*شاهه جي ڪلام ۾ ضميري پچاڙي"س" جو فعلِ مستقبل سان اچڻ*

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    *شاهه جي ڪلام ۾ ضميري پچاڙي"س" جو فعلِ مستقبل سان اچڻ*
    تحرير و ترتيب؛ صراط بلوچ

    شاهه جي بيتن جي عبارت ۾ زمان مسقبل ظاهر ڪندڙ فعلن جي پچاڙي ۾ جڏهن ضميري بچاڙي *س* آيل هوندي آهي ته اها سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب *س* ضمير متڪلم يعني فرسٽ پرسن جي معنٰي ڏيکاريندڙ هوندي آهي جنهن کان پهرين فعل ۾ مستقبل ظاهر ڪندڙ اکر *د* يا *دي* موجود هوندا آهن.
    **********************
    *مستقبل ظاهر ڪندڙ فعل جي مصدر مان ٺهڻ جي واٽ*
    مصدر_ کائڻ ،
    کائِڻُ مان *ڻ* ختم ٿي ان جي جاءِ تي *ن* غنه ايندي ۽ ن کان پهرين ي جو اضافو ٿيندو. لفظ ٺهندو *کائِين*.
    مستقبل ظاهر ڪندڙ اکر*د پيش* يا د زير دِي* ۽ ان بعد ضمير بچاڙي *س* جو گڏجي اچڻ
    کائِين+دُس(کائيندُس) آئون کائيندُس، مذڪر واحد جي صورت هن ۾ *د* جي مٿان *پيش* ڏني ويندي.
    کائين +ديس(کائيندِيَس) آئون کائيندِيَس؛ مونث واحد صورت هن ۾ د هيٺيان زير ۽ ي مٿان زبر ڏئي آخر ۾ س ملايو ويندو.
    نوٽ؛ مونث واحد واري صورت ۾ فعل جي آخري *دِيس* مان ي حذف به ڪري سگهجي ٿي. کائِيندِيَس يا کائيِندِس به لکي پڙهي سگهجي ٿو.
    ********************
    ان ئي انداز سان هاڻ شاهه جي بيتن مان ڪجهه مثال کڻون ٿا؛
    ڏِيندُسِ (واحد مذڪر)
    درياهَ! توتي دانهن، *ڏِيندُسِ* ڏينهن قيام جي،
    سهڻي 7-7
    وِيندُسِ(واحد مذڪر)
    سا سَمُجهِجِ، سَورٺِ- وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَرِي،
    سر سورٺ 2-12
    ڇَڏيِندُسِ(واحد مذڪر)
    ڇنَ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَ ڪِي، دوسَت اَوهان جو دَرُ،
    سر بروو سنڌي 1-18(شاهواڻي واري رسالي ۾ لفظ کي مونث انداز ۾ لکيو ويو آهي جيڪو غلط آهي)
    *********************
    ڏِيندِيَسِ(واحد مونث)
    سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏِيندِيَسِ جيڏِئين.
    سر سري راڳ 6-13
    وِيندِيَس(واحد مونث)
    وِيندِيَسِ ماءِ! مَرِي، سارٖي سامُونڊِيَنِ کي.
    سامونڊي 3-11
    مَلِيندِيَس(واحد مونث)
    اَڄُ مَلِيندِيَسِ، ماءِ! ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
    سسئي 4-10
    ڪرِيندِيَسِ(واحد مونث)
    مُون مَنجهيئِي مينهن، ڪوهُه ڪرِيندِيَسِ
    ڪَڪَرين؟
    سر رپ 1-18
    پُوندِيسِ(واحد مونث)
    مادرِ! مُون مَ چورِ، نَه تَه پڌرو پُوندِيَسِ پِرِينءَ ري.
    سر رپ 2-3
    ********************
    حوالا؛ شاهه جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
    سر سامونڊي
    سر سري راڳ
    سر سهڻي
    سر سسئي
    سر رپ
    سر سورٺ
    سور بروو سنڌي
    سنڌي ٻولي جي جهان جي کوجنا ليکڪ پروفيسر شمس الدين عرساڻي
    سنڌي معياري ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ جا ڪي اصول
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو