سر مارئي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر مارئي داستان 1
    1
    “اَلَستُ بِرَبِّڪُمّ،” جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،
    “قَالوابَليٰ” قَلبَ سين، تَڏِهن تِتِ چَيومِ،
    تِهِين ويرَ ڪِيومِ، وَچَنُ ويڙِهِيچَنِ سين.
    2
    جَڏِهن “ڪُنّ فَيَڪُوّن،” مَنُ تَڏهانڪُون مارُئِين،
    تُون ڪيئن وِجهين تَنَ کي، سُومَرا! شَڪُون،
    هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون.
    3
    چَئِي “ڪُنّ فَيڪُوّنُ” جَڏِهن، خَلِقِيا رُوحَ خُداءِ،
    گَڏُ جِتِ گُذرانُ هُئو،. جَڙَ لَڳِي تنهن جاءِ،
    مُون تونهِين سين آهِه، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!
    4
    “فَيَڪُوّنُ” فِدا ڪري، ڪَهِيائِين سين ڪُنّ”،
    تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَريائِين ڀُون،
    مارُو تِئائِين مون، ڀينَر! ڀاڱي آئِيو.
    15
    نَه ڪا “ڪُنّ فَيَڪُونُ” هُئِي، نَه ڪا هُونگَ نَه هُون،
    سَڄَڻُ اُنَهِين ساعَتَ ۾، ڀيٽي ڏِٺوسُون،
    مُون تَنَ تَڏهانڪُون، مِلِي مُلاقاتَ ڪئي.
    6
    نَه ڪا “ڪُنّ فَيَڪُونُ” هُئِي، نَه ڪو لِڱُ، لَحَمُ،
    بَنِيو هو نه بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
    مُون توهِين سين سَڱُ، اُها ساڃاءِ سُپِرِين!
    7
    نَه ڪا “ڪُنّ فَيَڪُونُ” هُئِي، نَه ڪا مُورَتَ ماهَه،
    نَه ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَه ڪو غَرضُ گُناهَه،
    هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيتَ واهَه،
    لَکِيائِين، لَطِيفَ چئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاهَه،
    اَکِيَن ۽ اَرواحَ، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!
    8
    قِسَمتَ قَيدُ قَوِي، نات ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،
    آڻِي لِکِئي لوحَ جي، هَنڌُ ڏيکارِيُمِ هِيءُ،
    پَرچي ڪِينَ پَنهُوار ريءَ، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
    راڄا! راضي ٿِيءُ، تَه مارُنِ مِلي مارُئِي.
    9
    قِسِمَتَ قَيدِ ڪِياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هَنَ ڪوٽَ ۾،
    “وَ نَحّنُ اَقّرَبُ اِليّہِ مِنّ حَبلِ الّوَرِيّدِ،” وَطنِ آن وِيندياسِ،
    مارُنِ کي مِلَندِياس، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين.
    10
    “قَيّدُ الّماَءِ” ٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گهارِيان،
    “هِنَاڪَ جِسمِي وَالفُوَادُ لَدَ يڪُم،” هِينئون هُتِ سَندومِ،
    قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين!
    11
    “قَيّدُ الّمآءِ” ڪَهَنِ جو، سو مُون پاندِ پِيو،
    جَفّ الّقَلَمُ بِمَا هُوَ ڪَائِنّ، وَهِي قَلَمُ وِيو،
    اِيُ قَضا ڪَمّ ڪِيو، جيئن ٿَر مارُو، آن ماڙِئين.
    12
    جِهَڙو “قيّدُ الّمآءِ”، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو،
    “جَفّ الّقَلَمُ بِمَا هُوَ ڪَائِنّ،” لهي نَه تِرُ تِياءِ،
    عُمَرَ! تو هٿاءِ، اَجائِي ٿِئي اَجِڙين.
    13
    رِيءَ اِعرابِيَنِ هِتّ، گَهنگَهرُ گهارَڻُ مُون ٿِيو،
    “بَڪَتِ الّعَيّنانِ فيّ هَوَاڪَ دَماً”، پُڄان ساڻُ پِرِتِ،
    مَنُ، اَکِيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَبُ جيڏِيين.
    14
    هِي هنڌَ، ڀيڻيُون هاڻِ، ساڙِيان سَڀِ ڏيهيَنِ ري،
    “ڪُلُّ شَيءِ يَرّجِعُ اِليٰ اَصِلہ” ، ٿِي جِهڄان
    جهانگِيَنِ ڪاڻِ،
    ڀِرِي پنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.

    سر مارئي داستان 2
    1
    نَه ڪو ايرُ، نَه ڀيرُ، نَه ڪو اوٺي آئِيو،
    مُون وَٽِ آيو ڪونَه ڪو، ڀائُرِئان ڀَري پيرُ،
    ڪِتابَتُون ڪيرُ، آڻي ڏيندُمِ اُنِ جُون.
    2
    نَه خَبَرَ، نَه خوابُ، نَه ڪو اوٺِي آئِيو،
    هُتي جو هِتِ ڪِهين، ڏِنو ڪونَه جَوابُ،
    هَمِيرَنَ حِسابُ، ڪُهه ڄاڻان، ڪيئن ٿِيو.
    3
    اوٺِي! ڳوٺِي آڻِيين، ڪو هُتِي جو هِتِ هيرَ،
    تَه ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَها سيرَ،
    آءُ تَه اَکِيين اُگهان، جي پائُرَ ڏنَئِي پيرَ،
    اَللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
    ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِينئون.
    4
    اَلا! اوٺِي آڻِيين، جي نياپا نِينِ،
    آئُون اُنِينَ جِي آهِيان، توڻي مُون نَه مَڃينِ،
    مَسُ منهنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻِينِ،
    لُڙِڪَ نه لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَمَ تي.
    5
    جي اَمُرّ هَڻِيو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪيئن،
    واڳِيُون جي وصالَ سين، تَنِين چاڙهي چِيئَن!
    رُئان راتو ڏينهن، جيئن اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
    6
    تَنِ وَنهِيَنَ ويڙِيچَنِ کي، رُئين نَه راتو ڏينهن،
    ڪالَهه پَهُنوارَنِ لَڏِيو، مُون کي چاڙهي چِيئَن،
    آئُون جيئندِي ڪيئن، جُه اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِيا.
    7
    ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿاڪ، عُمَرَ! مارُوئَڙَنِ جا،
    لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
    عُمَرَ! ڪَرِيو آک، پَهرِيون تي پَنَ چَران.
    8
    ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ، وَنهِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو،
    سَڀِ تنهنجو سُومَرا! ويٺا ڳِنهَن نانءُ،
    اُتي ويندِيَسِ آنءُ، لوئِيءَ لَڄَ مَٿي ڪَري.
    9
    سَهَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ،
    اَباڻَنِ جي آسَري، ڪَتي ڪانَ ڪِيامِ،
    جا ڍَٽ ڍَڪِييامِ، تِنهن جو پَرِوَرَ پَنُ رَهائِيين!
    10
    سَهَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ،
    واسي وارَ، نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ،
    مارُوءَ جي مُهاڙِ رِيءَ، اَندَرِ ناهِه اُڪِيرَ،
    هِهَڙو حالُ، هَمِيرَ! وَٺِي شالَ ويڙهه وَڃان.
    11
    سَهَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُنِ،
    هِهَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهه ٿَرَنِ،
    مارُو مانَ چَوَنِ، تَه هُئِي آسانهِين آسَري.
    12
    سِبي، سيبا ڏي، ڀورِي نينهن نَه ڪَچوئي،
    کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻي سي،
    مَڇُڻ چُوِنم ڪي، تہ لَڄايَئِي ٿَرَ ڄائِيُون!

    داستان ٽيون
    1
    پَٽولا پَهُنوارِيُون، مُورِ نَه مَٿي ڪَن،
    جُهِه لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَه سالُنِئان سُونهَنِ،
    اُنّ ايلاچِنئُون اَڳَرِي، بَخِمَلَ بافِتَنِ،
    سَکَرَ ڀانئِيان، سُومِرا! کَٿيءَ کان کُهِنَبن،
    جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.
    2
    اِرَمَ هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽر چِيرَ،
    ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرِغَچَ ۽ عَبِيرَ،
    مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهَڙيُون کِيرَ،
    اَندَرِ اُڃَ اُڪيرَ، مون کي پرينءَ پَهُنوارَ جِي.
    3
    سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون،
    پَٽولا پَهُنوارِ کي، عُمَرَ! آڇِ مَ تُون،
    وَرُ لوئِيءَ جِي لُون، ڏاڏڻَن ڏِنِيامِ جا.
    4
    سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُ،
    رُپو جنهن رَدِّ ڪِيو، ڪوّڙِ تِهِين کي ڪَکُ،
    مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.
    5
    تيلُ نَه لائِيان تنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِ،
    ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِ، آهَرَ اُنَهِينءَ آهِيان.
    6
    مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون،
    سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مون کي ٻانهُنِ ٻَڌائُون،
    عُمَرَ جو آئُون، پَٽُ ڪيئن پَرَهِيان، سُومَرا!
    7
    پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا! جانڪِيتان جِيان،
    آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏينهان،
    جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو.
    8
    جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساهِيڙُيون سي،
    اُت اُڪنڊِي آهِيان، مَنَهَن مارُوءَ جي،
    پَکَن سين نَه پاڙيان، هَنڌَ هِتي جا هِي،
    اَهلَ اَباڻنِ کي، مَرِي شالَ مَلهائِيان.
    9
    ڪَرايَنِ ڪَروڙِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ،
    سو مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
    10
    ڪارا ڪَرايَنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ،
    وَرُ جيڏِيَنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان.
    11
    اِيءَ نَه مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،
    اَچِي عُمَرَ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،
    پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَه مَٽِيان.
    12
    عُمَرَ! اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪيئن ڪَنِ،
    جَنِين جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنِ،
    هُوءِ جي حقَ ڀَڃَنّ، سي ڪيئن سَتِيُون سُومَرا.
    13
    آئُون ڪيئن سَوَڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَ،
    کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ ايهَڙِي.
    14
    آئُون ڪيئن سَوَڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري سُڃَ،
    وَرُ اَباڻَنِ سين اُڃَ، کوءِ شَربَتُ تنهنجو سُومَرا!
    15
    وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا جَنِ،
    گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻَ اَباڻَنّ،
    ويڙهيا گُهمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهه جَهنگَنِ،
    مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.
    16
    پَلُرُ پِيئَڻُ، اوڇَڻُ اُنَ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
    وِهَڻُ وَراڪَن ۾، اُنِ جِي آجوکِي اوطاقَ،
    پاڻُ نَه پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بيباڪَ،
    عُمَرَ! اُووءِ نه عاقَ، ڏُکِيا جِمّ ڏُکوئِيين!
    17
    کارا کَٻَڙَ ڏيهَه ۾، ٻِيا وارِيءَ مَنجِهه وَٿاڻَ،
    ساٿيَنِ کي، سَيّدُ چي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،
    عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ ثابِتُ رَکِجِ، سُومرا!
    18
    جا عُمَرَ! تو مُل عِيدَ، ساسان سُوءِ وَرَتِي سُومَرِا!
    ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
    سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، مارُو جي مَلِير جا.
    19
    منهنجو تُورُ تَلِن ۾، چِيها ٿو چاري،
    ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آهيم اُٺي مِينهَڙي.
    20
    منهنجو تُورُ تَلِنِ ۾، آئُون هِتِ بَندِياڻِي،
    مُون ڏاڏاڻي ڏيهَه ۾، ڦَرِهُه ۽ لاڻِي،
    ڪَندِيَسِ رِهاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
    21
    حَقّاڻو هُتِ ٿِيو، آئُون هِتِ بَندِياڻِي،
    ساري ساڏوهِيَن کي، ڪوٺِيَنِ ڪوماڻِي،
    لِڳين لوهَه، لَطِيفُ چي، ويٺِيَس وِساڻِي،
    مُنڌَ مارُوءَ جِي نَه لَهي، کَپَت کِجاڻِي،
    سَمُ سَچاڻِي، اُتي آهيمِ اُنِ سين.

    سر مارئي داستان چوٿون
    1
    مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، پييَسِ پَهُنوارِيُون چِتِ،
    راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتي جِي هِتِ،
    آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
    وِينگَسِ ويڙيچَنِ رِيءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
    سُومرا! سُپَتِ، ڪَرِ، تَه ڪوٽِئان نِڪَري.
    2
    مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، آهيسِ مَنِ مَلِيرُ،
    ڪَڍي تَه ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيءَ هَمِيرُ،
    کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
    3
    مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، نَه کِلي، نَه کاءِ،
    عُمَرَ جي انصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
    هِيءَ جا ڪَيَئي هاءِ، سا مهندان اِيندِئِي منهن ۾!
    4
    مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، ٿِيَسِ ڪُرِنُون وارَ،
    سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُر جا پَهُنوارَ،
    عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ وِهي ماڙِيين.
    5
    مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، مَحَلين مارُنِئان ڌارَ،
    پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَه ويڙهي وارَ،
    جا هُتي جن هارَ، سا ڪينَ وِهَندِي ڪوٽَ ۾.
    6
    مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، ڪونِهي اُنَ اوڄاهُه،
    عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پييُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
    ويٺِي چوءِ، “اللهَ، مُون تي مِٽَ نَه موٽِيا!”
    7
    مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَم مُنهن مَلُور،
    اَڻَڀا سَڻَڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَسِ سُورَ،
    پِيَسِ لوهَه، لَطِيف چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
    چِتَ جَنِين جا چُورَ سي مَکي، مَرَڪُ نَه ڪَندِيُون.
    8
    ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
    “سُهَڄُ سُورِي ڀائِيان، سومَرا! سَندوءِ،
    “مِلِڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نَه ٿِيان جوءِ،
    سو قَلبُ ڪوٽِ نَه هوءِ، جو هُتي جَن هَٿِ ڪِيو.
    9
    ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀِيائِي آهي،
    جا مَٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي نَه لاهي،
    سُومَرا! ساهي، سَتِيءَ وِجُهه مَ سَنگَهرُون.
    10
    ڪِيَم مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙهِي،
    نِتُ نِهاري ڏيهَه ڏي، ڳوڙها پِيَم ڳَڙِي،
    نِڱِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ، رَڙِي،
    ويڙِيچَنِ وَڙِي، ڪَرَ نَه لَڌِي ڪَڏِهِين!
    11
    جي ڪَرَ لَڌائُون، تَه بندِيءَ بَندُ نَه سارِيو،
    مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُس وييَسِ وِسَرِي!
    12
    بَندِي ٻِيا قَرارِ، اَسين لوچُون لوهَه ۾،
    مَٿي تَنِ تَرارِ، سَدا سانڀِيئَڙنِ جِي.
    13
    لِنگَڙِيارِي لوءَ ۾، جَنِين لئي ٿِياس،
    تَنِين تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَه پُڇِياسِ،
    جَهروڪَن جهورِيو هِنيُون، ڪوٺِيَنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
    مارُنِ مُونجَهه مُياسِ، ناتَ ماڙِيَسِ ڪِينَ ڪِي.
    14
    ماڙِيَنِ مارِيَسِ ڪِينَ ڪِي، مُيَس مارُنِ لاءِ،
    ڪَرَ لَهَندا ڪَڏِهِين، منهنجي اَچِي ماءِ!
    سانڀيئڙن سَداءِ، ويٺو واجَهه وِجهي هِنيُون.
    15
    ويٺو واجَهه وِجهي هِنيُون، پَرِ ۾ پَهُنوارَنِ،
    اَتِ اُڪَنڊي آهِيان، پائُرَ ۽ پِرِيَنِ،
    ڪَرِيان ٻِي نَه ڪَنِ، وينديَسِ وَطَنَ سامُهِين.
    16
    وينديَسِ وَطَنِ سامُهِين، مَلِيرُ منهنجو ماڳُ،
    ڏُٿُ چُونڊِينديَسِ ڏيهه ۾، ساڻُ سَرَتِيَنِ ساڳُ،
    تَه مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جي ويجِهي ٿِيان وَرَ کي.
    17
    جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، تَه سَڀاڳومَ سَنئُون،
    نِتُ نِتُ آهِه نَئُون، مون کي پَسڻُ پَهُنوارَنِ جو.
    18
    آئُون ڪيئن ڇَڏِيان، سُومَرا! تَن پَهُنوارَنِ پَچارَ،
    جَڙَ جَنِين جِي جانِ ۾، لَڳِي رِيءَ لُهارَ،
    ميخُون مَحَبت سَندِيُون، هِينئڙي مَنجِهه هَزارَ،
    پَکا ۽ پَهُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿِيا.

    سر مارئی داستان 5
    1
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا مارُون مَسَ مَڃِينِ،
    ڏُنگا ڏاڏي پوٽيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪي ڏِينِ،
    جي مان لوهَه لاهِينِ، تَه ڪوٽَن ۾ ڪِينَ هُئان.
    2
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومَرا، ميرو مُنهن ٿِيومِ،
    وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِه حُسنَ رِي.
    3
    سونهن وِڃايُمِ سُومَرا! سِکِرَ جِهَڙِي سُونهن،
    دِلِ ۾ دُکِي دؤنهن، منهنجو مُنهن ميرو ٿِيو.
    4
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا! هِتي اَچِي هاڻِ،
    ڪيئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!
    5
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا! ڪيڏانهن وِيُم ڪمال،
    وڃان ڪيئن وطن ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،
    جي مان ڏِين جَمالُ، تَه پَسان منهن پَهُنوارَ جو.
    6
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا! وَطَنِ وَڃان ڪيئن؟
    حُسنَ ڌاران هِيئَن، پَسان ڪيئن پَهُنوارَ کي.
    7
    سونهن وِڃايُمِ سُومرا! پَسان ڪيئن پَهُنوارَ,
    ڌُڻِي جا ڌَراڙ، تنهن رِيءَ رُوءِ رُچَڻُ ناهِه ڪو.
    8
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا! عُمَرَ! ٿِيَس اَسِيرَ،
    مارُو مَنجِهه مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هيئَن ٿِيو.
    9
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا، ٿيندِيَسِ ڪيئن قَبُولُ،
    ڪونهي سُهَڳُ نَه سُولُ، پُوچي مُنهن پَهُنوارَ سين.
    10
    تَنِ مُنهن موچارا مارُئين، مَليرُ جَنِين ماڳُ،
    ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
    اَڱُڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئن ٿِيو!
    11
    ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنهين جو اَڀاڳُ،
    “قُلُ لّن يُصّيبَنَاَ اِلاّ مَا کَتَبَ اللهُ،” اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
    سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.

    سر مارئي داستان 5
    1
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا مارُون مَسَ مَڃِينِ،
    ڏُنگا ڏاڏي پوٽيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪي ڏِينِ،
    جي مان لوهَه لاهِينِ، تَه ڪوٽَن ۾ ڪِينَ هُئان.
    2
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومَرا، ميرو مُنهن ٿِيومِ،
    وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِه حُسنَ رِي.
    3
    سونهن وِڃايُمِ سُومَرا! سِکِرَ جِهَڙِي سُونهن،
    دِلِ ۾ دُکِي دؤنهن، منهنجو مُنهن ميرو ٿِيو.
    4
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا! هِتي اَچِي هاڻِ،
    ڪيئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!
    5
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا! ڪيڏانهن وِيُم ڪمال،
    وڃان ڪيئن وطن ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،
    جي مان ڏِين جَمالُ، تَه پَسان منهن پَهُنوارَ جو.
    5
    سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا! ڪيڏانهن وِيُم ڪمال،
    وڃان ڪيئن وطن ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،
    جي مان ڏِين جَمالُ، تَه پَسان منهن پَهُنوارَ جو.
    7
    سونهن وِڃايُمِ سُومرا! پَسان ڪيئن پَهُنوارَ,
    ڌُڻِي جا ڌَراڙ، تنهن رِيءَ رُوءِ رُچَڻُ ناهِه ڪو.
    8
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا! عُمَرَ! ٿِيَس اَسِيرَ،
    مارُو مَنجِهه مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هيئَن ٿِيو.
    9
    سُونهن وِڃايُمِ سُومَرا، ٿيندِيَسِ ڪيئن قَبُولُ،
    ڪونهي سُهَڳُ نَه سُولُ، پُوچي مُنهن پَهُنوارَ سين.
    10
    تَنِ مُنهن موچارا مارُئين، مَليرُ جَنِين ماڳُ،
    ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
    اَڱُڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئن ٿِيو!
    11
    ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنهين جو اَڀاڳُ،
    “قُلُ لّن يُصّيبَنَاَ اِلاّ مَا کَتَبَ اللهُ،” اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
    سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.

    سر مارئي داستان 6
    1
    جِهَڙي آيَسِ جيئن، جي تَهَڙي وَڃان تَنِ ڏي،
    تَه لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندَنِ اُٺا مينهن،
    ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِينءَ،
    ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هيئن،
    ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪيئن، مَنهَه مارُوئَڙَن جي.
    2
    جَهڙِي آيَس جيئن، جي تَهڙِي وَڃان تَنِ ڏي،
    ڦِران، ڦَرَ چارِيان، هِنئون چَئيم هيئن،
    وَڃان ڪيئن وَطَنَ ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪيئن؟
    مُندائِتي مِينهن سونهان سَرَتِيَنِ وِچَ ۾.
    3
    هيڪُ جيئن نَہ ڄاياسِ، ٻيو ڄاپَندي جي مَران،
    گَهنگَهر گَهڻو ٿِياسِ، ڄاپِي، مارُوئڙَن کي!
    4
    هِيءُ مُنهُن ڏيئِي ٻَنِ، تُون وِهُه کائِي نَه مرين؟
    تان جي مَلِيرَ ڄائِيُون، تو سين سَڱُ نَه ڪَنِ،
    تُون ڪيئن مَنجهان تَنِ، پاڻُ ڪوٺايين مارُئِي.
    5
    عُمَرَ ٻَنِ جِيو، کوءِ منهنجو سُومَرا،
    جا پَرِ نه پَهُنوارَنِ جِي، مُون سين تيئن ٿِيو،
    وَٺِي مُنهن ڪِهو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.
    6
    مَ سپَنِي مارُئِي مُئِي، مَ ڄائِي،
    جنهن اَچِي عمرڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي،
    جا سانگِيَنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرَڪي ماڙِيين.
    7
    بِاللهِ آهِيان بَندَ ۾، ڌئان ٿِي ڌَٻَرُ،
    ويڻ وَراڻِي ناهِه ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
    مِيان! مِهرِبانُ ڪَرِيين، اِلاهِي! عُمَرُ،
    ويڙِهه پَسان سو وَرُ، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.
    8
    اَلا! اِيئن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مَران بَندَ ۾،
    جُسو زَنجيرنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ،
    پِهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏينهڙا!
    9
    آئُون بندياڻي بَندَ ۾، ڪِ ڪِي پييَس بَندِ؟
    مُونهين لَڳو مِيهَڻو، ڪِ مُونهِين ڪَڙو ڪَنڌِ؟
    مَران جي هِنَ هَنڌِ، تَه نِجاهه مَئِٿُ مَلِيرَ ڏي.
    10
    واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساهُه،
    بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاهُه،
    پَرَڏيهياڻِي پرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌريجاهُه،
    ٿَڌِي وَسائِجاهُه ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿاهُه،
    جي پويُون ٿِئي پَساهُه، تَه نِجاهُه مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.
    11
    واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساهُه ڏِيان،
    هِيءُ سِرُ ساڻِيهَه سامُهُون، منهنجو نِجِ، مِيان!
    مُقامِياڻِي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،
    مُيائِي جِيان، جي وَڃِي مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.
    12
    واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،
    گورَ منهنجي سُومرا! ڪِجِ پَهُنوارَنِ پاسِ،
    ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جي، مَنجهان وَلڙينِ واسِ،
    مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.
    13
    ڳِچِيءَ ڳانا لوهَه جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ،
    پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندِرِ ڪِيرَ،
    چارِي چَوگانَن ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،
    ڇَنِ نَه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙِيءَ سِٽَ سَرِيرَ،
    مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪي پَهنوارِ کي.
    14
    ڇَنِ نَه ڇَڄي ھيٺ، ڪُڇَن آهيان ڪوٽَ ۾،
    لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چئي، ڀِيڙِيو ٻَڌان ڀيٺ،
    سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٺ،
    اُتِ سَپَڄي اُنَ سَسَن جِي، هِتِ رَڇائِين ريٺ،
    ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائِتِي ميٺ،
    ڏيهِياهَه! ڪِجاهُه ڏيٺ، ڪا مَدَتَ مُون سين ماڙيين.
    15
    ڇَنِ نَه ڇَڄي آهِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ،
    اِيندي پييَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ،
    هَٿَڪڙِيُون هَٿَنِ، ڄَنگُهون ٻانهُون ڪاٺَ ۾!
    16
    هَٿين هَٿَڪَڙولَ، هِينئَڙي پِيَمِ هُنِ جا،
    سانگِي سارِيَم، سُومَرا! ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
    ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ ويهَڻَ جا.
    17
    زيريين ٻيڙيين لوهَه ۾، ڳَٽَنِ ڪِيَس ڳاهُه،
    سنڪي سَندي سُومَري، هَڏِ نَه چاڙهِيَمِ ماهُه،
    سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاهُه، تَه ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي.
    18
    ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي، جنهن ۾ اَڇِي اُنَ،
    تَه پُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِس تُنّ،
    غافِلِ رَکُ غَرِيبَ کي، عُمَرَ! مَنجِهه اَمُنَ،
    سَرَتِيَنِ ساڻِ سَمُن، آهِمِ اُٺي مِينهَڙي.

    سر مارئي داستان 7
    1
    پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهوندا،
    سارِيَم سيڻَ، سَيّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُوندا،
    ڀِٽُن ڀَرِ هوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
    2
    پَنهُوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِئي وَسَ واهوندنِ،
    لَٿو سِيءُ، لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦَرَنِ،
    اوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُونئَري، سَرَتِيُون! مَٿان سَسَنِ،
    عُمَرَ! اُن اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌ ڪَتَنِ،
    پائُر ڏنيون پُٺِيون، ننڍن نوراپنِ،
    کائر کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،
    ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِ، “مَليرِ گُهرِجي مارُئي!”
    3
    پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِئي واهوندنِ وَسَ،
    عُمَرَ اُنهِين ڏيهَه جا، ڏوٿِيَن ڏِنمِ ڏَسَ،
    وَلِيُون، وَڻَ ڦُلارِيا، لُلُر نِڱِيو لَسَ،
    آڻِيو وِجَهنِ آهُرين، سَندا ٽُوهَن ٽَسَ،
    ميوا، مَڃُرَ، ماکِيُون، سَڀَ ڪا چَکَنِ چَسَ،
    ماڙِيءَ وِهي مَسَ، مَلِيرِ وِيندِي مارُئِي.
    4
    آڻِينِ ڪي چاڙهِين، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا,
    سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ،
    مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چانئُر ڪِيو چاڙهِينِ،
    پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
    5
    تَنِ وَنهِيَنِ ويڙِيچنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ،
    چونڊيو، آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ،
    جَنِ جو ويڙِنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نَه ڏُٻَرا.
    6
    ٿوري قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتّ،
    کَٿِيءَ ۾ کِهَه ڀَڪُلِيا ڀُوڻَن اَهَڙِيءَ ڀَت،
    پَهُنوارَڪِي پَتِ، پيهِي پُڇ مَلِيرَ ۾.
    7
    نَڪا جَهلَ نَه پَل، نَه ڪو رائُرُ ڏيهَه ۾،
    آڻِيو وَجَهنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گُلَ،
    مارُو پاڻَ اَمُلَ، مَلِيرونِ مَرَڪَڻُو.
    8
    مَٿَنِ ٽُٻَڪ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
    کُڙِيُون کيهَه ڀَڪُلِيُون، پَگَهرُ، سِر پيرَنِ،
    اِي وَڙَ ويڙِهِيچَنِ، مُون لوڏائِين لَکِيا.
    9
    تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڏَ مَران، ڏِنگا جَنِين ڏارَ،
    ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُر پيرُون چُونڊِيان!
    10
    پاڻهي پَچِي پيئِيُون، رِيءَ واهِيَتَ رِيءَ واڙِ،
    جُوءِ ڪُشادِي جيڏِين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ،
    اُتِ اَباڻا جنهن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙهِه،
    جي اُڪَنڊِيُون آراڙِ، لوهَه تَنِين کي لاهِيين!
    11
    دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو،
    ڪوڙيين اَڏِيان ڪيتَرا، تَنبُو مَٿاءَ تو،
    جي مُلِ نَه آيا، مارُئِي! تَنِين رَڙُ مَ رو،
    ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پَهُنوارَن ۾.
    12
    سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه،
    ويٺِي سارِيان، سُومَرا! گولاڙا ۽ گاهُه،
    هِنيُون منهنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُه،
    پَکَنِ مَنجِهه پَساهَه، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
    13
    سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،
    هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَهِه وِڌائِين تَنُ،
    ڪيئن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري؟
    14
    پاڇاهِي نَه پاڙِيان، سَرَتِيُون سُئِيءَ ساڻُ،
    ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،
    ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.

    سر مارئي داستان 8
    1
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان، ڪِينَ وَري،
    ڪَنان عَهَدَ “اَلَسّتَ” جي، ڪِ تِهائِين پَري،
    “لَمّ يَلِدّ وَلَمّ يُوّلَدّ،” مارُئِي ڪوهُه ڪَري،
    اَڄُ ڪِي ڪالَهه مَري، ساري سانڀِيئَڙَن کي.
    2
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان، ڪِينَ وَري،
    جَنِ ٿي پيءُ پِيارِيو، مَنجهان سِڪَ سَري،
    وَهِيَنِ ويڙيچَنِ جي، سِٽائُنِ سَري،
    ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌري، اُٺي وِيَئَڙا اُڪَرِي.
    3
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَرَنِ،
    “لَيّسَ ڪَمِثِلہ شَيءُ” پَسَڻُ ناهِه پِرِيَنِ،
    پَکا پَهُنورانِ، نيئِي اَڏِيا ناهِه ۾!
    4
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
    کَهَه مانڌاڻُو، مَکَڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
    پَهُنوارَڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽ،
    ساڻيهَه سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
    5
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهه هِيئين،
    لُطفُ ٿِيو، لَطِيفُ چئي، مِهرَ ڪِي مِيين،
    ڏُکِيءَ کي ڏِئين، سَرَهايُون ساڻيهه جُون.
    6
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجِهه سَرِيرَ،
    لَڏي ڪنهن لوءِ وِيا، مارُو مَنجِهه مَلِيرَ،
    ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مانَ مَلَنِمِ ڪَڏهِين!
    7
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِيا اَندَرِ رُوحَ،
    اُٺي وِيئَڙا اُڪَرِي، مارُو مَٿي مُوهَه،
    ويرُون وِلوڙَڻ جُون، سارِيان گَهڻُو صُبُوحَ،
    وَرُ سي کارا کُوهَه، سِنجِيَمِ جي ساڻيهَه جا!
    8
    ورُ اُهائِي ويرَ، جيئن ڌَڻُ تَسِي تَڙِ آئِيو،
    سَرَتِيَنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِيو، اَڱڻِ ڍوئي ڍيرَ،
    هِنئون اُن جي هيرَ ٿو جِهڄي جَهروڪَن ۾.
    9
    بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون،
    سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِي ويرَ وَهُون،
    پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَهُون،
    ڏِينهان ڏينهن نَئُون، مون کي وِرهُه ويڙِيچَنِ جو.
    10
    آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلاہ پاڻِي پاتارَ ۾،
    وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏينهان ڪونَه ڏِئي،
    مُون ڪَمِيڻيءَ کي، مَٿان کُوهَه کَڻِي وِيا.
    11
    سَرَتِيَنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيو، سَتِيَنِ ڳالِهه سُئِي،
    ماڙيچِي ماڙِيَنِ ۾، ڪَڏِهن ڪانَه هُئِي،
    عُمَر! آنءُ نَه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَهِين.
    12
    ڀِنِيءَ جي ڀُوڻَن، ڀيڄ ڀُڻِڪو نَه سُڻيانِ،
    سِنجَڻَ وارِيُون سَتِيُون، وَڃِي ويڙہ وَرَنِ،
    پِيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهي ٻنهِي ڪَنڌِيين.
    13
    سَڀِ نَه وَڃِي سُتِيُون، اَڃا ڪِي سِنجَنِ،
    پِيو، سي پَهَرِن، جي اُڃائِجِي آئيُون.
    14
    ٻُري نَه ٻَڪَرَ دانهن، ڀوڻُ ڀُڻِڪو نَه سُڻِيان،
    مِيان مارُوئَڙنِ جا، اوڻا ڏِسان آنهن،
    جَنِ ساٺيڪا سِنجِيا، سي ڌَڻِي ڪِيَڙءِ ڪانهن،
    پَکا کَڻِي پَرانهن، جيڪُسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِيين.
    15
    سِنجي سِنجي کُوهَڙا، ويڙهي وِيا وَرتَ،
    مِيان! مارُوئَڙَنِ جِي، مون کي هينئڙي ۾ حَيرَتَ،
    چُڻِڪَنِ اَندَرِ چِتَ، سانڀِيئَڙا، ساڏوهِيُون.
    16
    کُوهَرَ، ٿُوهَرَ ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون،
    چارِنِ اُتِ چاهَه مَنجهان، پاسي ڦوڳَن ڦرَ،
    ڪيئن لَهندَمِ ڪَرَ، جيئن مارُو پاڻُ اَپارِيا.
    17
    عُمَرَ! ٿِيَم اَپارَ، وِرِهُه وَٽِيان ڪَنِ سين؟
    ڏوٿيئڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جَنِ تنوار،
    سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِيا.
    18
    مُون ماڙِيءَ جو، سُومَرا! ٻنهِي پارين ڏُکُ،
    هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مارُو ڏِينمِ مِيهَڻا.

    سر مارئی داستان 9
    1
    جُهڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، ، اُتِ آڏِيائُون پَکَڙا،
    هِنَ منهنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ،
    جيڪُسِ آنّ وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِيا.
    2
    جُهڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيها چِلُڙَ چِڪَ،
    اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهُه اُنِين جي سِڪَ،
    پِئون شالَ پهِيُون ڀَري، تِئان ڏيئِي ٽِڪَ،
    وَرُ پِرِيان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گهورِيا.
    3
    ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَن مارُوئَڙَنِ جا،
    پائُرَ سَڀِ پَچِي پِيو، گَهرِ گهارِيندي ڪيرَ؟
    ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪِيرَ مَحَلين مُنجهي مُون هِنيون.
    4
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِيين وَڳَ وارِينِ،
    ڇَڇِئان ڇيڪارِيو، ڇيلَڙا، پَٽين پَهِرائِينِ،
    نيڻَ منهنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ هارِينِ،
    تاڙا تنوارِينِ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
    5
    هِنَ مُند مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشحالَ،
    سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون آڻينِ جالَ،
    سَتِيءَ جِي، سَيّدُ چئي، ڪا ساڻيهه مَنجِهه سَنڀالَ،
    لِڱنِ تان، لَطِيفُ چئي، لوئِي لاهه مَ لالَ،
    ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
    6
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍِنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،
    پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِ،
    هِنَ کي لوهه، لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِهه کِلَنِ،
    کاٽُونبا کاڄَنّ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
    7
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ساڻيهَه مَنجِهه سُڌِيرَ،
    هِنَ کي لوهه، لَطيفُ چئي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،
    مِها مَنجِهه مَلِيرَ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
    8
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي جالِينِ،
    چاريو لَنبَ، لَطِيفُ چئي، واڳِيين وِهارينِ،
    ڪيٽائي ڪاهِين، مينهنِ وَسَندا، موٽُ تُون.
    9
    کاروڙِيان کَڻِي ويڙِيجَهپ وِيا،
    سيڻَ منهنجا، سَيّدُ چئي، هاڻي هِتِ هُئا،
    پَسِي پَڊ اُنِين جا، لَڙِي لُڙڪَ پِيا،
    ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
    10
    سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين،
    مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِئَڙا ٿَرِ اُڪَرِي!
    11
    مَٿي ٿَرَ رَهِي، وِيا گُذاري ڏينهڙا،
    ڪَڏِهن ڪونَه آئِيو، تَنِ پَهُنوارَنِ پَهِي،
    وِيئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيَمِ جَنِ سين!
    12
    پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئِي،
    اَکِيُون،نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئي،
    ڏُورِ ٿِيا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!
    13
    ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پِپُون پائُرَ وَٽِ ۾،
    سيئِي سارِيو سُومَرا اَچي آبَ اُڇَلَ،
    سانبِيَن ڏِنَمِ سَل ڏِٺي جَنِ ڏينهن ٿِيا!
    14
    جُهران، جِهڄان تي، جيئن پَسَڻا پَري ٿِيا،
    اَلا! اوٺِي آڻِيين، جو کِينءَ جِي خَبَرَ ڏي،
    مَنَ منهنجي کي، واڪو لَهي نہ ويڙِهه جو.

    سر مارئي داستان 10
    1
    اُٺي ٿِي وراڻِ، کِينءَ واڌايُون آئِيُون
    لَٿِي لوئِڙِيارِيين ، مِڙَنِي مُنهن ڪاڻِ،
    صُلحُ وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ،
    هَمِيرَنِئُون هاڻِ. مُهُتَ لَهَندِينءَ مارُئِي.
    2
    ڌُرِيائِين ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جدا ڪِيا،
    تَنِ سُڪَنِ ڪِهَڙِي سارَ، تَه ڪِ اُٺا مينهن مَلِيرَ ۾.
    3
    آيو ڪيرُ ڏيهاءِ، جنهن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون،
    وِڄُون اِنَ وَڻاءِ ، راتِ مارُوءَ تي وَٺِيُون.
    4
    اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
    وِساريج مَ وَرَ کي، پَئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي،
    وِيندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏينهن آهِيين ڪوٽَ ۾.
    5
    ڪو ڏينهن آهِيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِه،
    ڪامَڻِ! آنهنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آهِه،
    هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪَڙو، پائُرِ جي پَساهِه،
    سَتِي! سِيلُ نباهِه، مَلِيرِ وِيندِينءَ مارُئِي.
    6
    سي ساهِيڙِيون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِين جو سَچُ،
    مارُوءَ رِيءَ مَ مَچُ، سِيهو ڀانئج سونَ کي.
    7
    ساهيڙِيُون سارِين تو، سَچُ جَنِين جو سِيلُ،
    نَه ڪو قالُ نَه قِيلُ اُنِيَنِ جي اَدَبَ ۾.
    8
    جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تنهن پُئان،
    سانڱائِتُوءَ، سَيّدُ چئي، سَندِيُون چِتَ چُئان،
    هِتي تان نَه هُئان، حرفَ لَٿي هيڪَڙي.
    9
    جو ڏيهه ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُم تنهن طَعنو:
    “پائي ويهُه مَ پلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
    مَٿان لَڪَ، لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خزانو،
    سَرَتِيَنِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو،
    ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هِيڪَڙي.
    10
    مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِهَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،
    چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِييَمِ رَتُ ڄَيُون،
    نيڻين نِنڊَ وِهُه ٿِئِي، ساري ساڏوِهُيون،
    هِتي جي هُيُون، تَه سُڌِ پِييَنِ سِيلَ جِي.
    11
    سَتِي تنهنجي سَتَ ۾، ڳالِهه گُهرِجي ڳَچُ،
    وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ،
    ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تہ ٿِيين سَمانِي ساڻيهه ۾.
    12
    جانڪِي سَتِيَنِ سِيرُ، تانَ ڪِينَ وِيهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
    سپَ سَمُونڊِين سَپَجي، نَدِيءَ پِيئي نَه نِيرُ،
    جيئن هُوءَ اَبرَ آسَريءَ، تيئن مُون مَنِ مَلِيرُ،
    کائُرِ پِيئن کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي!
    13
    جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آهِينِ اَبرَ آسَري،
    جيئن ڪُنجُون سارِين روهَه کي، مُون تَن اَندَرِ تِيئن،
    هُتِ واعِدا وَڃَڻَ جا، هِتِ نَه ڀانيُمِ هِيئن،
    ڪوٺِيَنِ وِهان ڪيئن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نَه هُئان.
    14
    سِپَ سَمُونڊين سَپَجي، اَبرَ آساروس،
    ٻاڙو پِيئي نَه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنهن لَڳوسِ،
    ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جيئن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.
    15
    سِکو، سَڀَ سَرَتِيُون! سِپُنِ مُلا سِيرُ،
    ٻِيو مَٽائي نِيرُ، اُڀِيُون اَبَرَ آسَري.
    16
    سِکو سِپُن کان، سَرَتِيُون! رِيتِ سِڪَڻَ جِي،
    مَڱنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَه آسَرو.
    17
    پِهرِينءَ راتِ پَسِي، مُون ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِيو،
    موهَر مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ! ڏيجِ وَسِي،
    آهَرَ جنهن اَسِين، سو مِلَندو شالَ مَلِيرَ ۾.
    18
    وَطَنَ رِيءَ ويهِي، جي هِتِ گهارِيَمِ ڏينهڙا،
    اوءِ مارُو ڏِيندَمِ منهن ۾، ڏاڏاڻا ڏيهِي،
    پَکَنِ ۾ پيهِي، شَلَ مَحَلَنِ جِي مَرُ ڌُئان!

    سر مارئي داستان 11
    1
    مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو،
    وَرِيا واهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِيا.
    2
    پَهِيءَ سُکَ! پيرَنِ کيهَہ! ڪو نينهن نِياپو مارُئين،
    اَتِ اُڪَنڊي آهِيان، تنھن آتَڻَ، تنھن ڏيهہ،
    سَندِي جا ساڻيهہ، کِهَ کَٿُورِي ڀائِيان.
    3
    ڪنهن تَڙِ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مينهڙا،
    مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويهِي ڪَرِ وائِي،
    آئُون اَڳَ ڍائِي، سَنِيهو سُڻِي جِيان.
    4
    جيڪُسِ اُٺا مينهن، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،
    ڪالَهه سَڄوئِي ڏينهن، منهنجي اَکَڙِينِ اُڪِيرِيو.
    5
    سَچُ ڪِ اُٺا مينهن، مونهان پوءِ مِليرَ ۾،
    ڏوٿِيَنِ لائِيا ڏينهن، پَهِرِيا جي پُسِيءَ کي.
    6
    اُٺَنِ مينهن گَهڻا، ٿِيَنِ موڪَ مَلِيرَ ۾،
    اَکِيُون آبَ ڀَرِئُو، اُنَهِين کوڻِ کَڻان،
    مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!
    7
    “تنهن پَرِ اُٺَنِ مينهڙا، جنهن پَرِ گُهرِيائُون،
    رَضا جا رَحمانَ جِي، پُڇِي پارِيائُون،
    مَلِيرُ ماڻِيائُون، حُڪُمَ ساڻُ حَبيبَ جي.”
    8
    سَکَرَ سيئِي ڏينهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
    وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي، ماڙِيَنِ مينهن،
    واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِوارُون تيئن،
    نِيئَرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
    9
    عُمَرَ! اَڄُ گَڏِيام، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيهَه جا،
    پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ،
    لَهِي لوهَه پِيامِ، لُطفُ ساڻُ لَطيفُ چئي.

    سر مارئي ابيات متفرقه
    1
    جُهُ سي لوڙائُو ٿِيا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ،
    مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪيتَرو؟
    2
    جُهُه سي لوڙائُو ٿِيا، جَنِين سَندِيءَ ڌِيرَ،
    مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪنهن دَرِ ڏيندا دانهَڙِي؟
    3
    وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
    چانڪِ پِيَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
    هاڃُو ڪِيو هَمِيرُ، بِاللهِ نِئي ٿو بَندَ ۾!
    4
    سُهُمَ پَسان ٿِي، سُومرا! پِرِيَنِ رِيءَ پيئِي،
    مُلِ رَساڻي مارُئين، مون کي ڪو نيئِي،
    ته ساڻُنِ سَڀيئِي، ڳُجَهه ڳَرهِيان ڳالهيون.
    5
    جي گَهرِ گهارِيَمِ ڏِينهڙا، هيڪاندِيءَ حُضُورِ،
    سيئِي سِڪان، سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ،
    هَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ،
    سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچين شالَ اَسُورِ،
    دَران ٿِيان مَ دَورِ، مارُوءَ ڄامَ مَلِيرَ جي.
    6
    اَتِ اُڪَنڊِي آهِيان، عُمَرَ! آئُون اَڪاڄَ،
    سُومَرا سُڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.
    7
    اَڄُ اَڍَنگا وِيڻَ، مون کي مُڪا جيڏِيين:
    “هارِي! هَمِيرَنِ جا جيڪُسِ کاڌَءِ کيڻَ،
    سانڀيئڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِيا وِسَرِي”
    8
    ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري،
    مَلِيرُ سارِيو مارُئِي، رويو رُئاري،
    اَلا! اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جِي ميڙِيين!
    9
    جيها جي تيها، مُون مارُو مَڃِيا،
    مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ مِها،
    منهنجي آهه اِها، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.
    10
    مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران،
    پاڻي واري پانهنجو، وينديائِي وَران،
    ٿورو مَنجِهه ٿَران، هوند لَڳِي لوئَڙِيارِيين.
    11
    مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، هَميشه هُئان،
    پيرين تنهن پُئان، نَيءَ وِهاڻِيءَ نُورَ سين.
    12
    مائٽ منهنجا، سومَرا، مارُو نَه ميرا،
    اُٿِيو ڏِينِ اُسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀيرا،
    پَهُنوارَنِ پيرا، وِڙُهه مَ ويڙِيچَنِ سين.
    13
    ڪيئن ڌُئَارِيان ڌَٻَڙا، وِيندِيَسِ ڪنهن نَه وِهاهِہ،
    مُون مُلِ مارُو ناهِه، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي؟
    14
    اَکَڙِيُون مَلِيرَ ڏي، جَنِين راتو ڏينهن،
    هاڻي ڪَندِئين ڪيئن، عُمَرَ! اَسائُنِ سين.
    15
    ڪانڌُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻيو،
    کَٿيرو ئِي خُوبُ،
    ميروئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.
    16
    مُنهن منهنجو، سُومَرا! مَرُ ميروئِي هوءِ!
    مَتان مارُو چُوءِ، تَہ ڌوتوئِي ڌوراڻَنِ ۾.
    17
    جي لُوڻُ لِڱن لائِيين، چِيري چِيري چَمُ،
    مُون ڪُرَ اَڳي نَه ڪِيو، اِهَڙو ڪوجهو ڪمُ،
    جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَهُنوارَ سين.
    18
    تِنهن کوڻِ ٿِي کِواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻنِ جِي،
    سارِيو سانڀِيئَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ،
    سُوٽا ڪِيمِ سَهاءِ، عُمَرَ! بَندِياڻِنِ کي.
    19
    جِتِ ڀُونگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تِنهن کوڻِ کِوَنِ،
    پائُرَ سَڀِ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيَنِ،
    مارُوءَ ري مَ مَرَنِ اَللهَ! هي آسائِتيُون.
    20
    جِتِ ڀُونگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تنهن کوڻِ ٿِي کِواءِ،
    سا وِڄُ پَسِيو وِندُران، مون رُوندِي راتِ وِهاءِ،
    سِيلِيتِيَنِ سُهاءِ، مارُو جو مَلِيرَ جو.
    21
    پَهرِي ڪِيا پَٽَنِ ۾، وِڄَڙِيَنِ واڌاڻا،
    سُورَ اُنِين جا، سُومَرا! مون کي اَندَرِ اُڌاڻا،
    اُٺي وِيئَڙا اُڪَرِي، عُمَرَ! اَباڻا،
    ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، پَسان شالَ پَرِ ڪَهِين!
    22
    وِڄَڙِيَنِ ويسَ ڪِيا، موٽِي آئِي مُندَ،
    اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَه ڪَرِنِ بُوندَ،
    هيئن نه ٿِيَنِ هوندَ، جي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِهِين.
    23
    جِتِ کَرَڙَ، کَتا ۽ کاهِيُون پالَ، پَڪا ۽ پَڪَ،
    سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَ،
    مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائِتِي مَڪَ،
    کينڪاريان خَلَقَ، جا ٿَرَڄائِي، ۾ ٿُوهَرين.
    24
    پَڪا پَهُنوارَنِ ڏي، ميوا، مَڃَرَ، مَڪَ،
    عُمَرَ! اَتِ اُڪَنڊيو، حالُ هَماري حَقَ،
    لوئِي ۽ لَڪَ ، سَمُنَ سُپيريَنِ سين.
    25
    پانڌِي! پِرِينءَ پَهُنوارَ کي، چَيُمِ تيئن چَئيجِ:
    “سَندا سَنگَتِ ڏينهڙا، وَرَ! مَ وِساريجِ،
    ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آهِيان، سِگِهي سارَ لَهيجِ،
    مُٺِ مانڌاڻِي مُنجيجِ، ته نِيئَرنِ ۾ نَئُون ڪَريان.”
    26
    پانڌِي! پِرِينءَ پَهُنوار سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻ:
    “جيئن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، تيئن آن سُورَنِ ساڻِ،
    ڪِجاهه ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ ڏَهِيُون ڪِيو.”
    27
    پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جا، جان ٿو وَڃِين وَسَ،
    ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَهَسَ:
    “آئون اَوهان جي آهيان، گولِي مَٿي گَسَ،
    ويٺِي ڪَرِيان وَسَ، ايڏي جي اَچَڻَ جا.
    28
    پانڌِي! چَئِجِ پِرِينءَ کي، جورِ هَڻِي جانا:
    “پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايَنِ ڪانا،
    آن رِيءَ اَمانا، گَهنگَهرِ گهارِيان ڏينهڙا.
    29
    پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جا، نِياپا ني ڪي،
    ساري ڏيجِ سَرَتِيين، يادِ پُونَئِي جيڪي،
    وَلِيُون، وَڻ ڦُلارِيا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي ڪي،
    سَڱر کِينِ سَرَتِيُون، سييَنِ جيئن سيڪي،
    زيرِيُون ڀَڃِي جي ڪي، مِلان ماروئَڙَنِ کي.
    30
    جي هِتِ هُئِي مارُئِي، ته لَڌِيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ،
    اَرداسِيُمِ عُمرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽاسِ،
    جِي نَه ڇَڏِيائِين، ڪِ جَهلِئين، تَه پنهنجو اَنگُ آڇِيانسِ،
    لاهي لوهُه، لَطِيفُ چئي، هِتان هوند هَلانسِ،
    موکي مَلِيرَ سامُهِين، وَٺِي ٻانهن وَڃانسِ،
    رَهَبرُ ٿِي ريڙِهيانس، سونهاري ساڻيهه ڏي.
    31
    نَنگا آهِيُون نِڱِيا، اَسِين مارُو لوڪَ،
    ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪُ، جو ڍَڪَ ڍاٽِيئَڙنِ جو.
    32
    اوڏا جان هُئا، تان نِتُ نِياپا آئِيا،
    مارُوئڙا مَليرَ ڏي، واري وَڳَ وِيا،
    تَنِين ڏونهن ڪِها، ڏي ڏوراپا، چائِيان؟
    33
    کَنيائُون کائُر ڏي، ساري هاجَ هِئا،
    لاهي لَڏَ، لَطِيفُ چئي، پَرِيين ٿَرِ ٿِيا،
    ڇَڏي ڳُڻَ ويا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
    34
    جيئن ڳَنڍِيُون مَنجِهه ڳَنڍِيرَ، تيئن مُون مَنُ
    مارُوئَڙَنِ سين،
    سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِيا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَهِيرَ،
    تَنِين رِيءَ، هَمِيرَ! گَهنگَهرِ گهارِيان ڏينهَڙا.
    35
    جيئن ڳَنڍِيُون مَنجِهه ڳَنڍِيرُ، تيئن مُون
    مَنَ مارُوئَڙَنِ جُون،
    ڏِنِيُون لَسَ، لَطِيفُ چئي، هينئڙي کي هَمِيرَ،
    وڃِي مَنجِهه مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِيندِيَسِ سُومرا!
    36
    سي ٿاريلا ٿَرَنِ ۾، جي مان گَهٽُ گُهري،
    وَطنُ وَسَ، وَسَندِيُون، هينئَڙي نِتَ هُري،
    اَندَرِ چِتَ چُري، وِرِهُه ويڙِيچَنِ جو.
    37
    وَنهِيا ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوکاهي هُئانِ جي،
    اوءِ ڀيڻِيُون ۽ ڀاڻَ، موٽِي مارُنِ اَڏِيا.
    38
    ٿورا مَنجِهه ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جي ڪِيا،
    عُمَرَ! اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان؟
    39
    هَڏِ نَه پَڙان هيڪَڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِ،
    مون کي مارُوئَڙَنِ، ميرِي ڪَري نه مَٽِيو.
    40
    نِيئَرُ نَه لَهي نينهن جو، لوهه جا وِيا لَهِي،
    ڪُنجِيُون جي قُفلَنِ جون، سيڻَنِ هَٿِ سَهِي،
    وِيئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي؟
    41
    نِيَرءَ نَه لَهي نينهن جو، لوهه جا لَهِي وِيا،
    مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهِلا ڏينهن ٿِيا،
    ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي؟
    42
    سُڻِي ساڻيهہ ڳالهڙِي، وِهُسي ويڙِيچِي،
    سَڀِ سُڌِ پييَمِ سُومَرا! هِتي هُتي جِي،
    ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مون.
    43
    سُڻِي ساڻِيهَه ڳالهڙي، لَهِي وِيا لوهَه،
    اَندَرَ جا اندوهه، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا.
    44
    توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي،
    جنهن تو سامائِي، مامَ نَه ڀَڳِي مارُئين.
    45
    وِيا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئڙا ٿَرِ اُڪَرِي،
    تَنِ پُڄاڻان هاڻِ، آئون جاڙَ جِيان ٿِي، جيڏِيون!
    46
    ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ! لَڳ اَللهَ،
    ٿِيَمِ نَه ٿورا ڏينهڙا، ماڙِيين ڳارِيَمِ ماهَه،
    سِڪَ منهنجي ساهَه، مارُوءَ جِي مَسَ لَهي.
    47
    مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،
    تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ،
    پَهُچَندِينءَ پَهُنوارِ! سِگِهي سَنگهارَنِ کي.
    48
    مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجون هارِ،
    جِهَڙا اَچَنِ ڏينهڙا، تَهِڙا ويٺِي گهارِ،
    ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَڙا، سِگها ٿِينِ سَنگهارِ،
    لَٿا، لوهَه لَطِيفُ چئي، پَروڙِجِ پَهُنوارِ،
    ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِيو.
    49
    مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانهُون،
    سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،
    لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيهُه پَسَندِينءَ مارُئِي!
    50
    مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ ڪِيهُون،
    اُٺي اَچَنِ اتَهِين، وانڍَنِ جُون وِيهُون،
    ميڙِيندوءِ مِيُون، مِينهُن اُٺي مارُئِي!
    51
    لوئڙيارِي آهيان، وارِيان تان نَه وَرَقُ،
    سانڍِيُمِ سُپِرِيَنِ لئي، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
    ڪَنڌِ ڪاسو، پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
    سَندو مارُوءَ حَقُ، جان جِيان تان پارِيان.
    52
    اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ، وَنهِيَنِ ويڙيچَنِ جا،
    سُورَنِ اَچِي، سُومَرا! اَندَرِ ڪِي اوطاقَ،
    مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ منهنجا ڪَپِيا.
    53
    چِڪِي، چِڪِيَمِ چاڪَ، وَنهِيَنِ ويڙيچَنِ جا،
    واجِهيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،
    سيئِي سارِيَمِ سُومَرا! ٿَر جَنِين جا ٿاڪَ،
    مارُوءَ جي اوطاقَ، گَهڻُو اُڪَنڊِي آهِيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو