عام نثر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد دائم درس طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2023۔

  1. محمد دائم درس

    محمد دائم درس
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2020
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    بلبل جي هُد هُد سان ڪچهري
    ✍️دائم درس

    پکين جي پارليامينٽ ۾ هُد هُد سڀني پکين کي گڏ ڪري سحر انگيز بيان ڪيو ته سڀني پنهنجا پنهنجا اڳواڻ رکيا آهن پاڻ به اڳواڻ چونديون خدا نه ڪري ڪا مشڪل اچي.
    آنڌي ماندي ۾ اڳواڻي ڪري منجهيل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ رهبر هجي چيائين ته اڳواڻ مونکي سجهي ٿو پنڌ ڏکيو آهي مونسين هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري. پوءِ ان مهل سڀني پنڌ کي ڏسي عذر پيش ڪيا

    اول اول عاشق بلبل آئي جا پنهنجي ڪمال ۽ عشق ۾ مدهوش هئي ۽ جن جي هر آواز ۾ هڪ خاص معني رکيل هئي ۽ هر معني اندر رزان جو جهان ڀريل سمايل هو معنائن جي رازن متعلق نعرو ٿي هنيائين ۽ پنهنجي ڪلام سان سڀني پکين جون زبانون بند ٿئي ڪيائين اُٿي چوڻ لڳي ته مون تي عشق جا اسرار، ختم ٿيا.
    مان ساري رات عشق جي ڳالهه پئي اوريان هتي حضرت دائود عليه السلام مثل ڪو تجربيڪار ۽ ڄاڻو ڪون آهي ته جئين عشق جو زيور مان انکي کولي ٻڌايان. بانسري جو آواز خود منهنجي گفتار آهي ۽ چنگ جو باريڪ سر به منهنجي ئي بيقراري جي فرياد کان آهي. باغ ۽ باغيچا به منهنجي ڪري ئي شور ۽ غل سان ڀريل آهن ۽ عاشقن جي دلين ۾ جوش ۽ تاب به مون ئي پيدا ڪيو آهي.
    مان هر گهڙي نئين لات لنوان ٿي ۽ هر پلڪ نئون ۽ نرالو آواز ۽ سر ڪڍان ٿي جڏھن عشق مونتي غلبو پائي ٿو تڏهن درياء مثل منھنجي دل ڇوليون هڻي ٿي جنهن به منهنجي جوش کي ڏٺو سو پاڻ کي جهلي نه سگهيو ۽ اختيار سندس هٿان ويندو رهيو.
    اهڙو ڪون ٿي ڏسان جنهن سان پنهنجو راز سلهيان تڏهن ماٺ ٿي رهان ۽ ڪنهن کي به پنهنجو منجهه نٿي ڏيان وري جڏهن منهنجي محبوب بهار پنهنجي مشڪ جي خوشبوءِ سان دنيا کي معطر ڪندو ۽ ڀريندو آهي تڏهن مان خوشي وچان ان سان مشغول ٿي وڃان ٿي ۽ پنهنجيون مشڪلاتون سندس روبروء حل ڪريان ٿي هو جڏهن وري گم ٿي ويندو آهي تڏهن هي شوريده بلبل( يعني مان) به گهٽ ٻوليندي آهي.

    اهو ئي ته سبب آهي جو دنيا منهنجي راز کان ڪو به واقف ٿي نٿو سگهي ها بلبل( منھجي)جي راز کي گل خوب ڄاڻي ٿو مان گل جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار ۽ گم آهيان جو پنهنجي وجود جي ڪا ڪل ڪانهيم گل جي عشق جو سوداء مون لاءِ ڪافي آهي ۽ منهنجو مطلوب خوشنما گل به منھجي لاءِ بس آهي
    ويچاري بلبل سيمرغ جو تاب ڪٿي ٿي جهلي سگهي?
    ان لاءِ گل جو عشق ئي گهڻو آهي ڀلا جڏهن منهنجي محبوب ۾ سوين پن آهن تڏهن منھجي سامان جي ڪا ڪمي
    تون پاڻ ڄاڻ ته بلبل هڪ رات لاءِ به اهڙي مشڪندڙ لب جي عشق کان ڪٿي ٿي صبر ڪري سگهي ٻيلي مون کان هي ڪشالا ڪڍيا ڪون ٿيندا سيمرغ تائين پهچڻ مون نٻل ۾ هيڻي جو ڪم ناهي مان گل ۾ ئي فنا آهيان ٻيو ڪجهه نٿي ڄاڻان
    مطلب بلبل عذر پيش ڪيو هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    (منطق الطير)
    اڄ بلبل پريشان هئي هُدهُد کي،چوڻ لڳي يار مون جي هر هر موڙ تي اصلاح ڪندو هئين هاڻ ڪجهه حال نٿو پڇا ڪرين ته مونسان حالي وقت ۾ ڪهڙي ويڌن ٿي رهي آهي صفا حشر نشر ٿي ويو آهي خبر ناهي اڳتي هلي مونکي ڪير سڃاڻي الئي نه مون کي پنهنجي آواز تي وڏو ماڻ آهي مونکي بانسري چنگ مرلي ياد ڪون هئا ته انهن جي اندر جو آواز ماڻهو کي گهڙي کان پوءِ بور ڪري ڇڏيندو.

    پر مهنجو آواز عشق سان ڳايل گيت ڪير نٿو وساري سگهي جنهن ٻڌو سو سالن تائين ويٺو ٻڌڻ لاءِ سڌون ڪندو بلبل پنهنجي درد ڪٿا بغير ڪنهن وقفي ساهي پٽڻ جي ٻڌائندي وئي هُد هُد چوڻ لڳو مجارا ڇا آهي وتين ٿي دانهون ڪندين حقيقت ٻڌا پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان

    بلبل چيو ته اهي ساڳيا ماڻهو مون کي انهي نالي سان مشهور ڪري بلبل سڏي خوش ٿيندا هئا ۽ منهنجي لات سر آواز ٻڌي چوندا هئا ته اسمي مسمى آهي پنهنجي نالي وانگر ئي پياري ۽ آواز به پيارو آهي
    پر هاڻ منھجي نالي جو ڪو قدر ئي نه رهيو آهي وتن هر ٽئين ماڻهو کي بلبل سڏيندا پؤ ڀلين اها لات ساز سحر سر مٺاس محبت باغن جو عشق گلن جي خوشبوءِ جي پرک هجي يا نه پر نالو رکيو ڇڏين
    هاڻ منهنجي نالي جي ڪا به اهميت ڪونهي هر هڪ کي لقب ڏئي ٿا ڇڏين ڏک اهو ناهي ته ڇوٿا ڏين پر ڏک اهو آهي ته هر آئي وئي سان جوڙي ڇڏين ٿا
    پوءِ اهو اهڙو نالي سان ويڌن ڪري ٿو جڏهن ڪنهن حقدار کي اهو لقب ڏجي ٿو ته اهو حقدار هوندي شرمسار پيو ٿيندو آهي پؤ خبر ناهي اڳتي هلي منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو?
    اها درد ڪٿا ٻڌي هُد هُد به اکيون آليون ڪري ڇڏيون پوء خبر ناهي فيصلو ڪهڙو ٿيو آئون انهن کي روئندل ڇڏي آيم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو