سر سامونڊي؛ ” سکاڻيا مَ سمهو.“

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2023۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هن سر ۾ سمنڊ،سامونڊي وڻجارن ۽ سندن نارين جي اڌمن ۽ اوسيئڙن جو ذڪر ٿيل آهي جنهن ڪري هن سر تي اهو نالو پيو آهي.مشهور هندستاني راڳڻين مان اهڙو ڪو به راڳ موجود ناهي جنهن جو نالو سر سامونڊي هجي. هن سر ۾ شاه سائينء جي شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون.هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رقت نهايت نازڪ اندازيء سان بيان ڪئي ويئي آهي.ٻيو ته زال ذات جي دلي جذبن،اندروني اڌمن ۽ امنگن جي اهڙي ته چٽي مورت اڪريل آهي جو ڄڻ ته شاعر پاڻ زال بڻجي پيو هجي.وڻجاريء جي اندر جا احوال،جيڪي پور کيس پل پل پون ٿا تن جو اظهار،انيڪ وسوسن ۽ وهمن جي برسات،ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو ۽ انتظار،بندر تي ناکئن کان پرينء جو پڇڻ،باسون باسڻ،چوواٽن تي ڏيئا ٻارڻ، مطلب ته جيستائين وڻجارو صحيح سلامت واپس نٿو موٽي هن ويچاريء جي زندگي وهه بڻجيو وڃي.

    سندن پرديس اسهڻ جو منظر ڪيڏو نه ڪربناڪ آهي جو؛

    ” ننگر، ناتاريون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،

    بندر، بازاريون، سڃا سامونڊين ريء.“

    جڏهن وڻجارا ننڍا وڏا لنگر کڻي ۽ رسا کولي سفر تي روانا ٿيا ته انهن سواء سنسار سنسان ۽ بازارون ويران ٿيون محسوس ٿين.جڏهن ڏياري جو وقت آيو ته وڻجارن سڙهه کولي ٻيڙين کي سمنڊ حوالي ڪيو ۽ وڻجاري ٻيڙيء جي ونجهه کي ڀاڪر پائي روئي رهي آهي.

    ”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنڀائيا،

    وجھيو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري،

    ماريندم ماري، پرهه سور پرينء جا.“

    لڳي ٿو ته وڇوڙي جا اهي سور هن ويچاريء کي ماري وجھندا.چوي ٿي ته جيڪر کيس خبر هجي ها ته سندس ور اهڙو ڌنڌو ٿو ڪري جو سالن جا سال گھر کان پري ٿو گذاري ته هوند هوء ڪڏهن به هن سان شادي نه ڪري ها.

    ”جان وڻجارو ڪانڌ، تان مون هڏ لائون لڌيون،

    پرڏيهه مٿي سانگ، اٺئي پهر ان جو.“

    جڏهن سر ۽ لوهيڙا ڳڀجن ٿا ۽ انهن ۾ قدرتي گلڪاري رنگ ڀري ٿي ته وڻجاريء کي ور جي ياد گهڻو ستائي ٿي ۽ کيس اهو وسوسو ٿو ستائي ته شايد سندس سڄڻ کي واپس ورڻ واري ڳالهه وسري ويئي آهي.

    ”سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا،

    تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.“

    هن سر ۾ روحاني راز اهو سمايل آهي ته دنيا جو مثال هڪ گهري ۽ گھاٽي سمنڊ جيان آهي. سمنڊ جو هڪ خوفناڪ منظر جو سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪوهيڙي مثل لڙاٽ ڇانيل آهي جنهن ڪري پري پري تائين نظر نٿي پوي،پاڻيء جون تکيون ۽ بي رحم لهرون آهن جيڪي انسانن توڙي غورابن کي غرق ڪرڻ لاء آتيون آهن.

    ” لڙ، لهريون، لس، ليٽ، جت اَتُ نه آب جو،

    الله ات ۾ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،

    جوکو ٿئي ۾ جڙاو کي، ڦرهي اچي نه ڦيٽ،

    لڳي ڪا م لپيٽ، غاريبي غوراب کي.“

    جتي لهرون به آهن ته ليس به آهي،چڪڻ به آهي ۽ پاڻيء جو ڪو اندازو ئي ناهي،ڪُنن جو ڪو پتو ناهي يعني جهاز يا ٻيڙيء کي هر پاسي کان رڳو خطرا ئي خطرا آهن.اها ٻيڙي ڇا آهي؟ انسان جي دل آهي جنهن کي رڳو مالڪ حقيقيء جي محبت لاء پيدا ڪيو ويو آهي.انسان جي دل اها ٻيڙي آهي جنهن کي دنيا جي سمنڊ ۾ ترڻ لاء ڇڏيو ويو آهي پر ان کي پنهن جو پاڻ کي خواهشن جي خطرن کان بچائي پار پوڻو آهي.انهيء جو مثال ايئن به ڏنو وڃي ٿو ته جيڪر ٻيڙي پاڻيء ۾ هجي ته ٺيڪ پر جيڪر پاڻي ٻيڙيء ۾ داخل ٿي وڃي ته ٻيڙيء جي بربادي آهي.سو دل جو به هروقت دنيا سان ئي واسطو رهي ٿو پر خرابي اتان ٿي شروع ٿئي جڏهن دنيا دل ۾ داخل ٿي وڃي.دنيا جي سمنڊ مان ئي معرفت جا موتي هٿ ڪرڻا پون ٿا جيڪي مالڪ حقيقيء جي بارگاه ۾ قبول ٿين ٿا. پر اهي موتي هٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.ان لاء به ڪنهن وڏي هنر جي ضرورت آهي ۽ شاه سائين فرمائين ٿا ته اها گت غواصن وٽ آهي جيڪي سمنڊ سوجھين ٿا.

    ”اي گت غواصن، جئن سمنڊر سوجھيائون،

    پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

    آڻي ڏنائون هيرا لعل هٿن سين.“

    اها اٽڪل ۽ اهو فن انهن ٽوٻن وٽ آهي جيڪي پڪو پهه ڪري سمنڊ جي اونهاين ۾ وڃي تلاش ڪن ٿا ۽ تمام اونهن ڪنن ۾ ٽٻيون هڻي وڃي ماڻڪ ماڻين ٿا.هيرا لعل انهن جي ئي قسمت ۾ هوندا آهن.مولانا رومي رحه به اهڙن غواصن جو ذڪر پنهنجي مثنويء ۾ ڪيو آهي؛

    ” يا چو غواصان، بزير قعر آب،

    هر ڪسي چيزي همي گيرد شتاب،

    هر اميد گوهر و در ثمين،

    تو پره پر مين ڪنند از آن و اين.“

    ”جهڙيء طرح ٽوٻا سمنڊ جي گهرائيء ۾ وڃي، جنهن کي جيڪا شيء ملي ٿي هٿ ڪري اچي ٿو پر اها ئي اميد رکندو آهي ته هن کي قيمتي ماڻڪ ملن تنهن ڪري هو پنهنجي ٿيلي ڀري کڻندو آهي.“

    جتي سمنڊ جون بي رحم ڇوليون يعني دنياوي خواهشون ٻيڙي يعني انساني دل کي تيزيء سان گھيريو بيٺيون آهن اتي ناکئو يعني ٻيڙي هلائيندڙ ٿورو به غافل ٿيو يا ننڊ جي پنڪي کاڌائين ته سمجهه ته ٻيڙي ويئي هٿن مان.

    انهيء ڪري شاه سائين ناکئن کي نصيحت ٿو ڪري ته

    ” بندر جان ڀئي، سکاڻيا م سمهو،

    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽي منجهه مهي،

    ايڏو سور سهي، ننڊر نه ڪجي ناکئا.“

    اي ناکئا! جيستائين بندر ڀوائتو ۽ خطرناڪ آهي ۽ اڃا طوفان جو خطرو نه ٽريو آهي يعني سمنڊ پوري سلامتيء وارو نه ٿيو آهي تيستائين سک ۽ آرام سان نه ويهو.توهان ڏسو نٿا ته ڪناري واري پاسي تي پاڻي ابتا ڦيرا پيو ڪري ڄڻ ته ڪنارا ئي ڪُن بڻجي ويا آهن. ڄڻ ته ماٽيء ۾مانڌاڻيء سان مهي پيئي ولوڙجي.اهڙين ڏکين حالتن ۾ ننڊون ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو