# 1 _ گنج جي لفظن جي صورتخطي ۽ سمجهاڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    گنج جي لفظن جي صورتخطي ۽ سمجهاڻي
    تحرير و ترتيب؛ صراط بلوچ
    ******************
    لفظ:
    پُنُوهَ
    مُن
    س
    هانُ
    پاهجا
    چي
    اَکَئَا
    ڏَٽُو
    ڏِيہ
    ڪَارَنِ
    *****************
    لفظن جي موجوده صورتخطي مطابق سمجهاڻي
    1
    پنهون موجوده صورتخطي
    پُنُوهَ گنج جي صورتخطي

    2
    مُون موجوده صورتخطي
    مُن گنج جي صورتخطي
    3
    سينموجوده صورتخطي
    س گنج جي صورتخطي
    س جي هيٺيان 2 بيٺل زيرون/کڙي الف آيل آهن جڏهن به گنج ۾ جنهن لفظ هيٺيان اهي آيل هجن ته ان لفظ ۾ اڪٿر ي ۽ ن جو اضافو ڪبو آهي ان طرح س جي هيٺيان آيل 2 کڙي الف جڏهن ختم ڪري ان جا متبادل لفظ ين ڏبا ته لفظ جي موجوده صورتخطي سين ٿي پوندي.

    4
    هاڻُ موجوده صورتخطي
    هانُ گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    گنج جي صورتخطي ۾ ڻ نه آهي تنهن ڪري ڻ کي به ن سان لکيو ويندو هو. ان انداز جا ڪجهه ٻين لفظن جا مثال
    وَنَ، ٽَنَ،


    5
    پنهنجا موجوده صورتخطي
    پاهجا گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    گنج جي صورتخطي ۾ ن غنه تمام گهٽ استعمال ٿيندو هو خاص ڪري هه کان پهرين ۽ بعد ۾ ايندڙ ن غنه
    پاهجا مان الف کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي زبر آندي وئي هه کان پهرين ۽ بعد ۾ ن غنه ڏني وئي جنهن بعد لفظ جي موجوده صورتخطي ٿي پنهنجا

    6
    چَئي موجوده صورتخطي
    چي گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    لفظ چي ۾ اکر چ جي هيٺيان کڙي الف آيل آهي گنج ۾اها ڪنهن به لفظ جي جنه اکر هيٺيان آيل هوندي آهي ته ان جو مقصد يا سمجهاڻي ٿيندي ته ان اکر جي هيٺيان زير نه آهي.

    7
    اَڳِيان موجوده صورتخطي
    اَکَئَا گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    گنج جي صورتخطي ۾ ڳ جي جاءِ تي به ک اکر ڏنو ويندو هو ان کان علاوه موجوده لفظن ۾ جتي ي استعمال ڪئي ويندي آهي اتي به گهڻو ڪري عمزه استعمال ڪيو ويندو هو ۽ نه غنه جو استعمال به تمام گهٽ هو. تنهن ڪري اَکِئَا ۾ ک ڳ جي جاءِ تي ۽ ي جي جاءِ تي عمزه ڏنل آهي ۽ آخري ن غنه ڏنل ناهي. لفظ اَکِئَا کي موجوده صورتخطي ۾ تبديل ڪرڻ بعد لفظ جي صورت ٿئي ٿي *اَڳِيان

    8
    ڏَٺو موجوده صورتخطي
    ڏَٽُو گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    گنج ۾ ڏ وارا ٽي نقطا موجده طريقي تحت نه پر جدا طرح ڏنل هوندا هئا. موجوده صورتخطي مطابق ڏ تي جيڪي ٽي نقطا ڏنل آهي انهن ۾ 2 مٿان ۽ 1 هيٺيان ڏنل آهي پر گنج ۾ ٻه هيٺيان ۽ هڪ مٿان ڏنل آهي، جيئن موجوده وقت ۾ ث جا نقطا آهن اهڙي انداز سان ڏ جا نقطا ڏنل هوندا هئا.
    گنج جي صورتخطي واري الفابيٽ ۾ ٺ نه آهي تنهن ڪري ان جي جاءِ تي به ٽ کي استعمال ڪيو ويندو هو.
    9
    ڏينهن موجوده صورتخطي
    ڏِيہ گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    هڪ ته گنج ۾ اوهان کي *ڏ* جي نقطن جو فرق ملندو جيڪي *ث* جي نقطن جيان ڏنل هوندا ٻيو ته ن غنه تمام گهٽ آيل هوندي آهي جڏهن موجوده صورتخطي ۾ ڏِيہ کي تبديل ڪجي ٿو ته پهرين ڏ جا نقطا درست ڪري پوءِ هه جي اڳيان ۽ پويان ن غنه جو اضافو ڪجي ٿو جنهن بعد لفظ جي موجده صورتخطي مطابق صورت ڏينهن بيهي ٿي.
    10
    ڪارَڻ موجوده صورتخطي
    ڪَارَنِ گنج جي صورتخطي
    سمجهاڻي
    سنڌي ٻولي جا ٽي اهڙا آواز آهن جنهن ۾ ڊبل اکر استعمال ٿين ٿا پهريون اکر بغير ڪنهن اعراب جي ۽ ان بعد ٻيو اکر الف، ي يا وري و اچي ٿو. مثال طور، ڪا، جو، سي ٽنهي آوازن ۾ ٻه اکر شامل آهي انهن ٻنهين اکرن تي ڪا به اعراب ناهي.
    انهن کي چئبو آهي اعرابن کان خالي آواز.
    ڪنهن به اکر جو *الف* وارو، *و* وارو ۽ *ي* وارو خالي يعني بغير اعراب وارو آواز پر گنج ۾ صورتخطي مختلف آهي اهڙن ٻن اکرن مان گنج ۾ پهرين تي به اعراب ڏنل هوندو آهي. جيئن ڪَارَن ۾ *ڪ* تي زبر آيل آهي هاڻ جڏهن اسان ان لفظ کي موجود صورتخطي ۾ تبديل ڪنداسين ته پهرين *ڪ* واري زبر نه ڏنداسين ۽ آّخري *ن* کي *ڻ* ۾ تبديل ڪنداسين ڇو ته گنج ۾ *ڻ* اکر موجود ناهي ان کي به *ن* سان ئي لکيو ويو آهي جنهن بعد لفظ جي موجوده صورت ڪارڻ بيهندي.
    ان طرح جا ڪجهه وڌيڪ مثال.
    سَان، رِهَان، هَان،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو