سر آسا شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر آسا داستان 1

    1
    لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدّ،
    سُپيرِيان جي سونهن جو، نه ڪو قَدُ نَه مَدُ،
    هِتِ سِڪَڻُ بي عَددُ، هُتِ پِرِينءَ پَرِواهه ناهه ڪا.
    2
    “آئون” سين اُنَ پارِ، ڪَڏهن تان ڪونَه ٿِيو،
    “اِنّ الله وِ تر يُحِبُ الوِترَ،” نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
    هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي هُئڻَ جُون.
    3
    ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،
    “آئون” اورِيان جَهلِ، توکي رَسِي تو ڌَڻِي!
    4
    توکي رَسِي تو ڌَڻِي! سَڀوئِي جَمالُ،
    ڪونِهي ٻِيو خِيالُ، جي شارِڪَ شَڪُ وِڃايين.
    5
    “آئون” اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻَ پَچارَ،
    شِرِڪَ ساڻُ سَتارَ! گَهڻا گهارِيَمِ ڏينهڙا.
    6
    عينُ شِرڪُ اِيءُ، جيئن بي شِرڪُ ڀايين پاڻَ کي،
    وِڃائي وُجُود کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
    هَڏِهين ڪونِهي هِيءُ، هُو پُڻِ ڪونِهي هِن ري.
    7
    هُو پُڻِ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ،
    “اَلانِسَانُ سِرِي وَانَا سِرِهُ،” پَروڙِج پَچارَ،
    ڪَندا وِيا تَنوار، عالِمَ، عارِفَ اِهَڙِي.
    8
    نَه ڪا اِبتَدا عَبد جِي، نه ڪا اِنتها،
    سي وَڃَڻَ کي وِيا، جَنِ نَه سُڃاتو سُپِرِين.
    9
    تَعظيمان تَرڪُ ٿِيا، واجهاڻيا وِيا،
    وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ ناهِه ڪا.
    10
    “اَنَا عَبدُ” مَعبُودُ تُون، اِتِ نَه ڪو شِرڪُ نَه شَڪُ،
    پچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبتِيَنِ مَرَڪُ،
    سو سَڀوئِي حَقُ، جنهن ۾ پَسَڻُ پِرِينءَ کي.
    11
    جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِه نِمازَ،
    سَڀِ وِڃائي سازَ، تنهان پوءِ تَڪِبِيرَ چَئو.
    12
    جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِه سُجُودُ،
    وِڃائي وُجُودُ، تِنهان پوءِ تَڪبِيرَ چئو.
    13
    نابُودِي نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِيو،
    مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻِ سيئِي،
    ڪبِي اِتِ ڪيهِي، ڳالِهه پِرِيان جي ڳُجَهه جِي.
    14
    ڳالِهه پِرِيان جي ڳُجَهه جي، ڳالهه مِڙوئِي ڳُجَهه،
    هينئڙا! اُجُهه مَ مُنجُهه، ته پِرِتَنئُون پِرِين ٿِيين.
    15
    صُورَتَ سوجَھہ مَ تنهن جِي، پِي پُڇِين ٿو جو،
    سُخُنُ آهي سو، جو منهن مُقابِلِ نَه ٿِئي.
    16
    سُڃاپي نه صُورَتَ ري، صُورَتَ هَڏِ مَ سوجِهه،
    ٿِي ٻاراڻِيءَ ٻوجِهه، وِڃائي وُجُودَ کي.
    17
    جَنِ وِڃايو وُجُودَ کي، سي فانِي ٿِيا “فِي اللهَ” ۾
    نَه تَنِ قِيامُ نَه قُعُودُ، نَه ڪو ڪَن سُجُودُ،
    جيلانهن ٿِيا نابُودُ، تيلانهن گَڏِيا بُودَ کي.

    سر آسا داستان 2
    1
    اُڀِرَنديئِي سِجِ، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،
    ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
    2
    اُڀِرَنديئِي سِجَ سان، پِرِين جي نَه پَسَنديُون،
    ڪَڍِي کي ڪانگان، نِوالا نِيڻَ ڏِيان.
    3
    مُون کي اَکَڙِيَن، وَڏا ٿورا لائِيا،
    ته پُڻ پِرِين پَسَنِ، کڻان جي کَرَ سامُهِيُون.
    4
    اَکَڙِيُون پِرِيَنِ ري، جي ڪِي ٻِيو پَسَنِ،
    تَه ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.
    5
    نيرانا ئي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي،
    سَتَر کاڌا کيڻ، جُه، ڏٺو مُنهن مَحبوبَ جو.
    6
    تَنِ نيڻَنِ ڪي نيرانِ، جَن ساجُهرُ سيڻَ سانڀيٽيا
    جِيءَ، جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.
    7
    اَکَڙِيُون عَليٰ الصُبّاح، دوسُ ديکَڻَ آئِيُون،
    اُڀيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نَه ڪنِدِيُون ڪا،
    رَچَندِيُون رِيءَ پاهَه، پَرچَندِيُون پِرِيَنِ سين.
    8
    ڪِي جو ڪيڏانهِين، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،
    ٿِيُون تاڻِن تيڏانهِين، پييُون پاڻَ مُهاڙِيُون.
    9
    ڪِي جو ڪَهِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،
    ٿِيُون ديوانِيُون دِلِ ۾، اَپَرِ لَڳِيَنِ آرِ،
    تِنهان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ، سَيّدُ چئي.
    10
    ڪِي جو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،
    سيڻَنِ ڪِيو سَهَڄُ، لالُون ٿِيُون لَطِيفُ چئي.
    11
    ڪِي جو وَڃِي ڪالَ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،
    لالُون ڪِيُون، لَطِيفُ چئي، جانبَ جي جَمالَ،
    ٿِيا نيڻَ نِهالَ، جَنِين دِلبَرُ ديکِيو.
    12
    وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏِيهاڙِي ڏِسَڻَ لَئي،
    جيئن جيئن پِرِين پَسَنِ، تيئن تيئن نَشا نينهن جا.
    13
    وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏِيهاڙِي ڏِسَڻَ لئي،
    ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون توءِ تَلاشُون ڪَنِ،
    ڍاپِيو نَه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينءَ جي.
    14
    ڏِسَنِ ڏِيهاڻِي، تہ پِہ تَرسَنِ اوڏهِين،
    آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرِينءَ کي.
    15
    اَکَڙِيُون اَکَڙِيَن تي، ڏمَرَ ڏوسَ ڪَرِيِنِ،
    جيلاه سِڪَڻُ سِکِيُون، تيلاه دَعويٰ مَنجِهه دَڙِينِ،
    کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَن پَرچَنِ پاڻَ ۾.
    16
    اَکينِ کي آهِينِ، عَجَبَ جيهون عادَتُون،
    سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِيو وِهائِينِ،
    اُتي لَنئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِه هَٿيارَ جي.
    17
    اَکينِ کي آهِينِ، وَڏا وَجَهه وِڙهَڻَ جا،
    منڊي بِيٺِيون مامِرو، جهيڙو نه لاهِين،
    جيئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، اَگَمِيُون آهِينِ،
    جُهڙُ ڦُڙُ نه لاهِين، وَسَنِ سانوَڻَ مِينهن جان.
    18
    اکين کي آئُون، جان ڪِي جَهلُون پائِيان،
    لوڪَ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون،
    مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آئِيُون.
    19
    اکين پنهنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻهين ڪِئي،
    اُتي وَڃِي اَڙيون، جِتي جانِ کَپَتِ،
    نَه ڪا ڳالِھ نَه ڳَتِ، جِيءَ ڏِني رِيءَ نه جُڙي.
    20
    اَکَڙِيَنِ آرو، مونهان پُڇِي نه ڪِيو،
    اُتي وڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نَه چارو،
    هينئڙو ويچارو، واٽُون جَهلِيو وِجُهلي.
    21
    اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين،
    جي لَهوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَهُه اوڀارِ،
    مَنجهان نوچَ نِهار، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
    22
    اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جَنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي،
    ٻئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گهڻو رِيسارا سُپِرِين.

    سر آسا 3
    1
    ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هي جي مَجازياڻِيُون مُنهن ۾،
    جَنِ نَه سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ،
    پِرِين سي پَسَنِ، ٻَئِي جَنِين ٻوٽِيُون.
    2
    حَقِيقَتَ هَڻِي، منهنجي جانِ جُدا ڪِئِي،
    هيڪو پَساهه پِرينءَ ري، سَگهان تان نه کَڻِي،
    ڌَڻِي ئي ڌَڻِي، رَهيو آهي رُوحَ ۾.
    3
    سنَئِين سُونهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،
    طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اوريان ئِي آهي،
    مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آهِ نہ ناهِ ڪا.
    4
    جِتِ آهِ نہ ناهِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خِيالُ،
    جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻا ئِي پَري ٿِيو.
    5
    جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِيءُ خيالُ خاڪِي،
    پِرِينءَ جِي پاڪِي، پَسَڻا ئي پَري ٿِي.
    6
    نيڻين نَظَرَ نِينهُن جَڙون جِتِ جَڙنِ،
    ساهُه اُنِين تان صَدِقو، اَندَرُ سين عُضبَنِ،
    قَلبُ قُرِبانِي ڪَريان، مَٿان دِلِ دوسَنِ،
    هِنيين ۽ اَکِيَنِ، ڦاهِي کاڌِي پِرِيَن لَئي.
    7
    پِرِين نه اَکَڙيَنِ ۾، هِينئُون نه حاضُرُ جَنِ،
    سي هُئهِين جاڙَ جِيَنِ، ٺَلَها ٺاٻَرَ سَکِڻا.
    8
    مورَکَ مامَ نَه ٻُجِهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪَنِ،
    سي ڪيئن پِرِين پَسَنِ، ڪَٽَرُ جَنِ اَکِيَنِ ۾،
    9
    جان تَنُ ڪِيوءِ نَه تيئن، سوئِيرِيان ئِي سَنهِڙو،
    پِرِين پائِيندا ڪيئن، توکي اَکڙِيَنِ ۾؟
    10
    اَکِيَنِ ۾ ٿي ويهُہ، تہ آئُون واري ڍَڪِيان،
    توکي ڏسي نه ڏيهُہ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو.
    11
    تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪيو، ونيَنِ ۾ ٿِي ويهُہ،
    اَکِيَنِ ۾ ٿِي پيهُہ، ته آئُون اَڇارُو ٿِيان.
    12
    کَران وِجُهه مَ واتِ، ڍولَ! منهنجي ڳالهَڙِي،
    مَڇُڻِ رَتِيءَ راتِ، اورَڻَ ۾ اُونِهي ٿِئي.
    13
    سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نَه آهي سُٿِرِي،
    لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ، تَه کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.
    14
    خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي، ته مون کي ڪَندا ڪوهُه؟
    صُورَتَ سُپِرِيان جي، ڏِٺي ڪونِهي ڏوهُه،
    لورِيءَ لَڳُمِ لوهُه، جَنهِينءَ رَتُ رُئارِيو.
    15
    کَرَ جا کَڏَ کَنِئي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،
    تِنهن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي سو غارُ ٿِيو.
    16
    اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِين جي مَنَ ۾،
    اَسان ۽ پِريَنِ جُون، اُميدُون پَسَنِ،
    تِنهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهيءَ سُورَ ۾.
    17
    کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيَتَڻَو،
    جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِيو.
    18
    کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي،
    اُڀو جو اوناءِ، سُرُپُرُ سَندِي سَڄَڻين
    19
    کَرَ خَرابُ ٿِيين، هَيا! هَچارا!
    پُورايُئِي پِرِيَنِ جا، چؤڌارِي چارا،
    مَرين، مُنهن ڪارا! سَڙِي اِنهِي سُورَ ۾.
    20
    سَڄَڻَ سَنئيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون،
    سَندِيُون سُپيريَنِ، پَرُون پَروڙَڻُ ڏاکِڙو.
    21
    ڪا جا پَرِ پِرِيَنِ، نه سا سُئِي نَه ٻُڌِي،
    مَتِيُون سَڀِ مُنجَهنِ، اِهَڙي ڏِٺي قَضِيي.
    22
    نه ڪو ڊيگُهه نه ويلُ، نه ڪو مُنهن نه مُهاڙِ ڪا،
    اِيءُ اِهوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
    23
    حَوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،
    جو حُسُنَ سَندو حَقُ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
    24
    حَوصِلو حَيرتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون،
    مَحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
    25
    حَوصِلو حَيرَت ۾، وڃِي لَڄاڻو،
    ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِيو ڏِسَڻَ کي.
    26
    حَوصِلو حَيرَتَ جو، آهي نَه مَٿي عامَ،
    سَندِي مَحَبَتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
    27
    مُئي هاٿِيءَ تِي مامِرو، اَچِي ڪيو اَنڌَن،
    مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،
    فِي الحَقِيقَتَ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،
    سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري

    سر آسا داستان 4
    1
    ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَّ،
    تازِي طَنبيلَنِ ۾، آهي احاطو جُهلَ،
    هُئا جي اَمُلَ، سي حِسابان هَڄِي ويا.
    2
    ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاڻي ڪيئن؟
    جانِبَ مَنجهان جيئن، مَحرُومَ ئِي مُنجِهي پيا.
    3
    مَحرومَ ئِي مَرِي ويا، ماھِر ٿِي نه مُئا،
    چِڙِيءَ جيئن چُهُنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا،
    حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ وادِيءَ وِچَ ۾.
    4
    تَرڪُ ڪَر تَرڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
    آهي اِيءُ اُهُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
    5
    وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ پُڻِ وِڃاءِ،
    لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِان پُڻِ لِڪيج تُون.
    5
    وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ پُڻِ وِڃاءِ،
    لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِان پُڻِ لِڪيج تُون.
    6
    لوڪان لِڪي سَڀِڪو، لِڪان لِڪي ڪونَه،
    اُٿي ويٺي اونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِهه جِي.
    7
    هَٿَنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ،
    اُڀا اَڱڻان پارِ، پَسُ پنهنجا سُپرِين.
    8
    اَسِين سِڪُون جَنِ کي، سي تان اَسِين پاڻَ،
    هاڻي وَڃُ گُمانَ! صحيح سُڃاتا سُپِرِين.
    9
    اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين پُڻِ سيئِي،
    “لَمّ يَلِدّ وَلَمّ يُولَدّ” وَنءُ اوڏاهِين پيهِي،
    تِهان مَنجهيئِي، پارِکَ پَرِکِج حَقَ کي.
    10
    ڏِسَڻَ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُ چَئِين،
    شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنهِيءَ ڳالهه ۾.
    11
    مُنهن ڪَر مَنجهاران، ٻَهَران ڍُونڍِ مَ ڍورَ جيئن،
    جي اَکَڙِيَنِ آران، ته ڪَنڌِيءَ اَچَڻُ ڏاکِڙو.
    12
    آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاهي شَڪُ،
    هُئي جنهن ۾ حَقّ، تنهن نَفِيءَ جِهو ناهِه ڪو.
    13
    وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي،
    آهي اُونداهِيءَ جو، شِرِڪُ سَهائِي،
    چِٽِي چِٽائِي، اَلفَ جي عَينَڪَ ۾.
    14
    ان پَرِ نه اِيمانُ، جيئن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين،
    دَغا تنهنجي دل ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،
    مُنهن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.
    15
    ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،
    هِندُو هَڏِ نه آهِيين، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،
    تِلڪُ تَنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
    16
    مُنهن تَه موسيٰ جِهَڙو، عادت ۾ ابليس،
    اھڙو خام خَبِيس، ڪَڍِي ڪوهُه نَه ڇَڏِيين؟
    17
    مُنهن تَه موسيٰ جِهَڙو، سيرت شيطاني،
    بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوهُه نَه ڇَڏِيين؟
    18
    مُنهن ته آهيرِيان ئِي اُجِرو، قَلبَ ۾ ڪارو،
    ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو،
    اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناهِه وِصالَ سين.
    19
    تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِيَنِ ۾ وِصالَ جِي،
    دُبينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلَهاءِ،
    سُپيريان جي سُونهَن ۾، رُخنو ڪونَه رِهاءِ،
    اَکِ اَشَهَدَ چاءِ، ته مُسَلمانِي ماڻِيين.
    20
    سُرمُو سِياهِيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،
    ڪانِي ڪارائِيءَ، جِي، مُڙُسُ ٿِي مَ پاءِ،
    اکين ۾ اٽِڪاءِ، لالائِي لالَنَ جِي.
    21
    سُرمُو سُرخِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،
    تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ ريٽي جِهَڙي.
    22
    سُرمُو سُفيدِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،
    تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
    23
    جي تون فارسي سِکيو، گولو توءِ غُلامُ،
    جو ٻَڌو ٻِنِ، ڳالهيين، سو ڪيئن چائي ڄامُ؟
    اُڃو تان آبُ گُهري، بُکِيو تان طَعامُ،
    اِيءُ عامنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نه ٿِئي
    يمن 5-9 بلوچ
    24
    اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ،
    ليکِيَمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِيامِ،
    پاڻُ وِڃائي پانهنجا، ٿورا ٿُڪَ هَنيامِ،
    بَندَگِي شَرمَندگِي، اِها ميڙَ مُڪِيامِ،
    پِرِين تَڏهن پَرِچيامِ، “آئون” جَڏهِن اُٺ ڳَئِي.
    25
    اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ،
    ٻَهُون ٻاروتَنِ ۾، ڪوڙيين ڪُوڙَ ڪيامِ،
    تيلانهِين سَرِيامِ، سُکَنِئُون سُورَ گَهڻا.
    26
    اَلتِمِ جا هينئان، سا نَه سَلِتِمِ ساهَه کي،
    سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، لِڪايَمِ رُوحان،
    ويئِي مُون وَسان، پَڌَرِ پيئِي پِرِينءَ ري.
    27
    مُون تان لِڪائِي گَهڻُو، رُئَڻَ ڪِئي روشَنُ،
    رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجهان زَردِيءَ ظنّ،
    ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالهِه ڪِيائِين ڳُجَهه جِي.
    28
    عاشِقُ ڀانيين ايئن، تَه سِڪَ ڪنهن کي نَه سَلان،
    وِچِ رَهَندِي ڪيئن، وَهَنِ اَکِيُون، وِرڄي هينئون.
    29
    اَندَرِ رَهي نَه گَهٽَ، سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي،
    ڇاڳَرَ سَهي نَه سَٽَ، جُهه مَهَراڻَ مَوجَ ڪئي.
    30
    لَکين سَئين مَهَراڻَ، آٽِي.سَڀِ اُڌَمِيا،
    سَڙان مَنجِهه ئِي مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نَه نِڪري.
    31
    “پاڻُ” پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ،
    وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ هِنَ جو.
    32
    “پاڻُ” پردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِيجِ تُون،
    نَه ڪا ها نَه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.
    33
    “مُون” مونهين ۾ سَپَجي، مُون کي “مُون” جُڳاءِ،
    مونھِين جي ساڃاءِ، مونھِين مَنجهان مُون ٿِئي،
    34
    اُنِهِين ايئن جُڳاءِ، آن کي ايئن نَه چَوَڻو،
    پُنَ جنهن جِي ذاتِ جو، اُتي آهِه اَللهُ،
    تُهَہ نَہ پَچي ماهُ، گُندِيءَ نينهن نَه سَپَجي.
    35
    گُندِيءَ نينهن نَه سَپَجي، تُهَه نَه پَچي ماهُه،
    ڪَچِيءَ پَرِ ڪِياءُ، ٿِئي سَماجوڳُ سَڄَڻين؟
    36
    نَظَر نَزِدِيڪونِ سَهِي نه سَگهان ساعَتَ سينءَ،
    پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئون نالي ڳِيئُڙِي نِجُهران.
    37
    عِلّتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلّتَ آئِيو،
    حُسُنُ جو حَقَ جو، سو خامِي! ڀانيين خامُ،
    اَچِي ٿِيا اِسلامُ، ڪُفُرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
    38
    مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾،
    اُڀا اِيئن چَوَنِ، مَڇُڻِ پاندُ پُسائِيين.
    39
    پيو جو پاتارِ، سو ڪيئن پُسَڻَ کان پالهو رَهي؟
    سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَهُه اِنهِيءَ پاندَ جو.
    40
    ڪَرِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيَعتَ سُڃاڻِ،
    هينئُون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ،
    هوءِ ثابوتِيءَ ساڻُ، تَه پُسَڻَ کان پالهو رَهِين.
    41
    ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏِهِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ،
    ساري سناسِيَن جِيئن، لائِق! رَکِجِ لانگَ،
    تَه چارَئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳنهِي اُڪَرِيين.
    42
    سُتو ئِي سيجَ گُهرين، جَفا ڏيين نَه جانِ،
    صُلحَ رِيءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَه چَڙهين.
    43
    سُتوئِي سيجَ گُهرِين، جَفا ڏيين نَه جِيءُ،
    پَهَني ڌاران پِيءَ، مَڇُڻِ نونڌين نه چَڙهين.
    44
    صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيجَ ماڻِيندا سي،
    “اَلّذِيّنَ آمَنُوّا وَ کانُوّا يَتّقُونَ” اِنَ پَرِ اُڀا جي،
    نيئِي نُونڌِيَنِ تي، ڏِکي چِٽي چاڙهِيا.
    45
    جي ٿِيا حَلُ حَبِيبَ سين، سُمهَڻُ تَنِ ثَوابُ،
    نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِيائُون خَوابُ،
    اوسيئڙو عَذابُ، دِليان تَنِ دُورِ ٿِيو.
    46
    تَنُ تَسبِيحِ، مَنُ مَڻِيُو، دِلِ دَنبورو جَنِ،
    تَندون جي طَلَبَ جون، وَحدَتَ سُرُ وَڄَنِ،
    وَحدهُ لاشَرِيڪَ لہ، اِهو راڳُ رَڳُنِ،
    سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
    47
    رُٺِي جا رِهاڻِ، سا پِي پَهَنِي نَه ٿئي،
    ڪنهن کَرَ وِڌِي ڪاڻِ، پاڻان نينهن نڪاليو.
    48
    رُسَڻُ نَه آهي رِيتِ، پَهَنِي پاهَتُ ناهِه ڪو،
    پَسو مَنجِهه پِرِيتِ، جيهائِي جوڙَ وَهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو