سر سريراڳ ڇهه سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڇهه سٽا
    1
    هِڪِي ٻانَهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جبارُ،
    ڪَڍي اونَهي ڪُنَ مان، اِيءُ آڳي جو آڌارُ،
    جَهازُ جوهَرِيَنِ جو، تِنهن کي ڀَوءُ نه ڏي ڀَتارُ،
    ننڍا وڏا مَڪُڙا، سَڀِ پَسَندا پارُ،
    جيڏاهن مُنهن مَدِيني جو، سُڄي مُحَمد موچارُ،
    سٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.
    ڇسٽ دوهو ميل(دوهو،دوهو،دوهو سورٺو) سريراڳ 2-19
    2
    اَچي سو ڏڙٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
    سُتي لوڪَ لَطيفُ چئي، ياد نه ذرو ڪِيوءِ،
    غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙَهَ تي آندوءِ،
    سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکين! جو پِيو پُراڻو پوءِ،
    جهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
    سَيِّدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهُچائِيين!
    ڇسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 3-9
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو