سر بروو سنڌي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر بروو سنڌي داستان پھريون
    1
    ڇا کي وَڃِي ڇو، ٻيلِي ٻينِ جو ٿِئين،
    وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو،
    سوکو هُوندو سو، جنهن جو عِشقُ اَللهَ سين.
    2
    جيئن ڪا ڪانِي ڪانهن، لُسَندي لاتِيُون ڪَري،
    اَچِي پيئي اوچَتِي، دَردَ پِريان جِي دانهن،
    ويڄَ ڏَنڀئين ڪُهُه ٻانهن، سُورَ هِينئين کي سامُهان.
    3
    وَڃَڻُ دَرِ دوسَنِ جي، هَرَ هَرَ هُوڙائِي،
    پاڙي ڏانهن پِرينءَ جي، اُجُهه مَ اَوائِي،
    اَلَهڙُ ٿِي مَ آڇ تُون، واٽَهَڙُنِ وائِي،
    لائِيندَئِي، لَطيفُ چئي، سُوران سَرَهائِي،
    ڳُجهو ڳالهائِي، پِرِتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
    4
    ساهُ وَٺِي وِيين سُپِرِين، ڪَري قُضاڪِي،
    دِلبَرَ دِلِ کَسي وِيين، يارَ ٿِيين پوءِ ياڪِي،
    جاڙَ مُون ضعِيفِ سين، تو جانِبَ! ڏِسُ جا ڪِي،
    هِتِ بُتُ رَهِيو باقِي، ساهُ وَٺِي وِيين، سُپِرِين!
    5
    پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نه پانهنجي،
    لَڳو ڪيئن، لَطِيفُ چئي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ!
    پِرِين ڏيکاري پاڻ، خُوشِ ڪَري وِيا خوابَ ۾.
    6
    اَچِين جي هيڪارَ، مُون سارِيندي، سُپِرِين!
    پيرين ڌَرِيان پِنبِڻِيُون، هَنڌَ وِڇايان وارَ،
    ساڄَنَ! سَڀُ ڄَمارَ، هوند گولِي ٿِي گُذارِيان.
    7
    مُون سارِيندي سُپِرِين، اَچِين جي هاڻِ،
    ڪَرِيان رُوحَ رِهاڻِ، لَڪَنِ مَنجِهه، لَطِيفُ چئي.
    8
    لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئي، نَه ڪو قالُ نَه قِيلُ،
    لِکئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهي نِيرُ،
    هِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهه قَريبَنِ لَڏِيو.
    9
    ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پرِين! هينئن نه مُناسِبُ هوءِ،
    لائي چِتُ چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِيين پوءِ
    توڙي حُبّ نه هوءِ، تہ پہ هوتَ! نه ڪجَنِ هيڏِيُون.
    10
    اَڄ پُڻِ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پنهنجا سارِيا،
    ڳَلَنِ تان ڳوڙَهَنِ جُون، بُوندُون بَس نه ڪَنِ،
    سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺيئِي نَه لَهي.
    11
    ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين،
    ڪي سَنڀرِجَنِ نه ڪَڏِهِين، ڪي نَه وِسَرِن مورِ،
    جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پُورِ، تيئن دوسَت وَراڪو دِلِ سين.
    12
    ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پُڻِ اَکَڙِيَنِ سين،
    ماسُ وِراهي هَلِيا، ڪَرَنگَھر ڇَڏِيائون،
    وَتَوَاصَو بِالَحقِ وَتَواصَو بِالصبّرِ، ايئن اُتائُون،
    مُئِي مارِيائُون، کِلِي گهايو سَڄَڻين.
    13
    ماڙهُو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏينهن گُهران سُپِرِين،
    دُنِيا تنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
    ڪِيَسِ نامَ نِهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.
    14
    هيرائي هَٿِ ڪِيو، هِينئَڙو حَبِيبَنِ،
    ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلهاڙِيو سيڻَنِ،
    وِجِهي پيچَ پِرِيَنِ، هِينئَڙو هَٿِيڪو ڪيو.
    15
    جَڏَهانڪَر جانِي! سَڄَڻَ سانگِ سِڌارِيا،
    راتِيان راحَتَ ناهه ڪا، ڏينهان حيرانِي،
    آئُون پنهنجي پِرِينءَ تان، ڪوڙيين قُرِبانِي،
    رَضا رَبانِي، نَه تَه ڪَرِيان وَسَ وصالَ جا.
    16
    جَڏَهانڪَر ٿِيامِ، ساڃاهِه سُپيرِيَنِ سين،
    تَڏَهانڪَر تِرَ جيتَرو، ويرَ نه وِسَرِيامِ،
    اَندَرِ رُوحَ رَهِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
    17
    ڪَڏِهن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏهن کُلَن دَرَ دوسَتن جا،
    ڪَڏهن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏهن ڪوٺِيو نِينِ،
    ڪَڏهن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ،
    اِهَڙائِي آهِينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.
    18
    تُون صاحِبُزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ،
    بيحدُ ڪَرِيان بَندگِي، هَٿَ ٻَڌِي ”حاضُرُ!“
    ڇنَ ڇَڏِيندَيسِ ڪِينَ ڪِي، دوسَت اَوهان جو دَرُ،
    مُون تان مِهِرَ نَظَرُ، پرِين! لاهِه مَ پانهنجو

    سر بووو سنڌي داستان ٻيون
    1
    جانِبَ تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعورَ سين،
    مون تي ڪَرِ منهنجا پِرِين، توهُه تُسِي تيڏو،
    اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جيئن نَوازِيمِ نِگاهَه سين.
    2
    جانِبَ منهنجي جِيءَ ۾، تنهنجي طَمَعَ پوءِ،
    وَٺَ ڪاتِي، وَڍِ اَنگڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،
    ڀانئيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَئون نِهارِيين.
    3
    ساڄَنَ! ايئن نَه جُڳاءِ، جيئن مارِيو، موٽِيو نه پُڇين،
    رَتِيءَ رَتُ نه سَنجُري، سِڪَ تنهنجي ساءِ،
    اَسان توهِي لاءِ، ٿي پَرِ ۾ پڇارون ڪِيُون.
    4
    جَڏِهن پَوي ٿِي يادِ، صُحبَتَ سُپِرِيَنِ جِي،
    تڏھن فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَهَه وَڃَنِ نِڱِيو.
    5
    ڪَڙو مَنجِهه ڪَڙي، جيئن لُهار لَپيٽِيو،
    منهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِيو.
    6
    نازَ مَنجهاران، نِڪِري، جَڏهن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
    ڀُونءِ پُڻِ “بِسِمِ الله” چَئي، راهه چُمي ٿي رَندُ،
    اُڀيُون گَهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيرَتَ هَنڌُ،
    سائِينءَ جو سَوڳَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِيان سُهڻو.
    7
    ساڄَنَ! سِپاهِي، آئُون اَوهان جو آهِيان،
    اَچان ويلَ سَڀِڪَنهِين، وَڃان واجهائِي
    لالَنَ! تو لائِي، کِيڪارِيُمِ کَرَنِ کي.
    8
    فانِي نِي فانِي، دُنِيا دَمُ نَه هيڪڙو،
    لَٽي لوڙهُه لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ جانِي!
    ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آهي سِر سَڀِڪنَهِين.
    9
    نيڻَ سَقِيلا سُپِرِين، ڀَؤنَر ڀِرُون ڀالا،
    چِڪِيا ڦَٽَ فراقَ جا، اَندَرَ ۾ آلا،
    سو يارُ ميڙيين ياالله، جنهن جي صُحَبتَ
    ڪاڻِ سِڪي هِينئون.
    10
    ويٺو ڏِسان راهه، اَڄُ پُڻ آيا ڪِينَ ڪِي،
    ساڄَنَ لَئي سِڪي گهڻُو، سارِيو منهنجو ساهه،
    آڻينِ شالَ اَللهُ! تَه اَڱڻَ ٿِينَمِ اُجِرا.
    11
    اَڄُ پُڻِ اَنگِيَمِ اَنگَ، هَٿان حَبِيبَنِ جي،
    جا پَرِ سَوٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ ٿِي سُورَنِ سين.
    12
    اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، محڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
    جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو