-پاڻ- لفظ جي اعرابن بابت سمجهاڻي ۽ شاهه جي ڪلام ۾ استعمال (حصو پهريون)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    *-پاڻ- لفظ جي اعرابن بابت سمجهاڻي ۽ شاهه جي ڪلام ۾ استعمال*
    *(حصو پهريون)*
    تحرير و تحقيق صراط بلوچ


    تحرير ۾ موجود بيتن جي لکت غلام محمد شاهواڻي واري رسالي تان کنيل آهي

    *پاڻ* شاهه جي ڪلام ۾ عام جام استعمال ٿيندڙ لفظ آهي وياڪرڻي حساب سان هن لفظ کي ضمير مشترڪ چيو ويندو آهي.
    هي واحد ۽ جمع اسمن، ضميرن ۽ صفتن سان گڏجي استعمال ۾ ايندو آهي
    *پاڻُ* واحد (لکت جي قائدي مطابق واحد مذڪر جي لاءِ *پاڻ* لفظ جي آخري اکر *ڻ* تي پيش ايندي آهي)
    *پاڻَ* جمع، (لکت جي قائدي مطابق *پاڻ* لفظ جي آخري اکر *ڻ* تي زبر ايندي آهي)

    *ضميرن، اسمن ۽ صفاتي اسمن سان هن جي آخري اعراب جي بيهڪ جي سمجهاڻي*
    1. واحد مذڪر سان جڏهن *پاڻ* ايندو ته هن جي آخري اکر *ڻ* تي پيش ڏني ويندي
    2. واحد مونث، ۽ هر قسم جي جمع لاءِ هن جي آخري اکر *ڻ* تي زبر ڏني ويندي.

    مثال طور
    احمد پاڻُ گهران نڪري ويو.
    اسان پاڻَ توڏانهن اينداسين.
    گهر ڌڻي پاڻُ وڏو چالاڪ آهي.
    هيءَ پاڻَ ڏاهي ڇوڪري آهي.
    اهي پاڻَ راند کيڏندا.
    هي پاڻَ سٽ ڪتينديون.

    3. جڏهن به هن لفظ جي اڳيان ڪو حرف جر استعمال ڪبو ته هن جي آّخري اکر *ڻ* واري پيش زبر ۾ تبديل ٿي ويندي.
    هي اعراب ڏيڻ جا اصول آهن، هاڻ اسان شاهه جي ڪلام ۾ هن لفظ جي استعمال بابت ٿوري وضاحت ڏيون ٿا؟
    تمام گهڻي حيرت جي ڳالهه آهي ته شاهه جي شارحن هن لفظ جي لکت واري وياڪرڻي اعرابن جي اصولن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
    جيئن شاهه جي رسالي جي پهرين ئي بيت ۾ هي لفظ *پاڻ* استعمال ڪيل آهي پر هن جي آخري اکر *ڻ* تي پيش بدران زبر ڏنل آهي؟
    ڪَري *پاڻَ*، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.
    گنج ۾ *ڻ* هيٺيان زير ڏنل آهي.
    هن سٽ ۾ *پاڻ* لفظ جو لاڳاپو ڪريمُ سان آهي ڪريم واحد آهي تنهن ڪري هن سان ايندڙ ضمير مشترڪ *پاڻ* جي *ڻ* تي پيش هجڻ گهرجي ها. پر ان بجاءِ زبر ڏني وئي آهي؟
    جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، پاڻُ ڪِيائِين پَرِوارُ،
    هتي *ڻ* تي پيش اعراب جي درستگي موجود آهي.
    پاڻَهِين پِيرُ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خَيالُ،
    هتي به ڻ تي پيش بجاءِ زبر ڏنل آهي؟

    20
    پاڻَهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين مَحَبُوبُ،
    پاڻهِين خَلقي خُوبُ، پاڻهِين طَالِبُ تَنِّ جو.
    هن بيت ۾ *پاڻ* بعد لفظ *کي* حرف جر موجود آهي تنهن ڪري ڻ تي زبر درست آهي.
    3
    پِيڙا نِيائِين پاڻَ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
    ڪلياڻ 3-3
    هن بيت ۾ *پاڻ* بعد لفظ *سين* حرف جر موجود آهي تنهن ڪري ڻ تي زبر درست آهي.
    نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنِّ،
    ڪلياڻ 3-16.
    هن سٽ ۾ پاڻ جمع لاءِ استعمال ڪيل آهي تنهن ڪري ڻ تي زبر درست آهي.
    قاضي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وارن رسالن ۾ هن بيت ۾ پاڻ تي پيش آهي؟ جيڪا شارحن جي بي ڌياني لڳي پئي، گنج ۾ به ان پاڻ واري *ڻ* تي پيش آهي ٿي سگهي شارحن ان کي فالوو ڪيو هجي جيڪو لکت جي وياڪرڻي اصولن جي پوئيواري خلاف آهي.
    نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
    ڪلياڻ 3-7
    هن بيت ۾ هي لفظ قافي طور استعمال ڪيل آهي جتي لکت جي درستگي يعني *ڻ* تي پيش آهي.
    نوٽ؛ لفظ *پاڻ* جي شاهه جي رسالي ۾ قافي طور اچڻ ۽ اتي ان جي اعرابن جي سمجهاڻي الڳ سان ڏني ويندي.
    آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کوُري وِچَ ۾.
    يمن ڪلياڻ 3-17 شاهواڻي، يمن ڪلياڻ 3-12 قاضي
    هن ۾ اعراب جي درستي موجود آهي
    تان تُون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪِنهن ڏانهن سامَهُون.
    يمن ڪلياڻ 5-34 شاهواڻي، يمن ڪلياڻ 5-17 بلوچ
    هن ۾ اعراب جي درستگي موجود آهي
    يمن ڪلياڻ 5-39 قاضي هن ۾ ڻ تي زبر آهي جيڪا ڪمپوزنگ کان وڌيڪ شارح جي بي ڌياني لڳي پئي ڇو ته اهڙي بي ڌياني مختلف جاين تي مختلف شارحن وٽ نظر اچي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو