امراڻي جو راڻو ھو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    ماڻھو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ اچي بوءِ بهار جي.

    مينھن پڄاڻا مٽي مان اٿندڙ مھڪار سان ڀيٺيون يا بھارون گل گلزار چئون ھُو شخصيت ڪنھن کان به لڪيل ڪون آھي جيئن چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي لياڪا پائيندو آهي ۽ پنهنجي چانڊاڻ سان جڳ جرڪائيندو آھي ھر ماڻھو جي نگاه بي ساختہ چنڊ تي پوندي آهي ھن سنڌ جي شھڪار محبوب مٽي ڪيترين ئي عظيم ۽ اعلي گڻن وارين مھان ھستين کي جنم ڏنو آهي انھن مان خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب به ھڪ ھو شاعر اديب زميندار راڄن جو راڻو چڱو مڙس ڏاھو سياستدان ٿي گذريو بحثيٽ ھڪ زميندار اھي سڀ ئي ڪم ڪار سنڀالڻ ھر ڪنھن وڏيري جي وس جي ڳالھ ناھي سندس زندگي ھڪ سادگي جو مثال ٿي گذري ھڪ ڀيرو جنھن سان به ملاقات ڪئي ڪريم پلي تنھن کي خريد ڪري ڇڏيائين ڪچھرين جو ڪوڏيو ڪريم سدائين خوش مزاج صفا سادو بظاھر قد جو ڇوٽو پر علم ادب فن فڪر سان مالامال قدآور شخصيت اعلي بصيرت ڇا ته ملڻ ۽ کلڻ ھو

    وساريان نه وسرن
    غريبن جو همدرد يار ناري جو نواب سحر انگيز شخصيت جو مالڪ
    ڪيا سانگ ساوڻ وري ڙي وري
    چڪيا چاڪ ٿي دل چري ڙي چري
    ساوڻ جا سانگ ڏسي سندس اکيون اشڪبار ٿي وينديون ھيون پنھنجي شاعري ۾ محبوب کي ڪڏھن به بيوفا چئي نه پڪاري ٿو سندس ڪافيون لاجواب آھن ھو ھزارين درد دل ۾ رکي لوڪ کان لڪائي شاعري ۾ خوبصورتي سان تخليق ڪري ٿو
    دردن دل آزاري سائين
    ڪر ڪا موٽڻ واري سائين
    سوين سور اندر رکڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندڙ ڪريم پنهنجي دلربا سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته
    ھيڪر جي گڏجن ته چوان سور اندر جا ساري ساري
    ھجر وارن جي حوصلا افزائي ڪندي شاعري جي خوبصورت احساس سان منڊي تي ٽڪ جيان جڙي ٿو
    ھجر ۾ زار زار نه رو
    روئي ڍئو ڪر بار بار نه رو
    ڪريم جي شاعري خاص ڪري ڪافيون لاجواب لکيل اٿس
    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    تنھن دؤر ۾ عبدالقادر جوڻيجو چواڻي اوطاق ھلندي نه پر وھندي ھڪ دؤر ھو سخاوت جي حوالي سان توڙي علم ادب لحاظ سان اوطاق مشھور ھئي ڪيترائي سنڌي وڏا وڏا فنڪار ھن سخي سلطان وٽ ايندا هئا موسيقي جون خوبصورت محفلون مچنديون ھيون رنگين رھاڻيون رچنديون ھيون چار نومبر اوڻيھ سؤ ايڪانوي تي ساري سنڌ کي سوڳوار ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سندس شاعري جا ٻه ڪتاب آھن ڪيا سانگ ساوڻ وري ڙي وري ۽ ٻيو چنڊ جھڙا پرين
    ڪريم پلي سنڌ کان وڇڙي کي ڪي وريھ ٿي ويا آھن پر لڳي ائين رهيو آهي ته ھينئر ھينئر وڇڙيو آهي.

    باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو