پنھنجي ويبسائٽ ڪيئن ٺھرائجي!؟

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پنھنجي ويبسائٽ ڪيئن ٺھرائجي!؟
    جيئن ڪنھن بہ شئي کي ٺاھڻ لاءِ اُن جو نالو ھُجڻ ضروري آھي تيئن ويبسائٽ جو پڻ نالو رکيو ويندو آھي ۽ اُن نالي سان ھڪ ڊومين ۽ ھوسٽنگ ورتي ويندي آھي ان کان پوءِ ويبسائٽ ٺھرائي اُن ھوسٽنگ تي رکي ويندي آھي. ويبسائٽون مختلف قسمن جون ٿينديون آھن، ھيءُ ليک پڙھي توھان پنھنجي ڄاڻ ۾ ٿورو گهڻو اضافو ڪري سگهو ٿا.

    ڊومين نيم ڇا آھي؟
    ڪنھن بہ ويبسائٽ تي رَسائي حاصل ڪرڻ لاءِ برائوزر (browser) ۾ ڏِنل ھڪ نالو، جيڪو www سان شروع ٿئي ٿو. مثال طور: گوگل جو ڊومين www.google.com آھي ۽ فيسبڪ جو www.facebook.com آھي. عام طور تي اسان www (ورلڊ وائيڊ ويب) ناھيون لڳائيندا تہ بہ ويبسائٽ کولي ڏِسي سگهون ٿا، جيئن ubedthaheem.com لکڻ سان توھان منھنجي ويبسائٽ کولي ڏِسي سگهو ٿا.
    ھرھڪ ڊومين جي الڳ قيمت ھوندي آھي ۽ ھر مُلڪ جو الڳ ڊومين ڪوڊ ھوندو آھي. پاڪستان ۾ .pk سان ختم ٿيندڙ ڊومين لڳ ڀڳ 6 ھزار روپين ۾ 2 سالن لاءِ ملندو آھي جڏھن تہ .com وارو ڊومين ڪٿان بہ وٺي سگهو ٿا.
    ياد رکو! تہ ڪابہ تنظيم رجسٽر ڪرائڻ کان اڳ ويبسائٽ لاءِ ڊومين ڏِسي وٺو ۽ جيڪڏھن ڊومين ملي تہ اُھو خريد ڪري پوءِ تنظيمي ڪاڳرن تي لکندا ڪريو. کوڙ ماڻهن سان ائين بہ ٿيو آھي تہ ويبسائٽ جو ڊومين ڪاڳرن تي لکرائي تنظيم رجسٽر ڪرائي ڇڏيندا آھن ۽ پوءِ ڊومين نہ ملڻ جي صورت ۾ پيا رجسٽرارن وٽ چڪر ڪاٽيندا آھن تہ ڪاڳرن ۾ تبديلي ڪري ڏيو.

    ھوسٽنگ ڇا آھي؟
    ھوسٽنگ، جنھن کي ويب-ھوسٽنگ بہ چيو ويندو آھي، انٽرنيٽ تي ھڪ اھڙي جاءِ آھي جتي توھان جي ويبسائٽ رکي ويندي آھي تہ جيئن ڪوبہ شخص دنيا جي ڪنھن بہ ڪُنڊ مان ويھي معلومات حاصل ڪري سگهي. جيئن توھان جي ڪمپيوٽر ۾ C: يا D: ڊرائيو (پارٽيشن) آھن، جتي توھان پنھنجيون فائلون، فلمون، تصويرون ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهہ رکي سگهو ٿا... اُھي تصويرون يا وڊيوز توھان جي ڪمپيوٽر تائين ئي محدود ھونديون آھن ۽ ڪو بہ ٻيو شخص اُنھن کي نٿو ڏِسي سگهي، پر توھان جيڪڏھن چاھيو تہ اُھي سڀ شيون دنيا جي ڪنھن بہ ڪُنڊ مان ويھي ڏِسجن تہ اُن لاءِ توھان کي ويب-ھوسٽنگ خريد ڪرڻي پوندي. ائين سمجهو تہ ھيءُ ھڪ قسم جو آنلائن ڪمپيوٽر آھي جتي توھان جي سموري ڊيٽا پئي ھوندي ۽ اُن لاءِ توھان کي ساليانو فِيس ادا ڪرڻي پوندي.

    ھوسٽنگ ڪيتري تائين ملندي؟
    اھو توھان تي آھي تہ ڪھڙي قسم جي ھوسٽنگ وٺو ٿا. جيڪڏھن توھان جي ويبسائٽ ھڪ ننڍڙي ويبسائٽ آھي يعني آرگنائيزيشن جي ويبسائٽ تہ توھان کي گهٽ ۾ گهٽ 10 گيگا بائٽ جي ھوسٽنگ وٺڻ گهُرجي ۽ اُن جي بينڊوِٿ لامحدود ھُجي.
    عام اندازي موجب 20 ھزار روپين ۾ توھان کي سنگل ڊومين ھوسٽنگ ملي ويندي.

    بينڊوِٿ ڇا آھي؟
    ڇا توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي تہ توھان پنھنجي موبائل ۾ ڊيٽا پئڪيج ڪرايو ٿا ۽ پوءِ يوٽيوب کوليو ٿا تہ يوٽيوب تي ڪابہ وڊيو ھلڻ کان اڳ ھڪ ننڍڙي ھلڪي خاڪي رنگ جي پَٽِي پھرين ھلندي آھي ۽ پوءِ وڊيو مٿان ڳاڙھي رنگ جي پَٽِي ھلندي آھي. اُھا خاڪِي رنگ جِي پَٽِي توھان جي ڊيٽا مان ايم.بي کائيندي آھي، توھان 2 جِي بِي (گيگا بائٽ) جو پيڪيج ڪرايو ۽ پوءِ صرف 2 فلمون ڏِسو تہ توھان جي ايم.بي کپي ويندي، پر اُن جي ڀيٽ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون کوڙ ساريون وڊيوز ڏِسي سگهو ٿا.. اصل ۾ جيترا ايم.بي جي فلم يا وڊيو ھوندي اُوترا ايم.بي توھان جي ڊيٽا مان ڪٽبا ۽ اوترا ئي ايم.بي يوٽيوب وارن جِي بينڊوِٿ مان بہ ڪٽبا.
    ڪنھن بہ ويبسائٽ ۾ موجود تصويرون يا مواد ڪُجهہ نہ ڪُجهہ ايم.بي جو ھوندو آھي، فرض ڪريو جيڪڏھن توھان جي ويبسائٽ تي ھِڪ گيگابائٽ جو مواد پيل آھي ۽ توھان جي ويبسائٽ تي روزانو 500 ماڻهو اچي ڏِسن ٿا تہ توھان جي بينڊوِٿ مان 500 گيگابائٽ ڪٽِبا ۽ مھيني جو حساب لڳائجي تہ 15 ھزار گيگابائٽس.. اھڙي نموني جيڪڏھن توھان ويب ھوسٽنگ ۾ صرف 500 گيگابائٽ بينڊوِٿ وٺندا تہ اُھا 500 يوزرس جي استعمال ڪرڻ سان ئي ختم ٿي ويندي ۽ ويبسائٽ وري مھينو کن بند رھندي.
    کوڙ ماڻهو سَستِي ويبسائٽ ھوسٽنگ جي چڪرن ۾ گهٽ بينڊوِٿ واري ھوسٽنگ وٺي ڇڏيندا آھن ۽ پوءِ ڪُجهہ ئي ڏينھن ۾ ويبسائٽ بند ٿيڻ تي پريشان ٿي ويندا آھن. انڪري لازمي آھي تہ ڪنھن ڄاڻُوءَ کان ويبسائٽ ھوسٽنگ بابت صلاح مشورو ڪري پوءِ وٺجو.

    ويبسائٽ ڪھڙي قسم جي ھوندي آھي؟
    ڪُجهہ ويبسائٽون پورٽفوليو ٽائپ ھونديون آھن، جتي توھان پنھنجي تنظيم جي باري ۾ معلومات ۽ ڪُجهہ تصويرون رکي سگهو ٿا، اھڙيون ويبسائٽون اڪثر اسٽيٽِڪ ھونديون آھن، يعني مھينن کان پوءِ اُن ويبسائٽ ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويندي آھي. پر جن ويبسائٽن ۾ روزاني جي بنيادن تي تبديليون ڪيون وڃن اُن کي ڊائنامِڪ چيو ويندو آھي.

    اِيڪامرس (e-Commerce)
    اي ڪامرس ويبسائٽون ھڪ قسم جو آنلائن دُڪان ھونديون آھن، جتي مُختلف قسمن جا وَکَر توھان خريد ڪري سگهو ٿا. جيئن پاڪستان ۾ ”دَراز ڊاٽ پِي.ڪي“ جِتي توھان گاڏين کان وٺي ھر قسم جون شيون رکي کپائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ اھڙين ويبسائٽن کي B to B ويبسائٽ بہ چيو ويندو آھي.. پر ھڪڙيون ويبسائٽون اھڙيون بہ آھن جيڪي صِرف ڪنھن ھڪ مخصوص اداري جو دُڪان ھونديون آھن جِتي اُن اداري جون شيون ئي وڪري لاءِ رکيل ھونديون آھن، اھڙين ويبسائٽن ۾ توھان پنھنجي ڪابہ شئي کپائڻ لاءِ نٿا رکي سگهو، اھڙي ويبسائٽ کي B to C ويبسائٽ چيو ويندو آھي.

    ويب_ايپليڪيشن (Web Application)
    ويب ايپليڪيشن، اھڙيون ويبسائٽون جن کي استعمال ڪندي توھان مختلف فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا. جيئن NTS جي ويب-ايپليڪيشن، جتي توھان لاگ-اِن ٿيندا آھيو ۽ پوءِ مختلف وقتن تي ايندڙ نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪندا آھيو، اُن ويبسائٽ مان توھان چالان بہ ڪڍندا آھيو. يا وري سنڌ يونيورسٽيءَ جي ويبسائٽ، جتي توھان پنھنجي تعليم متعلق مختلف سرگرميون ڪري سگهو ٿا...
    ويب ايپليڪيشن ۾ ھڪ ٻيو مثال فيسبڪ جو پڻ آھي، جيڪا بظاھر سوشل ميڊيا ويبسائٽ آھي پر ھِن ۾ کوڙ اھڙا فيچر آھن جيڪي ھِن کي ھڪ ايپيليڪشن جي زمري ۾ آڻيندا آھن.

    ھڪ عام ويبسائٽ ڪيترن روپين ۾ ٺھندي آھي؟
    ويبسائٽ جي ڊومين ۽ ھوسٽنگ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 6 ھزار (جنھن ۾ 1 گيگا بائٽ ھوسٽنگ ۽ 10 گيگابائٽ بينڊوِٿ شامل ٿي سگهي ٿي) روپيا ٿيندي، پر جيڪڏھن توھان جي ويبسائٽ تمام وڏي آھي تہ پوءِ اھي پئسا وڌي سگهن ٿا ۽ وڌ ۾ وڌ 2 لک روپيا مھينو بہ ٿي سگهن ٿا. اھو توھان جِي بجيٽ ڏِسي ٻُڌائي سگهجي ٿو
    ان کان پوءِ ڊِولپمينٽ ڪاسٽ (جيڪا ويب ڊزائنر ۽ ڊولپر وٺندو). ھاڻ اھو ڊولپر جي مٿان آھي تہ ڪيتري ۾ توھان جي ويبسائٽ ٺاھي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ 20 ھزار (ورڊپريس جي عام ويبسائٽ لاءِ) روپيا ٿي سگهن ٿا. وڌ ۾ وڌ اھا رقم ڪروڙن تائين بہ پُڄندي آھي.
    ھڪ عام پورٽفوليو ويبسائٽ گهٽ ۾ گهٽ 40 ھزار روپين ۾ ٺھي سگهي ٿي، جنھن ۾ عام ھوسٽنگ ڪاسٽ بہ شامل آھي. پھريون ڀيرو توھان کي اھا رقم وڏي لڳندي پر ھرسال توھان کي صِرف ھوسٽنگ ۽ ڊومين جا پئسا ڀرڻا پوندا... يا وري جڏھن توھان پنھنجي ويبسائٽ کي اپگريڊ يا اپڊيٽ ڪرايو تہ اُن جا پئسا الڳ لڳي سگهن ٿا.
    ليک شايد وڏو پيو ٿِئي انڪري ڪنھن ٻئي ڀيري وڌيڪ تفصيل سان...
    ----
    عبيد ٿھيم
     
    ايس ايم درس ۽ محمد نويد جمالي هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو