ڳوٺ ڀوڻيون جي تاريخ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد دائم درس طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2023۔

  1. محمد دائم درس

    محمد دائم درس
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2020
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ٿر جو ڳوٺ ڀوڻيون جٿي نم جو وڻ پوکيو ناهي ويندو

    ✍️ دائم درس

    ٿر جي ڳوٺن تي اگر ريسرچ ڪجي ته مختلف موضوعن تي تمام دلچسپ ڳالهيون قصا ڪهاڻيون ٻڌڻ پڙهڻ لاءِ ملندا انڊيا راجستان جي ڳوٺ ديومالائي ۾ ماڻهو پڪين جاين جي بجاءِ ڪچن گهرن ۾ رهندا آهن ائين مٺي جي ويجهي ڳوٺ هريار ۾ ۾ به ماڻهو ڪچن چوئنرن ۾ رهندا آهن پوري ڳوٺ ۾ ڪا به پڪي جاءِ ناهي
    ائين کوڙ ساريون ڏند ڪٿائون ۽ ڪٿي حقيقتون موجود آهن ڪي ته عقيدن تي مشتمل آهن يا ته وري حقيقت تي ٻڌل آهن سو ڊاڪيومينٽري ٺهڻ گهرجي انهن ڳالهين سان ملندڙ جهلندڙ ڳوٺ ڀوڻيون ۾ هڪ مشهور آهي ته ڳوٺ ۾ نم جو وڻ ناهي ٿيندو

    ٿر جو ڳوٺ ڀوڻيون يوسي سارنگهيار تعلقي ڇاڇري ۾ واقعي آهي تقريبن پنج ڇهه سئو گهرن تي مشتمل آهي سيد درس شاهاڻي بلوچ حجام سهتا نهڙي ڀيل راڄڙ (راڄڙ پوءِ هتان کان هجرت ڪري ڳوٺ ساڍر لڳ ڍورونارو ۾ ويٺا آهن) سميت مختلف ذاتيون رهن ٿيون انهن مان صرف ڀيل قوم ورهاڱي کان اڳ جي ويٺل آهي باقي سڀ سرحد پار ڪري آيل آهن درس شاهاڻي پهرين لڙائي ۾ هتي آيا آهن سرحد جي هن پار به ڳوٺ مٺڙائو ساڳيو ئي هيو (ڪجهه مينھيون تڙ جا ھئا ) مٺڙائو ۽ مينهون تڙ ٿوري مفاصلي تي ئي هيا مال جي سيم کوه اٿڻ ويهڻ الڳ هيو پر اچ وڃ گهڻي ڀاڱي هوندي هئي
    ڳوٺ ڀوڻيون ورهاڱي کان اڳ جو آباد آهي هتي ڀاڻا ڪانهيا ٺڪر ڀوپا مختلف رهندا هئا روايتن موجب ڀوڻيون نالو به ڪنهن ذات واري جو نالو هو انڪري ڳوٺ جو نالو پيو
    ٺڪُر 71 ايڪتهر واري جنگ کان پوءِ هتان لڏي سرحد پار ڪري هليا ويا باقي غير مسلم قوم صرف ڀيل جيڪي اڃان تائين ڳوٺ ۾ آباد آهن هن ٺڪُرن کان علاوه مٿي ذڪر ڪيل ذاتيون رهن ٿيون

    وڏي ڳالھ آھي ته ھن ڳوٺ ۾ نم جو وڻ ناهي ٿيندو انجو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر ڏند ڪٿا موجب هريو فقير درس(جيڪو ڳوٺ مٺا تڙ ۽ سارنگهيار جي وچ تي مدفون ٿيل آهي) انجي ڀاءُ کي پئيڻ بلا ڦوڪي وئي هئي هريو فقير بلا جو پير کڻي اچي ڳوٺ ڀوڻيون پهتو بلا جو پيرو اچي نم جي وڻ ۾ کٽو ان وقت ۾ نم جي وڻن جي اڪثريت هئي پوءِ فقير وڻ وڍڻ جو حڪم ڏنو جڏهن وڻ وڍجي ويو ته اندر کان ٻيون به کوڙ ساريون بلائون نڪتيون تڏهن فقير وجد ۾ اچي ويو چيائين ته نه هن ڳوٺ ۾ نم جو وڻ ٿيندو نه وري بڇڙي ( پئيڻ بلا) ايندي ان ڏينهن کان وٺي جيڪي وڻ هيا وڍي ڇڏيائون ڪي سڪي، ختم ٿي ويا
    اھا ڳالھه گهڻي حد تائين صحيح آهي ته ٿر ۾ جڏهن مذڪوره بلا ايندي آهي موسم جي لحاظ کان يا ڪيئن پر هن ڳوٺ ڀوڻيون ۾ ڪڏهن به داخل ناهي ٿي اگر خدانخواستہ ڳوٺ ۾ اچي بہ وئي ته ڌنار پنهوار هاري ناري جي اک چڙهي ويندي آهي ته پوءِ ماري ڇڏيندا آهن
    سو اها ڳالهه ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي وئي آهي ته وڻ فقير جو سراپيل (پٽيل) آهي انڪري پوري ڳوٺ ۾ پوکيو ڪون ويندو آهي
    ڳوٺ جي تقريبن عمر رسيد جهونن سان مليو آهيان پڇا ڪئي اٿم تقريبن سڀني وٽ ذڪر ڪيل ڳالهيون ساڳيون آهن

    هن گلوبلائيزيشن دور ۾ اگر ڳالھ ڪجي ته اها دقيانوسي قصن ڪھاڻين تي يقين صرف جاهل ماڻهن جو آهي ته پوءِ ڀوڻيون انهن دقيانوسي ڳالھين کان گهڻو پري نڪري چڪو آهي
    ڳوٺ ۾ تقريبن پڙهيل لکيل ماڻهو موجود آهن مدرسو اسڪول استاد عالم فاضل تمام گهڻي تعداد ۾ رهائش پذير آهن تعجب تڏهن ٿئي ٿو نم جي وڻ جي ڇانء سان گڏ کوڙ سارن سوڊيم پوٽيشيم لوڻياٺ رائبو فليسيس سميت مختلف فائدن سان ٽمٽار آهي نم جي وڻ جي ماکي به ڪمال جو فائدو ڏيندي آهي اهڙن انيڪ خوبين سان ڀريل وڻ کي محض ڏند ڪٿا جي ڪري نٿو پوکيو وڃي يا حقيقت ۾ ناهي ٿيندو ريسرچ جي ضرورت آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو