سر سارنگ شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر سارنگ 1
    10
    اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لعل لِبيسَ،
    پِرين جي پَرديسَ، مون کي مِينهَنِ ميڙِيا.
    11
    اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِيائين،
    مُندائِتَنِ مِينهنِ جِي، رُت نه روڪِيائِين،
    پَلَرَ پَلِٽيائِين، گَهڻا سانگِيَنِ سُکَ ٿِيا.
    12
    اَڄُ پُڻِ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾،
    سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون! سَڄَڻ سارِيُو مُون،
    آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
    گَهرُ تہ گُهرِجِين تُون، مُندَ مِڙيئِي مِينهَن جِي.
    13
    اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
    روضي پاڪَ رَسُولَ جي، پَلِٽِيو پَٽَ ڀَري،
    وِڄُن ساڻُ وَري، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
    14
    اَچُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
    وَسِيو سي ڀَري، جي ڏَرَ ڏِينهن کانِئيا.
    15
    اُتَران ٿِي آئِيُون، ڪَري هَڪَلَ هُوءِ،
    ڀَري تَلَ تَرائِيُون، جوڙي هَلِيُون جُوءِ،
    پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشبُوءِ،
    اَچِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
    16
    روضي تان رَسُولَ جي، ڪِيو وِڄُڙِيُنِ وارو،
    ڀَرِيائُون ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
    هادِي! ڀَرُ حُڪمَ سين، هِيءُ تَڙُ تاسِيارو،
    نِرِمَلُ نِظارو، پِيَّ پَسايو پنهنجو.
    17
    پِيَّ پَسايو پنهنجو، نِظارو ناگاهَه،
    لَٿو ڪٽُ قُلوبَ تان، ٿِي وِرُونهَڻَ واهَه،
    اُميدُون اَرِواحَ، پِيَّ پَسَندي پُنِيُون.
    18
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگارِي،
    اُڃِيا لَکَ، لطيف چئي، پَلَرَ پِياري،
    وِڄِڙُيُنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَرَ نائِيا.
    19
    وَسي تَڏَهن وَسَ، مُندَ، مِڙوئِي مينهن جِي،
    کٽَرِن کيٽا ڇَڏِيا، جي مِڙيُون ٿي مَسَ،
    گابا مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَه ڪَندا ڏُٻِرا.
    20
    وَسَڻُ اَکِڙِيُنِ جيئن، جي هوندَ سِکِين مينهن،
    تَه هوندَ راتو ڏينهن، بَس بُوندِنِئُون نَه ڪَرِيين.
    21
    ڪَڪَرَ مَنجِهه ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَه لَهي،
    جِهَڙا منهنجا سُپِرِين، تَهِڙا ميگَهه مَلهارَ،
    کَڻُ اَکِيُون، کِلُ يارَ! وَڃَنِ سُورَ سَنڌا ڪِيو.
    22
    جُهڙُ نيڻَنِئُون نه لَهي، ڪَڪَرَ هُونِ نَه هُونِ،
    سارِيو سُپِرِيَنِ کي، لُڙِڪَ ڳَلَنِ تي پُونِ،
    سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
    23
    گامَ گُندِيءَ گنجَ، اَبَرَ ۾ اُهاءُ ٿيو،
    پَسِي پَرِ پِرِينءَ جِي، ڏُورِ ٿِيا سَڀِ ڏَنجَ،
    شالَ وَسَندو سَنجَ، عاشِقَ تي اوهيڙا ڪري.
    24
    اُٺو اوهِيڙا ڪَري، عاشِقَ مَٿي اَڄُ،
    ڏُور ڏُڪارِيا ڀَڄُ، مِينهَنِ منهن ڏيکاريو.
    25
    اَڳَڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ،
    سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينهن وَسَنِ،
    اسان ۽ پِرِينِ، شالَ هُونِ بَرابَرِ ڏينهڙا.
    26
    بَرَ وٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
    پِرِهَه جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
    مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿَڙا، سنگهارِيُون، سايُون،
    ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولايُون، رايُون،
    ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون، پَکي سُونهَنِ پانهنجي.
    27
    بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺو جيسَرُميرُ،
    آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،
    لاٿائون، لَطيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ،
    سَرَها ڪِيائون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيون ٿِيُون.
    28
    بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،
    پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائون نارَ،
    سَٻاجهي سَتار، لاٿا ڏُرُتَ ڏيهَه تان.
    29
    سارَنگَ! سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي،
    پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
    وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
    30
    سارَنگَ کي سارِينِ، ماڙِهُو، مِرگَهه، مينهِيُون،
    آرون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
    سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نئين سِڄ نِهارِينِ،
    پَلَرَ پِيارِينِ، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
    31
    ڪانڌَ مَ وِڪُڻِ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئِي ڌارِ،
    اَڀَرِيُون، سَڀَرِيُون پانهنجون، سَسِيُون سَڀِ سَنڀارِ،
    ٻَنَ ڇَڏي، ڇَنَ پَئِي، وَڃِي وَلَهارَنِ وارِ،
    ته اَچي اَڱِڻان بَهارِ” سَرِلا ڪَندي سَڏَڙا.
    32
    سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نه ٿِئي،
    گُڙي ٿو گُمانَ ۾، آيو ڪِي آيو،
    هارِين لَئي هَرُ هَرِ جاءِ ۾، هادِيءَ هَلايو،
    مَتان ايئن ڀانئيو، تَه بادَلَ آهِه بَسِ ڪِي.
    33
    سارَنگُ سينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آئِيون،
    بَرِسِي ڀَٽاري، ڀَرِيا پَٽَ پُراڻ جا

    سر سارنگ 2
    1
    سارَنگَ سائِي سِٽَ، جِهَڙِي لالِي لاکَ جِي،
    اِيئن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جيئن سي چُنِيءَ چِٽَ،
    بَرَسِيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
    2
    ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجها،
    کِڙِيُون کٽڻهار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،
    سَرها سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪيا،
    پَهرِي پَٽَنِيا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
    3
    ڀَريائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو،
    کُڻيتِيءَ کِنوَڻِ ڪِيو، چَڱو چَوماسو،
    ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ پاسو،
    خالِقَ ڪِيو خاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
    4
    چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين، ڪِيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ،
    هَڏا ڪُٽِيان هَلِيو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
    آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَهارَ ٿِي.
    5
    اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِيا بُرجَنِ سين،
    سازَ، سارَنگِيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ،
    صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِيُون راتِ پَڌامَ تي.
    6
    مِينهان ۽ نِينهان، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي،
    جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تَه ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان،
    بادَلُ ٿِي بِيهان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
    7
    بادَلَ! تُمُ پي ڪَرَن، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَنِ،
    تَنگَ ڀِڄَنِ، تَرڪَشَ پُسَنِ، سَڄَڻَ چِتِ پَونِ.
    8
    ڪُڻُڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جهڄَنِ،
    وَرَ رِيءَ وانڍِيَنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ،
    اُتَرُ ڊاهي اُنِ جا، ته ڪنهن کي ڪارُون ڪَنِ،
    وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچِي شالَ اولو ڪَري.
    9
    ڪُڻُڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جُهڻُڪَنِ،
    سُڻِيو رَڙِ رَعَدَ جِي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
    ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

    سر سارنگ ٽيون
    1
    مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊيا، ڪئي اوهِيڙَنِ اوڪَ،
    ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينهُون چَرَنِ موڪَ،
    سَرَهِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون، پويو پائِنَ طوقَ،
    ميها، چڀڙ، ڦُنگُيون، جِتِ ٿِيَنِ سڀَئِي ٿوڪَ،
    لاهِيين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
    2
    مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تنوار،
    هارِين هَرَ سَنباهِيا سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،
    اَڄُ پُڻِ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.
    3
    مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، آيو جُهڙُ جهاٽي،
    هيڪُ اَرزان اَنُ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻُ مَنجِهه ماٽي،
    ڪَلِمي سين ڪاٽي، لاٿُمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
    4
    ڏيئِي ريڄُ رائُڪَ کي، ڪِيائِين لُوتَڙِيءَ تي لَلَ،
    ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَرُ کي، پاڻِيءَ ڀَرِيائِين پَلَ،
    آندائِيين آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مينهَنِ کي.
    5
    مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولِيا! لَڏَ مَ لاهه،
    اَچَنِ آبُ اَکين ڪِيو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
    ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏُ اُتاهِين پَکڙا.
    6
    مُحِبّ منهنجا سُپِرِين! آڻِيندُءِ اَللهُ،
    توکي ساري ساهُہ، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
    7
    پاڇاٽِيان پَئِي، ٿِيو آڳاٽِيان اَڳِرو،
    چُڪَسِ سَڀِ چَئِي، تَڏِهن مولي مِينهن وَسائِيا.
    8
    آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهن جيئن،
    پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.
    9
    اَوڇَڻُ گُهرجي آجِڪو، جُهوپو سَهي نه سِيءُ،
    سُڻائيجِ سُوَڙِ کي، حالُ منهنجو هيءُ،
    اَڱَڻَ آيو ٿيءُ، ته ڍولِيا! ڪنهن ڍَنگِ ٿِيان.
    10
    ڪانڌَ تنهنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
    ڪامِلَ! ڪَپاهُنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
    تارِيءَ توہ تَران، جيئن وَرُ وِهاڻِيءَ وارِيو.
    11
    ڪانڌَ! تنهنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀُ راتِ،
    ڪامِلَ! ڪَپاهُنِ ۾، جَهپَ نه اَچي جهاتِ،
    اَچِين جي پِرِڀاتِ، ته آئُون سِيءُ نَه سارِيان.
    12
    مِينڍو مِينهن پُسائِيو، سِرِي ٿِيو سيلو،
    پَکي پيهِي آئِيو، رَحَمَتَ جو ريلو،
    ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهرِ آئِيو.

    سر سارنگ 4
    1
    سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَن جان، جُهڻُڪَنِ پاسي جهوڪَ،
    ڏِيندا پاهُه پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينهَنِ موڪَ،
    لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِيو اَکينِ سين.
    2
    اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
    وَسِيو سي ڀَري، جي ڏَرَ ڏينھَن کانئِيا.
    3
    واهُوندا وِڄُون ٿِيون، کِڙِيُون ڏھون کَنڀاتَ،
    ڪُنڍِيُون ڪاهي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
    سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
    جُهڙُڦُڙُ ڏيئِي جهاٽَ، پُسائيندو پَٽِيُون.
    4
    سَڄو صافُ نَه اُڀري، سَرلي وِچان سِجُ،
    مُنهن چَڙهِيو ماڙُهُنِ کي، ڏئي واڌائِي وِڄُ،
    هينئڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلندَءِ سُپِرِين.
    5
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
    سَڀيئِي ڀَرِيا سَرَ، پَلَرَ جِي پالوٽ سين.
    6
    ڍَٽَ ڍَرِي پَٽِ پييُون آيُون عُمَرِ ڪوٽَ،
    پُسايائون پَلَرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
    چَنچَل ڏيئِي چوٽَ، سَڀِ سامارو سَرِ ڪيو.
    7
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاهي ڪاماري،
    وَٺا پَٽَ پُراڻَ جا، وَئِيُون ساماري،
    ڪَڪَر ۾ ڪاري، وِڄُڙِيُن پَسو! ويسَ ڪِيا.
    ل8
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، ٿيا وَلهارَن وِيءَ،
    سِڄُ چَنڊُ نه پاڙِيان، سيڻَن جي شَبِيهَه،
    جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهي گهر آئِيا.
    9
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، وِڄُنِ ڪِيو واڄو،
    پَکو پنهنجي پِرِينءَ لَئي، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
    سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنيءَ گَهرِ آئِيو.
    10
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، وِڄُنِ ڪِيا ڌَرَمَ،
    واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، ڪُنڍينِ ساڻُ ڪَرَمَ،
    سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ منهنجا سُپرِين.
    11
    وَسِي سارِي راتِ، صُبُحَ جو ساهُه کَڻي،
    مَنجهيئِي مِينهن پِرِين جو، جي تَنَ ۾ هُويَئِي تاتِ،
    تَه وِهاڻِيءَ پِرِڀاتِ، هوندَ بادَلَ بَسِ ئي نه ڪَرِين.
    12
    موٽِي مانڊاڻن جِي، واري ڪِيائِين وارَ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چوڏِسِ ٿِي چوڌارَ،
    ڪي اُٿي هَلِيُون اِستَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغربَ پارَ،
    ڪي چِمِڪَن چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَندين سارُ،
    ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،
    ڪي دِلِيءَ، ڪي دَکَن، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ،
    ڪنهِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪارَ،
    ڪنهِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪنهِين ڍَٽَ مَٿاهِين ڍارَ،
    ڪَنهِين اَچِي عُمَر ڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،
    سائينم! سدائين، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪار،
    دوسَ! مِٺا دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.
    13
    موٽِي مانڊاڻن جِي، ڀِري ڪِيائِين ڀيڄَ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ چَڙهِيو سيڄَ،
    تنهن نِوَرِيُون نَوازِيُون، ڏَئِي ڏوڻان ڏيجَ،
    ٻِجَ کَڻِي پَٽَ هَلِيا، هارِي مَنجهان هيجَ،
    راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀُ آباد ٿِيو.
    14
    موٽِي مانڊاڻن جِي، جُڙي ڪِيائِين جوڙَ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَهِه ٻَهِه ٻَڌائُون ٻوڙَ،
    اُنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکِين ٿِيا کوڙَ،
    سارَنگَ لاٿِي سوڙَهه، ساندَهِه سُهائو ٿِيو.
    15
    موٽِي مانڊاڻن جي، ڀِري ڪَيائِين ڀَرَ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪوڏان کَڻِي ڪَرَ،
    مينهون پاڻَ مُرادِيُون، ٿڌا چَرَنِ ٿَرَ،
    وَڏي اوهَه آئِيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ،
    ساري اَچيو سامهيون، ڏِيَنِ کِيرَ سَڄَرَ،
    ساڻُ وانڍِينِ وَرَ، پَرِيُون پَرِچَڻَ جُون ڪِيُون.
    16
    حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَهَه ٽَهَه مِينهن ٽِمَنِ،
    جَنِ مَهانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ،
    پَنجَنِ مَنجهان پندرَهن ٿِيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
    ڏُڪارِيا ڏيهَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،
    وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهيون ڳَنوارَنِ،
    سَيّد چئي سَڀن، آهِه توهِه تنهنجي آسِرَو.
    17
    اَندَرِ جُهڙُ جهورِ وَهي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ،
    وَسائِيندِي وِڄُڙِي، حُبَ جَنهِين کي هوءِ،
    لالَنُ جَنهِين لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اَکِيُون.
    18
    اَندَرِ جُهڙَ جهورِ وَهي، ٻَهَرِ بَرسي بُوندَ اَپارَ،
    وَٽِ جَنِهين هُنِ يارَ، سي اوڪاڻِينِ نه اَکِيُون.
    19
    آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ،
    جي پِرِين هُئڙا ڏُور، سي مون کي مينهَنِ ميڙِيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو