عام نثر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد دائم درس طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2023۔

  1. محمد دائم درس

    محمد دائم درس
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2020
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    اسان لوڪ ڊرائيور پرديسي

    ✍️دائم درس ڀوڻيون

    رات جا ٻه ٿيا آهن استاد روشني (روشن) گاڏي اسٽارٽ ڪئي گاڏي پهرين سلف تي اسٽارٽ ٿي وئي آهي استاد سامهون آئيني ۾ منهن ڏسي اکين کي مهٽي رهيو آهي ڏينهن رات جو سفر جسم ٿڪاوٽ ۾ چور چور ٿيل اکين تي خمار چڙهيل ننڊاکڙيون اکيون شيشي ۾ کتل آهن ڄڻ زندگيءَ جي ڀوڳنائن سان اٽڪي پيون هجن سک نالي ڪا شئي ناهي ڏٺي هجي سدائين سفر ۾ اڌ رات جو ڪنهن منزل تي پهچي مس ڪا گھڙي اک پوري چيلھ سڌي ڪن ٿا گاڏي سامان کان خالي ٿي وڃي ٿي ته وري اهو ڪارو روڊ ڀٽن جي وچ ۾ ور وڪڙ کائيندو وڃي ٿو انتي هنن ڊرائيورن جي زندگي جا سڀ ڏينهن خوشيون عيدون براتون گذريون آهن ڪڏهن ڪڏهن رستي وچ تي گاڏي خراب ٿيو پوي پوءِ پنج درجا پڙهيل انجنيئر پوري انجڻ کي کولي وري جوڙي تيار ڪري گاڏي کي شهر تائين پهچايو ڇڏي
    هاڻ گاڏي گرم ٿي وئي هئي استاد گاڏي کي رواني ڪئي آهي ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر نڪرندي بٽڻ هنيو گاڏي ۾ لڳل سائونڊن ۾ مرحومه جي آواز ۾ اوٺي بلاول جي شاعري
    نئون نينهن آهي پراڻو نه منهجو پکي وانگي هڪ جاءِ ٺڪاڻو نه منهجو اچي ڪيئن ھنکي پتو ڪون هوندو منهنجي پيار مان هو ٿڪو ڪون هوندو
    گونجڻ لڳي .......

    اهو ڪلام ڪون هلي رهيو هجي ڄڻ ته انهن ڊرائيورن جي دل جي دانهن هجي سدائين سفر ۾ زندگي گذاريندڙ ڪهڙو ڪنهن نينهن لڳايو هوندو اهو اگر رستي ۾ ايندڙ ويندڙ مسافر سان اکيون اٽڪي به پيون ۽ پيار جا پاند ٻڌجي ويا هوندا ته به اکين ۾ پيار ۽ دل دانهن ڪري، چوندي ته
    اساں لوک ڈرائیور پردیسی ساڈی نال نہ کر پیار ای
    کدی سکر وچ کدی بکھر وچ کدی لاھور کراچی شھر ای
    اساں لوک ڈرائیور پردیسی.......

    استاد گوڏي تان شلوار مٿي ڪري ريس تي لت رکي گاڏي رات جي پوئين پهر ۾ خالي روڊ تي رانڀاٽ ڪندي پئي وڃي پٺين سيٽ تي ڪلينڊر کي ننڊ جا جهوٽا هجن ننڊ جي جهوٽي ۾ وڃي مٿو سيٽ کي لڳي وري جاڳي پاڻ ٺاهي ويهي رهي مان اشارو ڪيو ته سيٽ خالي آهي سمهي رهو چيائين ته استاد ڏکيو ماڻهو آهي ڪٿي فين بليڊ سان کل ڇني نه ڇڏي انکان جهوٽا ئي سهي آهن
    منهنجي دل ۾ خبر ناهي ڪهڙا خيال پيدا ٿيڻ لڳا ته هن عمر ۾ ڊرائيور ٿيڻ جو شوق انهن ننڍڙن کي کڻي ايندو آهي يا گهرو حالات ننڍڙن نفيس ٻارن کي اچي رات جي رولاڪين ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي
    گاڏي جي مالڪن ۽ ڊرائيورن پوري اسٽاف سميت گارين جي ڀيڙ مار هوندي آهي ان کي خوشي خوشي سھي راتين جون راتيون اکين ۾ ڪاٽيندا آهن
    نه ايتري پگهار هوندي آهي نه وري ڪٿي کائڻ پيئڻ لاءِ ڍنگ جي ماني ملندي آهي رات جو ڊگهو سفر ڪري دير سان ڪنهن ٺڪاڻي ته پهچين ٿا پوءِ جهڙي تهڙي ماني جو گره مليو کائي بس ٽوال ڪلهي تي رکي وري ساڳيا پنڌ ساڳيا پنهون پير
    آئون انهي اڻ تڻ ۾ منجهيل آهيان خبر ناهي ته مون پاران ٿوري گهڻي پگهار تي آسودي زندگي گذارڻ جي باوجود ڇو نٿا شڪر گذاري ڪن ?
    زندگي اگر امتحان وٺڻ تي اچي ته پوءِ چڱا ڀلا ناڪام ٿي ويندا آهن قدرت پاران جيڪا ڀاڱي ۾ روزي روٽي لکي آهي ان کي سڪون سان کائي شڪر گذاري ڪجي اوسي پاسي نظر ڦيرائي ڏسجي ٿو ته ڪئين زندگي گذارڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽيندي اهڙا معصوم نوجوان نظر اچن ٿا رات جيڪا سڪون آرام ڪرڻ لاءِ ملندي سا به انهن غريب جي ٻارن کي نصيب ڪونهي پوءِ ڏسڻ واسڻ وارو انهي عبرت مان سبق ڇو نٿو حاصل ڪري سگهي

    اسانجو سفر هاڻي ڪلاڪ جو ٿيو آهي استاد اچي ڪنهن هوٽل تي بريڪ ڪيو هوٽل جي فٽي تي هوٽل مالڪ ويٺل هيو استاد پاڻي گلاس پيتو وري گاڏي رواني ڪئي هاڻ مين روڊ تي گاڏي پهچي چڪي هئي رات جو پڇاڙڪو پهر ٿڌي ڏکڻ جي هوا جا زوزٽ هجن ننڊ ته اصل اکين کي کنيو ٿي وئي پر گاڏي جو زوردار آواز ۽ گڏ ٽيپ ۾ هلندڙ شور ننڊ کي منجهائي وڌو هيو
    استاد سفينا سوپاري کولي وات ۾ وجهي ٽيپ جي بٽڻ کي چرپر ڪندي راڻو هلايو
    مون استاد ڏانهن کڻي نهاريو ته استاد جون اکيون خماريل ڳاڙهيون لال لڳيون پيون هجن رات جو پويون پهر ته هوندو ئي سر راڻو جو آهي سو استاد اصل محفل مچائي ڇڏي هئي

    ڏيا تيل ڦُليل جا ٻارئم تائين ٻانگ“
    ، ”آُڀِي آُڀارئام،نکٽ سڀ نَئي وئا“،
    ”ڪتين ڪر موڙيا،ٽيڙو اُڀا ٽيئي“
    ، ”ڪتيون ڪَپارا ويون،لُڌا وئا لڙي“،
    ”وٽ سوريندي ولها،وئو تيل ٻري“،
    ”شمع ٻاريندي شب،پره باکون ڪڍيون“
    ، ”پره لکايا پار ،موٽ سگهو تون مينڌرا“

    شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِهَ باکُون ڪَڍِيُون؛
    موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
    تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا

    وَٽَ سورِيندي وَلها وِيو تيلُ ٻَرِي،
    موٽُ، مُسافِرَ سُپِرِين! چانگي تي چَڙهِي،
    راڻي لاءِ رَڙِي، ويئِي وِهامِي راتَڙي

    آواز ته خبر ناهي ڪنهجو هيو پر سر راڻي سان سٺو نڀايو هيو اصل صفا ماحول ٺاهي ڇڏيو هيو راڻو رات ٻڌڻ کان پوءِ اهو احساس ئي نه رهيو هو ته ڪنهن ٿر جي لاري ۾ سفر ڪري رهيو آهيان يا ڪا ٻي گاڏي آهي مونکي تعجب لڳو ته ڊرائيور ماڻهو صرف ننڊ ڦٽائڻ خاطر ڪلام ٻڌندا آهن پو ذوق شوق جو حساب ڪون هوندو آهي ڪير ڳائي ٿو ڇا ڳائي ٿو ڪهڙي مهل مناسب آهي

    حيدر رند جي ڪانگلي هجي يا ماءُ ڙي ماءُ منا ڪاري ڪلريئي ۾ رولي، ڙي ماءُ مانجو لاري رو ڀاڙو ڀري
    جهڙا ڪلام هلندا هجن
    يا اڄ بيماري مان اٿي آئي آهيان جاني جهڙي نئي ڄائي آئي آهيان
    فوزيه سومرو جو ڪلام هلندو هجي پر بس گاڏي ۾ شور هجي پوءِ ڪهڙو کڻي هجي ڪو به سروڪار ناهي
    اهو عام ڊرائيورن کي مون ڏٺو آهي ته جڏهن ڪا گھونگھٽ واري ڇوڪري گاڏي ۾ سوار ٿي ته پوءِ ڊرائيور دير نه ڪندو حيدر رند جو ڳايل لوڪ گيت ڏورو
    ڌورئي ڍرتي پاڇلڙي ڦوري،
    مانهنجو ڏاڏاڻو رهي گيو ڏور....ڏور
    ٻيجين ما سرتين منان اوڏڙين،
    ما مانهنجي ڌيئل ٻائي رهيوڙي ڏور
    ڀريا ما ٽوڀا ٽوڀڙين، گهوري
    ڀريو مانهنجو ڏاڏاڻي رو ڏيس
    هلائي ڇڏيندو آهي پوءِ پرديس ۾ پرڻايل ڇوڪري جي دل کي چيريندو ويندو آهي عليم خاصخيلي جي بينن ۾ اهڙو درد سمايل هوندو آهي پرديس ۾ پرڻيل ڇوڪري کان سواءِ ڪو مرد ان کي ٻڌي ته اکين کي جهل ڏئي نه سگهندو
    اھا ڳالھ الڳ آهي ته ان مهل ڊرائيور ڪهڙي حساب سان اهي ڪلام هلائيندا آهن پوءِ واقعي ۾ اها ناري اباڻو ڳوٺ ڇڏي پرڻجي وڃي رهي هجي يا ٻيو معاشرتي ڪم هجي
    بس رڳو ڊرائيور لاءِ گاڏي ۾ شور هجي پوءِ ڪهڙو کڻي هجي

    پر جڏهن هن استاد کي مون رات جي آخري پهر راڻي کي ٻڌڻ کان پوءِ حالت ڏٺي ته ڏاڍو تعجب لڳو يار پيٽ ڀرڻ لاءِ راتين جي اوجاڳن کي ترجيع ڏني هوندي ورنہ ذوق ۽ شوق رستن تي رلڻ جهڙو نٿو لڳي
    ننڊاکڙين اکين جو چهري تي اثر هٿ گاڏي جي اسٽيرنگ ۾ جسم صفا بسمل لڳي رهيو هيو جئين جئين گاڏي تيز هلي ته هوا زور ڀري سا به صبح جي وقت ڏکڻ جي ٿڌي هير سر راڻي سان ملي جهلي ٿر جي ڀٽن تي اهڙو رقص ڪيو مونکي رهيل سفر جي خبر ئي لڳي گاڏي اچي صبح جو شهر پهتي
    اڃا گاڏي مان لٿس ته چئني پاسن کان ٻانگون شروع ٿي ويون هيون هر پاسي ﷲ اڪبر جي صدا هئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو