ڪلياڻ نمبر 1_ شاهه جي ڪلام جي اسمن جو مطالعو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    #1
    شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي
    تحرير و ترتيب _ صراط بلوچ
    1
    اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
    قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
    والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،
    سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ،
    ڪَري پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.

    5
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئِين اِيئن(اِيَ)،
    تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن(نيهَه)،
    تان تُون وَڃِيو ڪِيئن(ڪِيَ)، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
    (سر ڪلياڻ داستان پهريون )

    اللهُ
    جوڙئون/ جوڙون
    جهانَ جِي
    مُحَمَّدُ
    نِرَتَئُون
    نِينهُن
    سِرُ
    *******************************
    (اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،)
    اللهُ (اسم خاص)
    هي خالق ڪائنات جو اسم ذات (ذاتي نالو) آهي

    *******************************
    (ڪَري پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.)
    جوڙئون _ (اسم عام واحد مذڪر) حالت جري
    جوڙ + ئون معني جوڙي مان
    هي لفظ "جوڙو" جري پڇاڙي "ئون" سان گڏجي "جوڙئون" مرتب لفظ ٺهيو آهي.
    جوڙون _ (اسم عام جمع مونث) تخليقون

    جهانَ جِي _ (اسم عام واحد مذڪر) حالت جري
    جهانُ _ دنيا، جهان، ڪائنات، ماڻهو، لوڪُ، عالَمُ
    معني _ عالَمُ جي
    هي لفظ "جهانُ" آخري اکر "ن" تي پيش سان آهي، جنهن جي اڳيان حرف جر "جي" اچڻ ڪري هن جي "ن" واري پيش زبر ۾ تبديل ٿي ڪري هي اسم بيت ۾ حالت جري واري پوزيشن ۾ آيو آهي.

    *******************************
    تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتَئُون مَنجهان نِيهَن(نيهَه)،
    مُحَمَّدُ (اسم خاص)
    رسول ڪريم ص جن جو اسم خاص

    نرتئون _ (اسم عام واحد مونث) حالت جري
    نرتَ + ئون، صدق سان، دل سان
    هي لفظ "نرتَ" جري پڇاڙي "ئون" سان گڏجي "نرتئون" مرتب لفظ ٺهيو آهي.

    منجهان نينهَن (اسم عام واحد مذڪر) حالت جري
    پيار مان، لاڙي مان، مرضي سان، عشق مان
    هي لفظ "نينهُن" آخري آواز واري اکر "هه" تي پيش سان آهي، جنهن کان پهرين لفظ حرف جر " منجهان " اچڻ ڪري هن جي "هه" واري پيش زبر ۾ تبديل ٿي آهي ۽ هي اسم بيت ۾ حالت جري واري پوزيشن ۾ آيو آهي.

    *******************************
    تان تُون وَڃِيو ڪِيئن(ڪِيَ)، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
    سِرُ (اسم عام واحد مذڪر)
    جسم جا ٻه حصا هوندا آهن هڪ ڌڙ ۽ ٻيو سر جنهن کي پاڻ ۾ ڳچي ذريعي مليل هوندا آهن ڳچي کان مٿي واري حصي کي سر يعني ڪنڌ چيو ويندو آهي. پر هن بيت ۾ سر مان مراد انسان جو پورو مادي و روحاني وجود آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو