محمد مراد چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وارھ جي واھر ڪرڻ واري سياسي ڪردار محمد مراد چانڊيو جي ياد (ابراهيم لاشاريءَ) پنھنجي سونھاريءَ سنڌ ڪيترن ڪردارن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي اھڙي ريت منھنجي جنم ڀوميءَ وارھ بہ ھر دؤر منجھ ھميشہ املھ ماڻڪ موتي جھڙن ماڻھن کي پنھنجي ھنج منجھ وقت بہ وقت جنم ڏيندي رهي آهي اھڙي ريت وارھ تعلقي جي يونين ڪائونسل نور آباد جي ڳوٺ نھال تونيو جي معزز ،سياسي سماجي، شخصيت محمد صلاح چانڊيو (وراڻي) کي آچر ڏينهن 6 مئي 1973ع ڌاري گرمي جي موسم منجھ ھڪ نينگر پيدا ٿيو جنھن جي ڇٽي جو نالو محمد مراد رکيو ويو محمد مراد نيٺ اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو ٿيو والدين وڏي پيار پاٻوھ سان تربيت ڪري پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو جتي محمد مراد وڏي محنت سان پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم واسطي وارھ ھاءِ اسڪول مان تعليم پرائڻ لڳو سندس والد محمد صلاح ۽ چاچو حريف خان چانڊيو ھميشہ تعليم سان گڏ سياسي پرورش پڻ ڪندي نظر آيا محمد مراد چانڊيو پڙھائي واري زماني منجھ اسڪول ۾ٿيندڙ سماجي ادبي تاريخي مذهبي سرگرمين ۾ڀرپور بھرو وٺندي نظر ايندو ھو . پاڻ اسڪول واري زماني کان سنڌ جي ناليواري سياستدان جناب مرحوم رسول بخش پليجي ۽ جناب شھيد فاضل راهو جي تنظيم عوامي تحريڪ جي شاخ سجاڳ ٻار تحريڪ کان شاگرد سياست ۾حصو ورتائين سجاڳ ٻار تحريڪ منجھ زبردست ڪم ڪري ڏيکارين بس ھن يار انھي زماني کان وٺي سياست کي عبادت سمجهي سياسي سماجي ڪمن کي تيز ڪندي نظر آيو محمد مراد چانڊيو پاڻ ٻين دوستن جيان ھروبررو پارٽيون تبديلي ڪندي نظر نہ آيو سجاڳ ٻار تحريڪ ھوندي ھن جي چاچاي جناب حريف خان چانڊيو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پٽ شھيد مير مرتضي ڀٽو صاحب جي سياست کان متاثر ٿي پ پ شھيد ڀٽو ۾ شموليت ڪيائين تہ محمد مراد چانڊيو جو بہ من بہ مير مرتضي ڀٽو سان وڃي جڙيو پوءِ تہ مير مرتضي ڀٽو جي قافلي جو وڃي ڪارڪنن بڻيو پاڻ سپاف شھيد ڀٽو کان سياسي ميدان ۾ لٿو تہ سال 1993ع کان شهيد مير مرتضي ڀٽو جو سچو سپاهي۽ عاشق ٿي پ پ شھيد ڀٽو پارٽي منجھ شموليت ڪيائين محمد مرادچانڍيو نہ رڳو سياسي رستو اختيار ڪيو پر ھو ھڪ ئي وقت سياسي, سماجي ورڪر ٿي وارھ جي ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانوَ پڻ ھو. پاڻ سال1990ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ نھال تونيو کان لڏ پلاڻ ڪري وارھ شھر جي لطيف ڪالوني کي مسڪن بڻايو ھو،پاڻ وارھ شھر يا ان جي آسپاس ڪنھن بہ مسڪين ماڻهن، غريب لاچار ماڻهن سان ڪا ناانصافي ٿيندي هئي ته پاڻ انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري حل ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو ھو مرحوم محمد مراد چانڊيو ڪيترن ئي لاچار ماڻهن کي رت جو عطيو ڏئي ڏکي وقت منجھ سھارو بڻجندو ھو ڪيترن ئي لاچار ماڻهن جي اھجن جي ڏک جو مالڪ بڻجي مدد ڪرڻ لاءِ ڪڏهن بہ نہ ڪيٻايو پاڻ ھميشہ مينھن جي موسم ھجي يا گرميءَ جي موسم پاڻ مسڪين ماڻهن جي اھجن جي دوا ھوندو ھو ، وارھ جي ھن بھادر بيباڪ قومپرست نوجوان ليڊر جي اھا بہ خوبي هوندي هئي تہ ڪٿي بہ ڪنھن بہ برادريءَ ۾ جيھڙو يا تڪرار ٿيندؤ ھو تہ ان جي حل لاءِ دوستن خاص ڪري پ پ شھيد ڀٽو جا ڪارڪنن علي اصغر ميراسي ، ذوالفقار صاحباڻي، ذوالفقار گائينچو، محرم چانڊيو راجا ڇٽو ، غلام مصطفي پھوڙ ،نجاوت خان مغيري، عبدالوهاب ڇٽو کي ساڻ ڪري ٻين سياسي سماجي شخصيتن پارٽي جي اڳواڻن سان گڏجي ملاقاتون ڪري وارھ واسين جا خير ڪرائيندو هو محمد مراد چانڊيو طبيعت جو پڻ نماڻو ھوندو ھو ڪڏھن به ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کان پاڻ کي مٿڀرو نہ سمجھندو ، سونھاريءَ سنڌ جي ھن شھر وارھ کي علم ادب ۽ سياسي سماجي شخصيتن جو ڳڙھ شھر سمجهيو ويندو آهي ھن شھر منجھ ڪٿي بہ سياسي سماجي ثقافتي تقريب ٿيندي هئي ته پاڻ دوستن سان ٽولي جي صورت منجھ حصو وٺندو ھو محمد مراد چانڊيو کي پنھنجي ٻچن سان پڻ گھري محبت هوندي هئي پاڻ پنهنجي پٽ سعيد مراد چانڊيو جي بھترين پرورش ڪري اعلي تعليم لاءِ ھميشہ ڪوششون ڪندي لاھور جھڙي شھر جي ڪاليج يونيورسٽي منجھ تعليم پرائڻ واسطي داخلا وٺي ڏني جتان ھو محنت ۽ عزم سان تعليم پرائي رھيو آھي ھن غريب ھوندي پنھنجي پياري ڀاء شاھمراد چانڊيو صاحب جن کي جنت نما زمين جي ٽڪري سنڌ يونيورسٽيء منجھ پڙھائي لاءِ داخل وٺرائي ڏني جتان ھن جي ذھين ڀاءُ وڏي محنت سان ڊگري حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي منجھ ئي (آء ٽي ڪمپيوٽر) واري شعبي منجھ ايسوئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي محمد مراد چانڊيو جي ڪوششن سان پروفيسر صاحب ملائيشيا ملڪ منجھان (ڊاڪٽريٽ)جي اعليَ سند پڻ حاصل ڪيائين شاھمراد چانڊيو صاحب پنهنجي محنت سان درس تدريس نھايتي سليڪي ايمانداري سچائي سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي محمد مراد چانڊيو پاڻ ڪجھ عرصو بيمار رهيو جنھن کي پنهنجي ڀاءُ پروفيسر شاھمراد چانڊيو ۽ سندس چاچي جناب حريف خان چانڊيو ترت ڪراچي شھر منجھ قائم آغا خان اسپتال منجھ علاج واسطي داخلا ڪريو جتي ڊاڪٽرن محمد مراد چانڊيو جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا مڱر موت محمد مراد چانڊي مٿان ٽڪ ٻڌي بيھي رھيو ٺيٺ وارھ شھر جي ھر شھري جي مالڪي ڪندڙ عظيم ڪردار واري شخصيت محمد مراد چانڊيو سوين دوستن گھر ڀاتين کان اوچتو موڪلائي تاريخ27 جولاءِ2022 اربع ڏينهن 49 سال 2مھينا 21 ڏينهن گذاري وارھ واسين کي اڪيلو ڪيون ھليو ويو سندس جي جئ جهوريندڙ وڇوڙي واري واقعي تي آء سڄو وارھ واسين سوڳ منجھ ورتل آھيون ۽ ڏک جي ھن گھڙيءَ ۾ سموري خاندان سان ڏک ۾برابر جا شريڪ آهيون رب پاڪ جي در دعا تہ پوئين کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي محمد مراد چانڊيو کي ھاڻ ورسي ڏينهن ياد ڪيو محمد مراد چانڊيو ھڪ بيواھ وني ٽئي نياڻيون۽ ھڪ پٽ سعيد مراد چانڊيو ڇڏي ويو وارھ جي ھن سياسي بھادر بيباڪ اعلي ڪردار جي مالڪ شخصيت جون سياسي سماجي خدمتون ھاڻ ھميشہ ياد رھنديون مرحوم محمد مراد چانڊيو جي مڙھ کي پنهنجي اباڻي قبرستان نھال تونيو لڳ پير تاج محمد شاھ جي قبرستان جکر ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جتي دوستن پارٽي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ھن وقت سندس جي ڪم ۽ سياسي سماجي ڪردار کي نڀائڻ لاءِ لائق پٽ سعيد مراد چانڊيو نظر اچي پيو _______ ڏسپتو ابراهيم لاشاريءَ ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو