پَسي پرينءَ کي.
    9
    هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي گَهڙِجي نينهن،
    نه ڪا راتِ نَه ڏينهن، سَڀّڪو پَسي پرينءَکي.
    10
    هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙهَنِ،
    ڪوڙيين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.
    11
    ڪَرها! ڪارَڻِ ڪاهَه، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِيو،
    ساري ڏيج. سَيّدُ چي، لُڊاڻي تان لاهَه،
    مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿيندو سَنجِهه صُباحَ،
    سوڍي جِيءَ صَلاح، ڪَؤنرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
    12
    آکُون، ڊاکُون، سِرکَنڊ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَن ڪَؤنرَ،
    مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نَه ڀِرَنِ ڀَؤنرَ،
    ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنَر، ڪاهِه تَه پَسُون ڪاڪِ جا.
    13
    نَنڍو، تان ڪوهُه، پَرَ وِکين آهي وِتَرو،
    وَڃِيو ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَهَسَ پَکِيءَ جيئن پوءِ،
    اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَه ٿِئي.
    14
    ڪَرَها! ڪاڪِ چَڙهي، ونءُ وَڻائُون نِڪَرِي،
    لُڊُوِڻيا، لَطِيفُ چي، آيو ڪو نَه وَرِي،
    گهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري هَلِيا.
    15
    چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪاري،
    فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپاري،
    وِيا ڪاهِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
    موٽِيا نَه مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.

    سر مومل راڻو داستان ٽيون
    1
    جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن ويسَ،
    چوٽا تيل چَنبيلِيا، ها ها هو هَميشَ،
    پَسِيو سُونهن سَيّدُ چئي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
    لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَه اُڄَهي.
    2
    جِهَڙا پانَنِ پَنّ، تِهڙِيُون سالُون مَٿَنِ سائيُون،
    عَطُر ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪِيائُون تَن،
    مَڙِهيا گَهڻُو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَن،
    سُونهَن رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنّ،
    ڪِيائين، لالُ لَطِيفُ چئي، وَڏا ويسَ وَرَنّ،
    مَنجِهه مَرَڪِيُس مَن، سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.
    3
    سونَ وَرَنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
    اَگَرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنّ،
    اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مَٿي طاقَ تَڙنّ،
    ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌِيُون، پَسيو سونهن سَڙَنِّ،
    ٿِيا لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،
    اِجهي ٿا اَچَنّ، ڪاڪِ ڪَڪورِيا ڪاپَڙِي.
    4
    جي ڪاڪِ ڪَڪورِيا، ڪاپَڙِي، تَنِ لَهي نَه لالِي،
    ڪَڙي ڪَيفَ خُمارِيا، مَئي پِي مَوالِي،
    ڪَري حاصُلُ هَلِيا، ڪَيفِيَتَ ڪَمالِي،
    وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِيان لوڌِي ٿِيا.
    5
    لُڊُوڻِيان لوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهه وِصالَ،
    اَڄ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
    ويئي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
    پَرينءَ کان پاسي ٿِيا، مامويَنِ مِثالَ،
    جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي، پَسُ! ريٽو ڪِيا.
    6
    رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪِينَ اُٻاٽجَنِ اوءِ،
    کُنڀُ نَه کاري تنهن کي، جو هالارِي هوءِ،
    توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تِنهِين نه لَهي.
    7
    جنهن تَڙِ ڌوڙُون، ڌُونِ، چوٽا چَندَنَ چِڪَ ڪيو،
    اَچَنِ ڀَؤنرَ ڀَنڀولِيا، پاڻِيءَ تِنهين پُونِ،
    راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَهُه لَڳو واسُئين.
    8
    جِتِ رايائِين راڻَن کي، چَندَنُ چِڪَ ڪَري،
    هاڻي اُنهِين ڀيڻيين، وِرِهُه وَراڪا ڏي،
    سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماري هَلِيو!
    9
    گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ،
    مينڌري مُلاءُ لَڳُس ڪانُ ڪَپارَ ۾.
    9
    گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ،
    مينڌري مُلاءُ لَڳُس ڪانُ ڪَپارَ ۾.
    10
    رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو، سوڍو سَوائِي،
    لُڊُوڻِيان، لَطِيفُ چئي، لالِي تنهن لائِي،
    ڪانهي ٻِي وائِي، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌَرو.
    11
    رُوءِ راڻي جِي ناهِه ڪو، سوڍو سَڀَن سونهن،
    لاٿائِين، لَطِيفُ چئي، مَٿاءَ دِلينِ دُونهن،
    ڪانهي ٻِي وِرُونهن، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌرو.
    12
    رُوءِ راڻي جِي ناهِ ڪو، سوڍا ٻِيا پِه سُڄانَ،
    نِسورِيائِي نينهن جِي، ڪَسِيائِين ڪَمانَ،
    ڇَڏي وِيا ڇوهَه ۾، دَعوائُون دِيوانَ،
    ٻِي رَهِيائِي ڪانَ، ٿِيو مِڙوئِي مينڌرو.
    13
    ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَئِي،
    لوڍِيئڙَنِ، لَطِيفُ چئي، سوڍو ڪِيو سَهِي،
    مُومَلَ ماڳِ رَهِي، ٿِيو مِڙوئِي مينڌَرو.
    14
    ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَري،
    تَنِ کي ناتَرِ ڪوهُه ڪَري، جي لُڊُوڻِيان لَنگهي وِيا.
    15
    ڪاڪِ نَه جَهلِيا ڪاپَڙِي، موهيا نَه مَحلَن،
    ٻائِنِ ۽ ٻانهين جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجَهن،
    لَکين لاهُوتَينِ، اِهَڙيُون اورِيان ڇَڏِيُون.
    16
    اِهَڙيُون اوريان ڇَڏي، وِيا لاهُوتِي، لَکَ،
    پايو پِٽِين ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
    پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَه سوڍِيُون سِجهائي وِيا.
    17
    ڪاڪِ نَه جَهليا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪنهن نَه مالَ،
    سوڍِيُون سِجهائي وِيا، هِهَڙا جَنِين حالَ،
    جي ڇورِيَن ڏِنا ڇالَ، تَه پِه لاهُوتِي لَنگهي وِيا.
    18
    توڻي ناهِه نَصِيبَ ۾، مُومَلَ! مينڌرو،
    پُوندءِ، جِمَ پاهِين وَرِين، مَنجهان پِرِتِ پَرو،
    راڻي لَئي مَ رو، وهُه طَعني سين واڳِجِي.
    19
    مُومَلَ ناهي مينڌرو، توڻي مَنجِهه نَصِيبَ،
    مُون کي، مُون حَبِيبَ! طَعنو ئِي تُنهنجو.
    20
    آئُون طَعني سُوڌِي تُنهنجي، تُون طَعنوئِي مُون،
    سو ڪِين سَرِيوسُون، جو سَرَتِيون! ڪنهن نَه سَرِيو.
    21
    سُڻِي طَعنو تُنهنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ،
    لَکين لوڌِي آئيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
    ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَهَڪَ، سِگهو موٽج سُپِرِين.
    22
    ڪَڪورِي ڪاڪِ وَهي، راڻا! ڀانءِ مَ رَتُ،
    سوڍا! اِيءَ شَربَتُ، نِسوروئِي نينهن جو.

    سر مومل راڻو داستان 4
    1
    شَمَعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرِهَه باکُون ڪَڍِيُون،
    موٽُ، مَران ٿِي، مينڌرا! راڻا ڪَارَڻِ رَبَّ،
    تنهنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
    2
    اُڀِي اُڀاريامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَئِي وِيا،
    هِڪُ مَيو، ٻِيو مَينڌِرو، راتِ سَڄِي سارِيامِ،
    ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيام، سُورجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
    3
    ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِيَمِ تائِين ٻانگَ،
    ڍولو ڍَٽ رَهائِيو، ڪنهن سَٽاڻي سانگَ،
    چانگي چَڙهِي آءٌ تُون، لالَ! وَرائي لانگَ،
    ڪوڙيين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ، اَچيج تُون.
    4
    وَٽَ سورِيندي، وَلها، وِيو تيلُ ٻَرِي،
    موٽُ، مُسافِرَ سُپِرِين! چانگي تي چَڙهِي،
    راڻي لاءِ رَڙِي، ويئِي وِهامِي راتَڙِي.
    5
    ڪَتِيَن ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئِي،
    راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،
    کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي! جا پرِيَنِ ري پيئِي،
    مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَراريو.
    6
    سوڍي ڌاران سَرَتِيُون! پِيو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ،
    اُٻاٽِجِي اَڄُ وِيو، راڻا! تو رِيءَ رَنگُ،
    هينئين سان هاڃو ٿِيو، پِيو اوسِيئڙي اَنگُ،
    مون توهِي سين سَنگُ، پُڇايو پُڇان پَهِي.
    7
    توکي مَعلُومُ مُنهنجون، سوڍا! سَڀيئِي،
    آڳانڍو اَرِواحَ کي، آهِيين اُهوئِي،
    وِهَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو، پُڇان پَهِي.
    8
    ڍاٽِي گهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍي وِنگَسِيو،
    ڪا جا لائِي مينڌري، لالِي کي لِڱنّ،
    راڻو اَکَڙِيَنِ، وِسارِيان، نَه وِسَري.
    9
    راڻو ڪا راتِ وِيو، ڳُجِهي ڳالِهه ڪَري،
    سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! هَڏِ نَه ساهَه سَري،
    وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي آهِيان.
    10
    سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مُون سين ڳالِهه ڪِي،
    سا جي پَڌرِ پوءِ، تَه سَرَتِيُون! ڪا نَه سُمَهي.
    11
    راڻا تُنهنجِي راهه تي، ڏيِهاڻِي ڏيکان،
    راڻي جِي رِهاڻ جُون، رُوح اَندَرِ ريکان،
    مَحَبَتَ جُون، ميکان، توسين لالَ! لِپيٽِيُون.
    12
    آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڄَ! ڌَرَتِيءَ جا ڌڻِي،
    سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻِيُون، سوڍا! تنهنجي سَٿَ،
    مُون تان لاهِه مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.

    سر مومل راڻو داستان 5
    1
    سَڱُ ڪَري سين سِينهَن، ڪَنڌُ م ڦيرِجِ ڪيڏَهِين،
    رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتَئُون مَنجهان نينهن؛
    ايئن مَ وَسِج عامَ تي، جيئن، مُومَل وَسَنِ مينهن،
    سَندي حَشَرَ ڏينهن، سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.
    2
    وَٺِيو وَڃجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين،
    لَوڻي ڦيرَ لَپاٽَ، لَڳَندِيِيئِي، لَطِيفُ چئي.
    3
    ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين، وَٺِيو وَڃجِ راهَه،
    اَڄُ ڪِ سَنجّهه صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندئي ڌُوڙِ ۾.
    4
    جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،
    ڌِڱ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
    ڏينهن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئي.
    5
    لَڏِيو لَطِيفَن، پَلاڻي پَنڌَ پِيا،
    هَٿان حَبِيبَن، ڪڏھن ڪونه ڏُکُيو.
    6
    راڻو ڀانئيو راندِ، وڃِيو ڪيئن وِڙُ رائِيين؟
    وَرُ وِڏُوڻو اِيَئن، جيئن پَرُ پُڄتوءِ پاندِ،
    هَئي! ڀَڳئيءَ هيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.
    7
    رُسُ مَ، رُسَڻُ گهوريو، اُٺُ اوراهُون آڻِ،
    ليڙي جو، لَطِيفُ چئي، تَنگُ سَوارو تاڻِ،
    شَرمِندِيُون سَڀِين پَرين، پُٺِيءَ لائِجِ پاڻ،
    اَچِي مُشڪَ ماڻ، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
    8
    رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، اُٺُ اوراهُون ڇوڙِ،
    تورِيءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي، ساڻُ سِرکَنڊُ سوڙ،
    اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
    9
    رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، پَرَچُ، مَ وانءُ پَري،
    مارِيَسِ ڦَٽَ فِراقَ جي، جِهَتَ جي ذَري،
    لالَنِ جِي، لَطِيف چئي، سُونهائِي سَري،
    آيَس تو ڳَري تَه، سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
    10
    رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، راڻا! ڇَڏِ رِياءُ،
    ميٽِ مَدايُون، موٽُ تُون، ڪَري نِرِتِ نِياءُ،
    اَوّڳُڻَ ڍَڪي آءُ، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
    11
    رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، ڇَڏِ، راڻا! ريڏائِي،
    منهنجي ميٽِ، مينڌرا، عاقِلَ! اَگَلائِي،
    لِپيٽِج، لَطِيفُ چئي، ڪامِلَ! ڪَچائِي،
    ڪَرِ مَعافُ مَدائِي، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
    12
    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي منهنجي جانِ،
    رَکي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَسِ تنهن گُمانَ،
    هَڏِ نَه جِيان هاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرين!
    13
    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا مَحَلَ ماڳَ،
    سوڍي جِي، سَرَتِيُون! وِڌِيَسِ وَهه ويراڳَ،
    سُورَنِ لائِيا سانگَ، سِگهو موٽِجِ سُپرين!
    14
    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ،
    تو پُڄاڻان سُپِرِين، هينئڙي اَچَنِ هَولَ،
    جي مون سين ڪِيَئي قَولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين!
    15
    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، لُوٺو لُڊاڻو،
    تو پُڄاڻان سُپِرِين! آتَڻُ اُجهاڻو،
    مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!
    16
    حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻو،
    فِدا ٿِيءُ فَقِيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو،
    مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!

    سر مومل راڻو داستان 6
    1
    نَه وارِثُ، نَه وَلَهو، نَه سَڱُ، نَه سِياڪو،
    تو پُڄاڻان سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
    پانڌِيا! پاراپو، ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.
    2
    ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيهو ساري،
    مون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌرا! ماري،
    اَچين جي واري، ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي.
    3
    ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا! وارِ سُڄاڻَ!
    ڪُهُه ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنَ توهِين ڏي تاڻَ،
    لاهي غَيرَ گُماڻَ، اَڱڻِ آءُ اَڪَنڍِيين.
    4
    اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيين، پَرچِي پِيارا،
    پَلَڪَ پَرانهُون نَه سَهَئين، جِيءَ جا جيارا،
    نِينهان، نيزارا، سَڃ، تَه مان سُورُ لَهي.
    5
    سَڃ ته مان سُورُ لَهي، اَکِيُون ڀَري ٻاجَهه،
    راڻي جِيءَ رِهاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجَهه،
    سوڍا! لَهِي ساجَهه، پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا.
    6
    پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا سيئِي وِهاڻا،
    پَسِيو هَنڌَ پَچي هِينئون، جي حَبِيبَنِ هاڻا،
    هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نَه مينڌرو.
    7
    ڪَري موٽَ مينڌرو، جي لُڊُوڻِيان لالُ،
    گَهرُ مِڙوئِي گهورِيان، هوند پنهنجو حالُ،
    راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَه گُهرجي مالُ،
    سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُربَ جو.
    8
    سوڍا! سُورَ سُڪائِيُون، اَکِيُون آبُ نَه ڪَنِ،
    راڻي جِي رِهاڻِ کي، وِرُوڻِيُون، وَڃَنِ،
    سي ڪيئن مينڌرا! مَچَن، جي تو سُورِيءَ چاڙِهُيون.
    9
    لوڌِي، لَکَ اَچن، رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو،
    هِڪُ اَکِيُون، ٻِيا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
    سي ڪيئن مينڌرا! مَچَنِ، جي تو سُورِيءَ چاڙِهيُون.
    10
    مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،
    وَلِيُون واسَ وَرَنِيُون چانگي کي چاري،
    جَڏِهن تَڏهِن، سُپِرين، اِيندُمِ اوتاري،
    سوڍي سين ساري، ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجَهه جون.
    11
    سوڍا تنهنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون، لائِيُون،
    راڻا! رِهاڻِيَن جا، مارِينِمِ مَذڪُورَ،
    طَعنا ڏِينِمِ تُورَ، آءُ تَه پَرَچُون پاڻَ ۾.
    12
    راڻا! رِهاڻِيُون، سوڍا! ويٺِي سارِيان،
    سَهَسين سِڄَ اُلٿا، راتِيُون وِهاڻِيُون،
    ڪوڙيين مُون ڪاڻِيُون، ڍولا! ڍَڪي، آءُ تُون.
    13
    مُون گَهرِ اَچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،
    آڻي جهوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري، وِجهان ڄاڻُ،
    تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري هَڻان ڀاڻُ،
    پيڪَنِ، سُوڌو پاڻُ، گَهرُ تَڙَ گهورِيان پِرَ تان.
    14
    اَڄَ نَه ڳالهائونِ، هُونِ ڏيهاڻِي نِجُهري،
    پَسو پَهُه پِيونِ، آتَڻُ سُڃو اُن ري!
    15
    اَڄُ نَه پَسان سي، آتَڻِ ڪَتِيُم جَنِ سين،
    هاڻِي تَنِين کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِهارِيان.
    16
    تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ- ڌڻِي، ڍولا! تنهنجو ڍَٽُ،
    پائي تُرازِيءَ، تورِيان، تَه مُلڪُ نَه تنهنجو مَٽُ،
    لاهي ڪَسَرَ، ڪٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتون، ڪاڪِ ۾.
    17
    کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا! ويهُه رَهِي،
    ماڙُهو جي محلاتَ جا، سوڍا! ڪِجِ سَهِي،
    وِينديئِي ڳالهِه وَهِي، وِڪَرِ پُوندين وَلهَا.

    سر مومل راڻو داستان 7
    1
    ڍَٽِ مَ وَڃِج، ڍولَ! ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري!
    آئُون اَڳَهِين آهِيان، ٻَڌِي تنهنجي ٻولَ،
    توکي ساري، سُپِرِين! رُنُم مَنجهہ رَتولَ،
    ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَهُہ مُون وِهُ ٿِيا.
    2
    جي هئا ڪوڏيا ڪاڪ جا، سُتا سي سونهن،
    لُڊوڻيان لطيف چئي، لڏيو لوڍيئڙن،
    سي موٽِي مَسَ اچن، جي آسَڻِ آرامِي ٿيا.
    3
    لڊُوڻِئان، لَطِيفُ چئي، کَٽُون کَنيائُون،
    ڇَڏي حِيلا هَلِيا، مُومَل مارِيائُون،
    ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻِ آرامِي ٿِيا.
    4
    ڀيرو ڀَڃُ مَ، ڪاپَڙِي! لاهي ويهُه مَ لاڳَ،
    تان مُون هينئڙو ماڳَ، جان تُون، جوڳِي! جُوءِ ۾.
    5
    سوڍي سِرُ نِيو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ سَکِڻو،
    راڻي جِي رِهاڻِ کي، سِڪي ساهُه پِيو،
    پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.
    6
    سوڍي منهنجي ساهَ سين، جيڏِيُون! جيئن ڪِيو،
    ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِيو،
    پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.
    7
    جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِيو،
    قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِيَنِ ۾، پُرزا ٿِي پِيو،
    ٻُجهان، ٻَهَرِ وِيو، هِينئون هَنڌِ نَه اَڳِھين.
    8
    راڻي رِڻُ ڪِيو، جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين،
    مَنُ مينڌري وَڍِيو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِيو،
    ٻُجهان، ٻَهَرِ وِيو، هينئون هَنڌِ نَه هيڪَڙي.
    9
    راڻا! نَه ڄاڻان، ڪيئن وِڏُوڙِئين وَلَها!
    اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِيَنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻان،
    مينڌرا! ماڻا، تو رِيءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين؟
    10
    رُئان ٿِي، راڻا! هَنڌَ نِهاريو حُجرا،
    پيئِي کهَه کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا،
    ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِيءَ وِهاڻا،
    جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِيءَ ڪُوماڻا،
    مَينڌَرا ماڻا، تو رِيءَ ڪنديسِ ڪَنِ سين.
    11
    مِيان مَينڌرا! موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇائِيُون،
    تون گَهِڻنِ جو گهوٽُ، مُون وَرُ تُونهِين هيڪَڙو.
    11
    مِيان مَينڌرا! موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇائِيُون،
    تون گَهِڻنِ جو گهوٽُ، مُون وَرُ تُونهِين هيڪَڙو.
    13
    جَڳُ جيئن چوءِ، سوڍو تيئن نَه سِکِيو،
    راڻو تيئن نَه روءِ، ڳوڙهو جيئن ڳَلِ ڳَڙي.
    14
    سَهَسين جِئان سِڪَنِ، تِئان مُومَلَ موٽَڻُ لَکِيو،
    سي هونئين جاڙِ جِيئَنِ، جي ڪوڙي ڪاغَذِ آئِيُون.
    15
    ويٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا! تنهنجي راهُه،
    موٽائي ماڳُنِ تي، آڻِيندوءِ اَللهُ،
    سوڍا! تو ڳَرِ ساهُه، ناتَ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
    16
    راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسو! پَڳَهُه پِيومِ،
    ٻيڙِيءَ جيئن ٻَڌِي وِيو، سوڍو ساهُه سَندومِ،
    وِيهَڻُ وِهُه ٿِيومِ، جاڳِيو ٿِي جَرُ هارِيان.
    17
    تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! ڪاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيءَ جيئن تاڻِيو.
    18
    لُوٺِيَس لُڊاڻي، پَسو! جو پِرِيَن رِي،
    جيڏِيُون! جيهائِي ڪِئِي، راتِ رُسِي راڻي،
    هَلِبو هاڻي، ويرا، ڪاڪِ وِهُ ٿَئِي.

    سر مومل راڻو داستان 8
    1
    ڪِين ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪيُمِ جالَ،
    سوڍا! مون کي ڪالَ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.
    2
    ڪِين ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪيُمِ جِتِ،
    سوڍا! مون کي تِتِ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.
    3
    ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪيُمِ جي،
    سوڍا! مون کي سي، موٽِي مُنهن ۾ آئيُون.
    4
    خامُوشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَت،
    صَبر ٿِيو سُپَتَ، مُنهنجي حَقّ، مينڌرا!
    5
    سوڍا! صبر تنهنجو، مومَلَ مَتِ ٿيو،
    تو جو ڪالهه ڪِيو، تنهن مَدِيُونِ ميٽي ڇَڏِيُون.
    6
    تو ۾ ٻَڌِيَس تي، جي مُنهن ۾ مَدِيُون نَه ڏِيين،
    ڍولا! جي ڍَڪيَين، سي مَتان عيبَ اُپَٽِيين.
    7
    جي منهن ۾ مَدِيُون نَه ڏِيين، تو ۾ تي ٻَڌِياس،
    سوڍا! اِن سُهاڳَ کي، ويٺي واجهاياس،
    ڍولي ڍَڪِيياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناهَه جو.
    8
    ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي،
    ڏيئِي لَکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو.
    9
    ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَس اُگهاڙِي اَڳَ،
    جوڙي وچان جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.
    10
    ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ،
    رَکِي پنهنجو نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.
    11
    ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڙِيءَ لِکَ،
    هاڻي مَٿي ڏِکَ، چَڙهِيو ٿِي چاڳَ ڪَريان.
    12
    سوڍا! صَبرُ تنهنجو، مَرَڪُ لَڄايُنِ،
    چُپ سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.
    13
    سوڍا! صَبرُ تنهنجو، لَڄايُنّ مَرَڪُ،
    نَه ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ راڻي وَڍيو.
    14
    سوڍا! صبر تنهنجو، سَڀَنِ سيکاري،
    مُومَلَ جي واري، ڪُهُه ڄاڻان، ڪُهُه ٿِيو.
    15
    سوڍا! صبر تنهنجو، سيکاري سَهَسَ،
    پُڄِي تِئان پَهَسَ، مون کي نَصِيبَ نيئِي جَهليو.
    16
    سوڍا! صبر تنهنجي، ماڻهو ڪِئي مُومَل،
    ڪُپَرِ منجهان ڪَل، پييَم پِرِين! تنهنجي.
    17
    سوڍا! صبر تنهنجو، مون کي نَصِيحَتَ،
    ريلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌرا! تو مهندان.
    19
    سوڍا! صبر تنهنجو، بي عَقُلَن آڻي بازِ،
    سَندي صبر ساز، توبَهَه ڪارِيَمِ تَڪَڙِي.
    20
    سوڍا شَرمايُون، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان،
    نَڪَ نِرِڄايُون، هُيُون منهنجي حَقّ ۾.
    21
    موٽِي آيو مُنهن ۾، سوڍا! شَرَمُ جَنِ،
    سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان.
    22
    اَدِيُون آتَڻَ وارِيُون! نِرڄا نَڪَ ٿِيا،
    وَڍِيا، تان نَه وِيا، پاڻان مورِيا مُنهن ۾.
    23
    موري مُنهن وَڏا ٿِيا، وَڍِيا، تان نَه وَڃنِ،
    اَدِيُون! اَڻاسِنِ، تَنِ ڪوجَهنِ کي ڪيئن ڪَرِيان.
    24
    جَنِين سَندي مُنھَن ۾، نِهائِيُون نَڪَنِ،
    تِئان وَڍِيو هيڪَڙو، تَه ڪِهَڙو ٿورو تَنِ،
    سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهنِ، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.

    سر مومل راڻو داستان 9
    1
    راڻي جِي رِهاڻِ مان، ڪو آديسِي آيو،
    چوڏِهينءَ ماهه چَنڊَ جيئن، ڪِيو سامِيءَ سَهائو،
    لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.
    2
    راڻي جِي رِهاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
    کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀِ واسِي،
    سُوڌَو سَناسِي، اُتاهِين ٿِي آئِيو.
    3
    راڻي ريٻارو، تو ڏانهن مُڪو تَڪَڙو،
    لُڊُوڻِيان، لَطِيفُ چئي، ماڻِجِ موچارو،
    صُبُحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙَندو ڪَرَهو.
    4
    راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
    چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، مومَلَ لِنبي ماڳ،
    سوڍي جي سُهاڳَ، ڍَٽُ مِڙوئِي ڍَڪِيو.
    5
    نَئُون نِياپو آئِيو، راڻي مُلا راتِ،
    لَڌِيسُون، لَطِيفُ چئي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
    ڪِهَڙِي پُڇين ذاتِ، جي آئِيا، سي اَگِهيا.
    6
    ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو، چَؤڏِسِ چِٽاڻو،
    منجَههِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجَههِين لُڊاڻو،
    راڻو ئي راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ناهِه ڪو.
    7
    ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو، چِٽاڻو چَؤڌارَ،
    منجَههِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجَههِين باغَ بَهار،
    ڪانهي ٻِي تنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌَرو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو