ڪلياڻ نمبر 2_ شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    #2
    شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي
    تحرير و ترتيب _ صراط بلوچ

    6
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَڏِهۡن چَيو جَنِّ
    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَنِ،
    تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.
    سر ڪلياڻ داستان پهريون


    مُحَمَّ‍دُ
    هيجان
    هِنيَئَنِ
    اَوَتَڙِ
    اَوَتَڙِ
    ********************************
    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَئنِ،
    مُحَمَّدُ (اسم خاص)
    رسول ڪريم ص جن جو اسم خاص

    هيجان(اسم عام، مذڪر واحد) حالت جري
    هيجُ(پيار، محبت، شوق) + آن( جري پڇاڙي معني مان، سان) _ (مرتب لفظ) هيجان معني پيار مان، چاهه مان، شوق سان

    ساڻُ هِنيَنِ(اسم عام مذڪر جمع) حالت جري
    هنيو(دل، جڳر، قلب + نِ جمع ٺاهيندڙ پڇاڙي) _(مرتب لفظ) هِنيَنِ
    ساڻ هِنيَنِ معني دل سان، قلب سان

    ********************************
    تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.
    اَوَتَڙِ(اسم عام واحد مذڪر) حالت اپداني
    اَوَ+تَڙُ(اَوَ _خراب، ڏکيو + تَڙُ_ لنگهه، گهٽ، پاڻي ۾ لهڻ وارو هنڌ ماڻهن، جهازن۽ ٻيڙن وغيره لاءِ) مرتب لفظ “اوتڙ” معني اهو تڙ جيڪو خراب هجي جتي ٻيڙين، جهازن جي لنگر ڪرڻ واري جاءِ نه هجي جتان ماڻهن لهڻ جو گهيڙ نه هجي. اصطلاحي طوراوتڙ جي بيت ۾ معني ٿيندي گمراهي.
    لفظ جي آخري اکر واري پيش جي زير ۾ تبديلي
    هي لفظ جيئن ته واحد مذڪر آهي تنهن ڪري هن جي اصل صورت اَوتَڙُ آخري اکر ڙ جي مٿان پيش آهي پر بيت ۾ ڙ جي هيٺيان زير ڏنل آهي جنهن ڪري هي حالت اپدان بڻجي ٿي. پيش جي زير ۾ تبديلي مان مراد آهي ته اوتڙ سان “ڏانهن” به گڏ آهي. تنهن ڪر معنيٰ ڪبي خراب تڙ ڏانهن(حالت اپداني ڪنهن به جڳهه ۾ ، مان يا ڏانهن، کان وارن لفظن کي ظاهر ڪري ٿي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو