ڪلياڻ نمبر 3_ شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    #3
    شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي
    تحرير و ترتيب _ صراط بلوچ

    7
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،
    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.

    اِيمانَ،
    مُحَمَّ‍دُ
    لِسانَ،
    فَرمانَ
    اَوَتَڙِ

    ******************************
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،
    سين اِيمانَ (اسم واحد ) حالت جري
    “ايمان” اسم آهي ۽ ان کان اڳ آيل لفظ “ساڻُ” حرف جر تنهن ڪري هنن جي گڏيل معنيٰ ڪبي
    معنيٰ_ دل جي يقين سان، ويساهه ساڻ
    اِيمانُ واحد مذڪر آهي جنهن جي لکت آخري “ن” تي “پيش” سان هوندي آهي “اِيمانُ” پر جيئن ته بيت ۾ ايمانُ کان پهرين حرف جر “سين” آيو آهي جنهن ڪري هن جي “حالت جري” ٿيندي، جنهن جي ڪري آخري “اکر” واري “پيش” کي “زبر” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
    مُحَمَّدُ (اسم خاص)
    رسول ڪريم ص جن جو اسم خاص

    ساڻ لِسانَ (اسم عام مونث واحد) حالت جري
    “لِسانَ” اسم آهي ۽ ان کان پهرين آيل لفظ “ساڻ” حرف جر جنهن ڪري ٻنهي جي گڏيل معني ڪبي.
    معنيٰ_ زبان سان، گفتار سان. اصطلاحي_ زباني طور تي به

    *************************
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.
    ۾ فرمانَ(اسم مذڪر واحد) حالت جري
    “فرمانَ” اسم آهي جڏهن ته هن کان پهرين آيل لفظ “۾” حرف جر تنهن ڪري هنن جي گڏيل معني ڪبي
    معنيٰ، حڪم ۾، چوڻ ۾، فرمانبرداري ۾
    “فرمانُ” واحد مذڪر آهي جنهن جي لکت آخري “ن” تي “پيش” سان هوندي آهي “فرمانُ” پر جيئن ته بيت ۾ هن کان پهرين حرف جر لفظ “۾” موجود آهي تنهن ڪري هن اسم جي “حالت جري” آهي، جنهن جي ڪري ئي “فرمان” لفظ جي آخري “اکر” “ن” واري “پيش” کي “زبر” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

    اَوَتَڙِ(مرڪب اسم عام واحد مذڪر) حالت اپداني
    اَوَ+تَڙُ(اَوَ _خراب، ڏکيو + تَڙُ_ لنگهه، گهٽ، پاڻي ۾ لهڻ وارو هنڌ ماڻهن، جهازن۽ ٻيڙن وغيره لاءِ) مرتب لفظ “اوتڙ” معني اهو تڙ جيڪو خراب هجي جتي ٻيڙين، جهازن جي لنگر ڪرڻ واري جاءِ نه هجي جتان ماڻهن لهڻ جو گهيڙ نه هجي. اصطلاحي طوراوتڙ جي بيت ۾ معني ٿيندي گمراهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو