يورپي ملڪن جي ترقي جو راز

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ Zahoor Ahmed Malkani طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2023۔

  1. Zahoor Ahmed Malkani

    Zahoor Ahmed Malkani
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين سنڌ
    اڄ يورپ پاڻ کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايترو اڳتي آهي جو افغانستان عراق ۽ دنيا جي مختلف حصن تي بمباري ڪري ٿو ۽ اسان جا دماغ انهن جي ويزا لاء بيچين آھن. دنيا جون وڏي ۾ وڏيون ڪمپنيون گوگل, ناسا, ايپل, مائڪرو سافت, ايميزون, ٽيسلا وغيره به يورپ ۾ آهن ته پوء هي بحث ڪنهن سازش يا مذهب تي ناهي بلڪہ هن تي پنج سئو سال کان به وڌيڪ پراڻي منصوبه بندي جي تاريخ آهي.
    جڏهن شهنشاه جلالدين اڪبر فتح پور سيڪري جهڙو عاليشان شھر صرف ڪجه خوبصورت عورتن کي غير محفوظ نظرن کان بچائڻ لاء چوديواري ڏئي رهيو هو
    تنهن وقت برظانيان ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جهڙي عظيم درسگاھ جو تعميراتي ڪم هلي رهيو هو.
    جڏهن شهنشاه جهانگير پنهنجي پالتو جانور جي ياد ۾ هرڻ مينار جو تعميراتي ڪم ڪرائڻ ۾ مصروف هو ان وقت پسا (PISA)يونيورسٽي سان لاڳاپيل هڪ مشهور ڪاليج جو تعميراتي ڪم هلندڙ هو
    مغل دور جي عروج جي آخري سالن ۾ شاهجهان ٻاويھ هزار مزدور ۽ ٽيويھ سالن جي محنت صرف پنهنجي سڀ کان پسنديده ذال لاء تاج محل ٺهرائڻ ۾ مصروف هو ان وقت آمريڪا ۾ هارورڊ ڪاليج جهڙو تعليمي ادارو وجود ۾ آندو ويو
    آخري پنج سئو سالن جي تاريخ اسان صرف مقبرن مينارن ۽ نمائشي جڳهن ۽ اجاين تاريخن تي مشتمل آھي
    ساڳي يورپ ملڪن ۾ يونيورسٽين لائبريرين ۽ ڪاليجن جو دور هو. اهو تڏهن ئي ممڪن هو جڏهن انهن وٽ تعليم هئي
    سرسيد احمد خان جڏهن اهيو نظريو پيش ڪيو تہ جيڪڏهن مسلمانن کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻو آهي ته انگريزن جي رٿابندي ۽ انهن جا لکيل ڪتاب پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪرڻا پوندا ليڪن ان نظريي کان بعد مسلمانن سرسيد احمد خان کي ڪافر قرار ڏيندي چيو ته هو انگريزن سان گڏ کائي ۽ پيئي ٿو ان جي ڪري هو ڪافر آهي ۽ انهن سان گڏ مسلمانن جي خلاف ڪنهن سازش ۾ گڌ آهي اسان پنهنجي ترقي پاڻ ڪنداسين انهن ڪافرن جي پويان هرگز نه لڳنداسين ان باوجود سرسيد انهن جي تنقيد کي برداشت ڪندي اورينٽل ڪاليج جو افتتاح ڪيو جتي انگريزي ڪتاب اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم ٿيندو هو ته جئين مسلمان انهن جي تعليم پنهنجي زبان ۾ پڙهي سگهن ليڪن اڄ جا جيڪي اڳواڻ آهن انهن کي صرف واه واه ۽ گلن جا هار کپن جيڪر ڪو تنقيد ڪري ٿو ته ان کي هميشہ لاء خاموش ڪيو وڃي ٿو اهو ئي فرق آهي اسان ۽ يورپي ترقي يافتہ ملڪن ۾۔۔۔
    ظھور احمد ملڪاڻي
     
    آخري ترميم: ‏25 مئي 2023

هن صفحي کي مشهور ڪريو