سر ڪاپائتي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪاپائتي مڪمل
    1
    توڙي تُون ڪاتارِ، جِمَ هيڪَلِي ڀيرِيين،
    ڏسي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنهِيءَ سُٽَ ۾.
    2
    جَنِين ڀيرِيو هيڪَلو، تَنِين ميڙِيو، ماءِ!
    تَندُ اِهَڙِيءَ ساءِ، مُون آتَڻُ هَڏِ نَه آئِيو.
    3
    جان ڪَتِين تان ڪِتُ، هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي،
    ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي،
    ڄاتو جَنِ ڄاڻِي. تَنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.
    4
    هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، تُون ڪَڙهُه ڪالهوڻي ڏينهن کي،
    اُٿِي اورُ اَرٽَ سين، ويهُه مَ، ويڳاڻِي!
    تَه صَرافَ سُڀاڻِي، موٽائي هَڻَنَئِي نه مُنهن تي.
    5
    هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، جان ڪَتِين تان ڪِتُ،
    ڪو پَنهنجي عيد کي، ڀيري ڪجِ ڀَرَتُ،
    مَتان رُئين رَتُ، صُبُحَ وِچِ سَرَتِيين.
    6
    ڪتَڻَ جِي ڪانَ ڪَرِين، سُتِي ساهِيين هَڏُ،
    صُبُحَ ايندَءِ اوچَتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏُ،
    جِت سَرِتَيُون ڪَندَءِ سَڏُ، اُتِ سِڪَندينءَ سينگارَ کي.
    7
    پائي ڏورِ اَرٽَ ۾، ڪَتِين نَه ڪُوڙِي،
    وِنهانءَ واڌاڻي، ڀُڻين سَنڀُوڙِي،
    مَٿي جنهن مُوڙِي، سا ڪيئن وِهي ويسَرِي؟
    8
    اَڄُ پُڻِ اُجَهڻَ کي مَرِين، نه ڪِي ڪِتُئي ڪالَ،
    ڀورِي! تو سين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتَرا؟
    9
    اَڄُ پُڻِ اُجَهڻَ کي مَرِين، نه ڪِي ڪِتُئي ڪالَ،
    مونا اُٺِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرِڪِي مالَ،
    هَئي! تَنِي جي حالَ، جَنِ ڪاپي مَنجهان ڪِينَ ڪِيو.
    10
    سي تو ويهِي وِڃائيا، جي ڪتَڻَ سَندا ڏينهن،
    اَرٽَ اوڏِي نَه ٿِيين، ڀورِي! ڀوري سينءَ،
    ڪَنڌُ کَڻندِينءِ ڪيئن، اَڱڻِ عَجِيبَنِ جي؟
    11
    توڙي تُون وَڏِي ٿيئن، توءِ اُٿِي آتَڻ آ،
    ٿِي ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي هَڏِ ڪَرِ مَ ڪا،
    ته صَرافُ تو صُباح، ڪوٺي ڪاتارِنِ سين
    12
    سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهَه نَه ڪتين رَڏِ؟
    ويهِي ڪُنڊَ ڪاپو ڪَرِ، گُهتُون گوهِيون ڇَڏِ،
    ته صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هوندَ مَٽائِيين!
    13
    ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،
    بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، هارِي! پاڻُ مَ هيرُ،
    ڪِتُ ڪِتَندِي ڪيرُ، نَئين سيئن نہ ڄاڻجي.
    14
    ڀيرِيين ۽ ڀائِيين، ايئن وِڏُوڻو ڪانڌُ،
    ويٺِي اورِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ،
    تَه تنهنجو ئِي وِڻِواندُ! ڪِتو وِتوئِي نه ٿِئي.
    15
    مَڇُڻِ ڀاڳَ ڀَرِ ڏِيين، ڪِتُ ڪَنبَندِي آءُ،
    جڏهن تڏهن ماءُ! ڀِرَن ڀيرَمَ وارِيُون.
    16
    چاوَتَ پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪِتو جَن،
    تن جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪِيو.
    17
    مَحَبّتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ،
    تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.
    18
    ڪو جو وَهُه ڪاپاتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪِتَنِ،
    ڪارَڻِ سُودَ سَواريُون، آتَڻَ مَنجِهه اَچنِ،
    اُنِ جي سُونهَن سَيّدُ چئي، صَرافَ ئي سِڪَنِ،
    اَگِهيا سُٽَ سَندنِ، پائي تارازِيءَ نَه تورِيا.
    19
    سُٽُ اُنِين جو سَڦَرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ
    آوازُ اَرٽَ جو، ساهَه نه سُڻائِينِ،
    لِڪايو، لَطِيفُ چئي، ڪَنبِيو ڪِتائِينِ،
    جي ماڻِڪ موٽائِينِ، تَه پِه مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
    20
    تُنبائي تاڪِيدُ سين، جَنين پِڃايو پاءُ،
    لَسِي تَندُ، لطِيفُ چئي، هَلي تَنِ هَٿاءُ،
    مَلمَلِ مَنجهان ماءُ! جي سِکِيُون تَنِ سُون ڪِيو.
    21
    ٽَڪُ وِنگِي، ورَ گهڻا، ڪتيان ڪُڄاڙو؟
    ڪاپي مَنجھان ڪيتَرو، آڻِيان اُڌارو؟
    جي وَرُ ڏِيي وارو، ته سُونهان سَرَتِيَنِ وچَ ۾.
    22
    اولاڻِيانِ اَرٽ، ڪيڏَاهَنِ ڪِتَڻَ وارِيُون؟
    پَهِيُون مَٿي پَٽَ، لُڙجَنِ لاکِيڻيَنِ جُون.
    23
    ڪِتي ڪِتي ڪالَ، اَڄُ نَه آتَڻَ آئِيُون،
    اَرٽَ اُکِلِي مالَ، پُوري وييُون نِجُهرا.
    24
    نه سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون،
    پَسِيو بازاريُون، هِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئي.
    25
    ڪِتي مَٿي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،
    اُٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن پرينءَ پارُ،
    ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورهِئي آئِيو.
    26
    جا سَنهو نَه سِکِي، سا مَرُ رَنڍائي روڙي،
    سُٽُ تَنِين جو سَڦرو، وِيا ترازِيءَ توري،
    ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سان وَڙُ ٿِيو.
    27
    جَنِين ڪِتو ڪالَ، سي پاڻان پييُون مامِري،
    جَنِين ٽڪَ نَه مالَ، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.
    28
    پائي پاندِ ڪَپاهُه، جان مُون آتَڻَ نِهارِيان،
    کَڻي ڪانَه پساهُه، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
    29
    چَرِکو پنهنجي چِتَ سان، ڀِنِيءَ ڀيرِيو جَن،
    توڙي ڪِينَ ڪتَنِ، تَه پِه ڪانڌُ
    تَنِين جو ڪوڏِيو
    30
    تاڃِي تورِيائُون، تَه عَيبِ نِڪِتا اَڳِيان،
    ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇيائُون،
    اَگَلَڙِي آئُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو