سر ڪيڏارو شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪيڏارو داستان 1
    1
    ڏِٺو مُحَرمُ ماهُ، سَنڪو شَهِزادَنِ ٿِيو،
    ڄاڻي هيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
    2
    ڏِٺو مُحَرمُ ماهُ، سَنڪو شَهِزادَنِ ٿِيو،
    مڪي، مَدِيني، ماڙهُوئين، رُنو مَٿي راهَ،
    تنهن واحِدَ کي واهَ، جو حُڪُمَ هِهَڙائِي ڪَري.
    3
    مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نَه اِمامَ،
    مَدِيني جا ڄامَ، مولا! مُون کي ميڙِيين!
    4
    مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نَه اَمِيرَ،
    مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ! مون ڏيکارِيين!
    5
    مِيرَ مَدِينِئان نِڪَرِي، ڏيرا ڏِنائُون،
    ڪاٺِيءَ، پاڻِيءَ, گاهَ کي، ماڙهُو مُڪائُون،
    چَڙهَندي چيائُون، تَہ ٿيندي ويڙِهہ وَڏاندَرِي.
    6
    مِيرَ مَدِينِئان نِڪَري، رِڙِهيا مَٿي رَندَ،
    گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِيا مَٿي پَنڌَ،
    جِتي رَهِيا راتَڙِي، سي سُونهارا هَنڌَ،
    ڪُلَها، ڪَرِنگَهرَ، ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجهارَن جا.
    7
    مِيرَ مَدِينِئان نِڪَري، آئِيا نَه موٽِي،
    ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
    آئون تَنِين لاءِ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئِيا.
    8
    سَخِتي شَهادَتَ جِي، سُڻُ! شادِيءَ جو ڏينهن،
    ذَرو ناهِہ يَزيدَ کي، نِسورو ئِي نينهُن،
    مَرگُ آهي مينهُن، عَلِيءَ جي اولاد کي.
    9
    سَختِي شَهادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلارُ،
    ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، اِي عِشقَ جو آثارُ،
    ڪُسَڻ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
    10
    سَختِي شَهادَتَ جي، مَلارُ مِڙوئِي،
    ذرَو ناهِه يَزيدَ کي، آثارُ اُهوئِي،
    ڪُسَڻُ هو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
    11
    سَختِي شَهادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
    رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِئي ڪَرِبَلا جو.

    سر ڪيڏارو داستان ٻيون
    1
    چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان مِيرَ،
    اُنِ سين طَبَلَ بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ،
    عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
    2
    چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان گهوٽَ،
    اُنِ سين طَبَلَ بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪوٽَ،
    عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
    3
    چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان ڄام،
    اُنِ سين طَبَلَ بازَ، تَبَرُون، نيزا ۽ نِيشان،
    عَلِيءَ پُٽَ اَڀامَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
    4
    ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
    جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
    مُنهن نَه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
    5
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهل بَيتَ آيا،
    ماري مِصرِيَنِ سين، تَنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
    سَچُ ڪِ بيبِي ڄايا، هَهِڙا سُورِهيه سُپِرِين.
    6
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيّدَ شيرَ،
    ماري مِصرِيَنِ سين، ڍُونڍَ ڪِيائُون ڍِيرَ،
    دَهِليا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسَينَ جو.
    7
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
    ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿَلِيا آسمانَ،
    ڪَرَهِہ هُئِي ڪانَ، هو نِظارو نِينهن جو.
    8
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، پاڻَ آيا پيهِي،
    پَهُه ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِلِ ويهِي،
    قَضا هِيءَ ڪيهِي، هَئي هَئي! ٿِي حُسينَ سين.
    9
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
    ويهِي ويرِينِ سامُهان، تِکا هَنيائُون تِيرَ،
    هُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اِمامَنِ سين اَڳَهِين.
    10
    دوستَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
    خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَختِيُون سَهائي،
    اَللهُ اَلصّمَدُ بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاهي،
    اِنهيءَ مَنجِهه آهي، ڪا اُونهي ڳالِهه اِسرارَ جِي.

    سر ڪيڏارو داستان 3
    1
    ڏِٺو ڪالَهه ڪِنهين، جُهونجهارَڪو جَهڳَڙو،
    هاٿِيَنِ هَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئِينِ،
    ڀانئِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿِئي.
    2
    ڪاري ڪَڪَرَ هيٺِ، مُون جهيڙِيندي ڇَڏِيا،
    ڪارا ڪُنَدَ هَٿَنِ ۾، اَڙَلَ وَڇيرا هِيٺِ،
    ٿِي تَنِين سين ڏيٺ، موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو.
    3
    آيا، اُجارِينِ تَنڪَ، تَرارِيُون، تيئُرا،
    سانگِيُون سائُنِ هَٿَ ۾، ڪُلهنِئُون نه لاهِينِ،
    اُڀائِي آهِينِ مُهائِي مَرَڻَ تي.
    4
    هَڻَڻُ، هَڪَلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ، مانجِهيان اِيءُ مَرَڪُ.
    وِجَهنِ تان نَه فَرَقُ، رُڪَ وَهَندِيءَ راندِ ۾.
    5
    بَهادُرَ گَڏِيا بَهادُرين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ،
    وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، هاڪارِينِ هَڻَنِ،
    ڪِرَنِ، ڪَنڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
    6
    هوڏانهن هُنِ هاڪارِيو، هيڏانهن هِي هَڻَنِ،
    سُرِنايُون ۽ سُندڙا، ٻِنهِي پارِ ٻُرَنِ،
    گهوٽَنِ ۽ گهوڙَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
    7
    گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻ ٿورا ڏِينهڙا،
    ڪَڏهن مَنجِهه ڪوٽَنِ، ڪَڏهن واهِي رِڻَ جا.
    8
    گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِيو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،
    عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏَ ڪَري،
    قَضا ڪيئن ٽَري، جيئن اَمُرُ اِلاهِي آئِيو.
    9
    جِهمَندِيُون اَچَن، جهولِيُون جُهونجهارن جون،
    پايو ٻُڪَ ٻُهارَ جا، اُن جون وَهُون واڪَا ڪَنِ،
    پِٽِينِ پارَ ڪَڍَنِ، رِڻُ ڳَجيو راڙو ٿِيو.
    10
    ڪانڌَ ڪَلارين، ڪَپِڙين، وَرَ! ونَاهِيو آءُ،
    جِتِ سانگَينِ جِي سَٽِ وَهي، اُتِ وِکَ وَڌَندي پاءِ،
    تان تان ڀَئو مَ ڀاءِ، جان جان نُونڌين نَه چَڙهين.
    11
    “ڀَڳو” آئُون نَه چُئان، “ماريو” تَه وِسُهان،
    ڪاندَ مُنهن ۾ ڌَڪَڙا، سِيڪيندِي سُونهان،
    تَه پُڻِ لَڄَ مَران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.
    12
    “ڀَڄِي آئين، ڀَڄَڻا! لَڄايُئِي مُون، يار!
    ويٺِيُون ڪَنِ ڪُوارَ، مُنهن مَٿانهان جنِ جا.”
    13
    ڀَڄِي آئين، ڀَڄَڻا! لَڄايُئِي مُون سيڻ،
    ويٺِيُون وِجَهنِ ويڻَ، مُنهن مٿانهان جنِ جا.
    14
    مُنهن مٿانهان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پارَ،
    جيڏِيُون! هِنَ جونجهارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪِيا.

    سر ڪيڏارو 4
    1
    ڪا جا ڍُرِي ڍُنگُرِي، ڪو جو وَرِيو واءَ،
    عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻَ ۾ پييَنِ راتَڙِي.
    2
    جهيڙو لاهِه، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سين،
    سا نَه پَسَندين عِيدَ، جا هوندِي مِيرَ حُسَينَ سين.
    3
    جَنِين جهيڙِيو ڪَالَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
    هَئي تَنِين جي حالَ، جي جَماتِي يَزِيدَ جا.
    4
    جَنِين جهيڙِيو اَڄُ، عَليءَ جي اولادَ سين،
    ڀَئي! تَنِين کان ڀَڄُ، جي جماتِي يَزِيدَ جا.
    5
    ڪُوفِيَن قَهَرُ ڪِيو، ٿِيا جماتِي يَزِيدَ جا،
    پَلِيتَنِ کي پِڙَ ۾، وَرنَههُ وَرِ پِيو،
    سَڌَرُ هونِ سِهو، شيرُ شَهادَتَ رَسِيو.
    5
    ڪُوفِيَن قَهَرُ ڪِيو، ٿِيا جماتِي يَزِيدَ جا،
    پَلِيتَنِ کي پِڙَ ۾، وَرنَههُ وَرِ پِيو،
    سَڌَرُ هونِ سِهو، شيرُ شَهادَتَ رَسِيو.
    6
    ڪُوفِيَنِ ڪاغَذُ لِکيو، وِچِ وِجِهي اَللهُ،
    “اَسِين تابِعَ تنهنجا، تُون اَسان جو شاهُه،
    هيڪَرَ هيڏي آءُ، تَه تَختُ تابينِي تنهنجي.”
    7
    ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَه پِيارِينِ،
    اُتي عَلِيءَ شاهَه کي، شَهِزادا سارِينِ،
    نِڪَرِيو نِهارِينِ، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.
    8
    پِرِهَه پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي،
    روضي پاڪ رَسُولَ جي، تنهن هَلِي هاڪَ هنئِي،
    “ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.”
    9
    پِرِهَه پَکِي آئِيو، صُبُحِ سَوارو،
    روضي پاسِ رَسُولَ جي، هَنيائِين هاڪارو،
    “مانجِهيَنِ ڪِيو مارو، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.”
    10
    پِرِهَه پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪالَ،
    “آهِه آلُودو رَتَ سين، حَيرَتَ گَڏِيو حالَ،
    گهوٽَ وِڻاهِيا ڪالَ، ٻيلِي مِيرَ حُسَينَ جا.”
    11
    ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهِزادَنِ جِي،
    عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روهي جَهليا.

    سر ڪيڏارو داستان 5
    1
    حَسَنُ ناهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻيلِي نَه ٻاهُون،
    ساڻيهُه شَهزادَنِ جو، آهي اَڳاهُون،
    يَزِيدَ! جُلاهُون، تيلانهن ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
    2
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، هَئي جي حَسنُ هُئو،
    ڀيڙو ڀيڙو ڀاءُ تي، پَتَنگَ جيئن پِيو،
    آهي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري هَلان مِيرَ حُسَينَ تان؟
    3
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نَه هُونِ،
    پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو.
    4
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَرَ جو پائي،
    اَڃا اُنُ کي جيئڻ جو، آ سانگو آهي،
    سُورِهيُه سو چائي، جو رُڳو ئِي رِڻِ گِهڙي.
    5
    سُورِهيه مرين سوڀَ کي، تَه دِلِ جا وَهَمَ وِسارِ،
    هَڻُ ڀالا، وِڙهُه ڀاڪُرِين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
    مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تَه متارو ٿِيين.
    6
    حُرّ هَلِي آئِيو، مانجِهي مَردانو:
    “آهِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَرِوانو،
    مانَ راضي ٿيئي رَسُولُ رَبّ جو، نَبِي تو نانو،
    هِيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مَٿانئِين گهورِيان.”
    7
    هُئِي هدايَتَ حُرّ کي، اَزَلَ ۾ اَصلا،
    چَڙهِي آيو جَنگِ تي، هَلِي هُنَ پارا،
    اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: “گهورِيُسِ آن مٿاءَ،
    “لَا يُڪَلّفُ اللهُ نَفساً اِلا وُسعَها”، جيڪا پُڄَندِيَم سا،”
    گهوٽَ پِه لَڳا گهاءَ، هِيءُ پِه شيرُ شَهِيدُ ٿِيو.
    8
    پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، هَڻي هَزارِي هولُ،
    جوهَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ،
    رَتورَت رَتولُ، مولِهيو مِيرَ حُسَينَ جو.
    9
    ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙهُونءَ گُلَ جيئن،
    چوڏِهينءَ ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
    ميڙي ۾ مُحَمّد جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
    تنهن سُورِهَيه کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿِئي.
    10
    ڏاڙهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَه موتِيَنِ ڳُتِيا،
    چوڏهِين ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
    “اَللهُ نُورُالسّمَاواتِ،” جَلوو زَمِيناسِ،
    “سِيمَاهُم فِي وُجُوهِهِمِ”، مُنهن ۾ مَڻِ ڳُتِياسِ،
    ڪَڪِرا ڪَربلا جا، مادَرِ ٿي مِيڙِياسِ،
    ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِهياسِ،
    مِڙَئِي مَعافُ ڪِياسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
    11
    ڪَربَلا ڪَڪورِي، دُلدُلِ رَتا پيرَ،
    سَٽُون ڏِيندي شيرَ، مَٿاءَ سِڄُ مُرڪيو.
    12
    چارِ تَرارِيُون چيلهه سين، ٻَڌِي ٻَه پاڳُون،
    اَڳِيَنَ جُون آڳُون، ڪَونرَ ڪِلي ۾ موکِيُون.

    سر ڪيڏارو داستان 6
    1
    ڪَؤنر ڪِلي جا ڪوڏِيا، جان ڪِي تائِين جِيءُ،
    مَٿاءَ اَڙِنِ اُسَرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ،
    ڳاهُه ڳِجُهنِ جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِهيه ٿِيا.
    2
    پاڪَ جَنِين جا پيرَ، کَٽان هيٺِ نَه کوڙِيا،
    تَنگَ تَرارِيَنِ تِڇِئا، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳيرَ،
    ڍُونڍَ تَنِين جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيَنِ ڳَرِ لائِيا.
    3
    ڇَپَرِ جيئن پَهُون، تيئن رِڻُ ڳِجُهنِ رانئِيو،
    وَنڪا وَنڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِينِ ڊَهُون،
    مُهايَنِ وَهُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون.
    4
    ڳِجُهون ڳوٺِ نَه هُونِ، وَتَنِ ڪِلي ڪوڏِيُون،
    حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، لَمِيو لائُون ڏِينِ،
    ڳُتا اُکوڙِينِ، چوٽا چُوڙيئَرَنِ جا.
    5
    ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏينهان رِڻَ ۾،
    ڀُڻِيُون پُڇَنِ پاڻِ ۾، “ڪنهن مُنهَن ڪيڏارو؟
    کائِنِ کَڳَمارو، ڪانئِرُ پِيو ڪِنُو ٿِئي.
    6
    ڳائو ڳِجَهه نَه کاءِ، میهي ماسَ نَه هيرَئِين،
    تَنِين لاءِ واجهاءِ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾.
    7
    اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳِجَهڙِي، تارا تان مَ کاءُ،
    پِيو نَه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ،
    جيري جنهن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَؤُ نَوَ گهاءَ،
    راتِ جنهن جي ماءُ، روئِي پَرِنيورَبّ کي.
    8
    کَنڀَ کُسَنئِي ڳِجَهڙِي، لِڱيِن پويئِي واءُ،
    اَمِيرَنِ مَٿاءُ، جيئن تو ڦُلين ڇائُون نَه ڪِيُون.
    9
    ڳِجُهنِ ويٺِي ڳاڙِيا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا،
    تَنگِي لٿِيَنِ تُوڻِ جِي، سُورِهَيه ساماڻا،
    ڪَندا راماڻا، ڪَؤنَر ڪِلي جا ڪوڏِيا.
    10
    ڪُوپا ڪِلي جا ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَهَنِ،
    سائُنِ سِرَ فِدا ڪِيا، اڳيان اِمامَنِ،
    يُجاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ، ڪَمُ اِهو ئي ڪَنِ،
    حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سِهَرا شَهِيدَنِ کي.
    11
    ڪُوپا ڪِلي جا ڪوڏِيا، سائُو سِلحِدارَ،
    هِڪُ ڀائُرَ، ٻِيا ڀائِٽیا، ٽيا جانِي جِگِرَ يارَ،
    اَرِڙَنِ ۾ اِحسان سين، سوڀا ٿِيا سَردارَ،
    حُورُنِ ٻَڌا هارَ، سِهَرا شَهِيدَنِ کي.
    11
    ڪُوپا ڪِلي جا ڪوڏِيا، سائُو سِلحِدارَ،
    هِڪُ ڀائُرَ، ٻِيا ڀائِٽیا، ٽيا جانِي جِگِرَ يارَ،
    اَرِڙَنِ ۾ اِحسان سين، سوڀا ٿِيا سَردارَ،
    حُورُنِ ٻَڌا هارَ، سِهَرا شَهِيدَنِ کي.
    12
    جَنّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ هَلِيا فِردَوسَ ڏي،
    فانِي ٿِيا “في اللهَ” ۾، هُوءِ ۾ پِيا هُوءِ،
    رَبَ! ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِين جِي اِحسانَ سين!
    13
    حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جَهانَ،
    اُڏاڻا اُور ڪَري، ڪارين پَکين ڪانَ،
    پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيّدَ سَڀِ مَلهائِيا.
    14
    حَسَنَ، مِيرَ حُسَينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
    گَهرِ ماڙهُوئين، جَهنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
    پَکِيَنِ پاڻُ پَڇاڙيو، تَه لَڏِيو هوتَ وَڃَنِ،
    اَلا! شَهِزادَنِ، سوڀُون ڏیين، سَچا ڌَڻِي!
    15
    حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَه هِينئڙي جارُ،
    خالقُ ربُ جبارُ، ڪِينَ مَرهِيندو تَنِ کي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو