سنڌ جا برک عالم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رحمت الله أمیر السندي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2023۔

  1. رحمت الله أمیر السندي

    رحمت الله أمیر السندي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2023
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سنڌ جا اوسيرا برک عالم
    سنڌ جي سر زمين جو ديني ۽ علمي ماضي وڏو شانداررهيوآهي، هن ڀلاري مٽيءَ مان هميشه علمي، تربيتي ذوق رکندڙ ٻوٽا ٽڙي وڌي وڻ ٿيا، جن پنهنجي سڄي ڄمار سچائيءَ سان علم ورهائيندي انت آندائون .انھن الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي رضا ۽ حڪمن تي هلي پنهنجي زندگيءَ کي (لایؤمن احدکم حتیٰ یکون ھواہ تبعا لما جئت بہ )جو مصداق بڻايو پنھنجي آخرت سنواري ھن فانڳ جھان کي الوداع ڇيائون . تن مان ڪجھ ناميارن، ۽ هاڪارن عالمن ۽ عظيم هستين جو مختصر تعارف ڏجي ٿو.
    اللھ پاڪ اسان کي انھن جي وک ورائڻ جي توفيق بخشي. آمين
    1. الشيخ ابراهيم بن ستابه السندي.
    سندن نالو: ابراهيم ولد ستابه مٽياروي سنڌي آهي.
    سندن پيدائش؛ سورنهن رجب 1262هه ۾ ٿي:
    پاڻ بيحد محنتي استاد انتهائي صالح بزرگ هئا:
    سندن استاد؛ پاڻ قاضي محمد اسماعيل رحمة الله وٽ صرف، و نحو، ۽ ڪجه ٻيا ڪتاب پڙهيائون.
    فقه، اصول فقه، علم ڪلام ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب مولانا عبدالغفور بن ابراهيم المتوفيٰ 1286ه جن وٽ پڙهيائون. سندن مختصر تذڪرو النگرامي واري تطييب الاخوان ۾ ڪيو آهي1.
    وفات؛ سندن وفات جي تاريخ جو علم نه ٿي سگهيو آهي.
    مولانا ابراهيم بن عبدالرحيم السندي.
    سندن نالو ابراهيم بن عبدالرحيم بن عبدالغفور مٽياروي السندي. پاڻ نيڪ صالح ۽ انتهائي قيمتي عالم هئا.
    سندن پيدائش سنده جي مشهور شهر مٽياري 1289 ۾ ٿي.
    پاڻ ابتدائي علم پنهنجي چاچي محترم الشيخ عبدالولي وٽ حاصل ڪيائون، حفظ ۽ درسي علوم کان فراغت کان پوءِ بارگاه خداوندي ۾ حج ۽ عمرو ادا ڪري اتان جي علماءَ کان استفادو حاصل ڪيائون.
    وفات؛ سندن وفات جي تاريخ جو علم نه ٿي سگهيو آهي.
    مولوي اسدالله السندي.
    سندن نالو: اسدالله ولد الله بخش الحنفي السندي هو.
    سندن ولادت: پاڻ 1285 هجريءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ٽکر نامي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا.
    ابتدائي تعليم:
    پاڻ گھڻي ڀاڱي درسي ڪتاب حضرت سائين محمد حسن السندي جن وٽ “مدرسة العلوم” حيدرآباد ۾ پڙهيائون. تنهن کان بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند ڏانهن راهي ٿيا. جتي سيد احمد دهلوي، ۽ حضرت شيخ الهند محمودالحسن ديوبندي ۽ ٻين ڪيترن ئي علماءَ کان علم حاصل ڪيائون. ان کان بعد قرآن پاڪ حفظ ڪيائون.
    تصانيف: سندن تصنيفون گنج آهن.
    1. جن مان “جنة النعيم في استخراج لغات القرآن الکريم.
    2. تحفة الخزاق في ترجمة الترياق، ۽ ڪجهه ٻيا تجويد جي فن ۾ رسالا پڻ اٿن.
    سندن تاريخ وفات جو علم نه ٿي سگهيو آهي. [1]
    مولوي عنايت الله السندي.
    سندن نالو: عنايت الله ولد محمود محمود حنفي مٽياري سنڌي آهي.
    پيدئش: پاڻ 1276هه سنڌ جي مٽياري شهر ۾ پنڌرهين شعبان واري رات پيدا ٿيا.
    استاد: پاڻ حضرت الحاج عبدالولي، شيخ پير محمد، قاضي عبدالحميد، مفتي عبدالواحد، مولوي لعل محمد، مولوي محمد حسن حيدرآباد سنڌ وارا کان علم حاصل ڪيائون.
    حج جو سفر؛ ان کان بعد حرمين ڏانهن سفر ڪيائون.
    جتي حج ۽ عمره ادا ڪرڻ کان بعد، قاري احمد، قاري عبدالله الهندي المکي، کان علم پرايائون کين محمد مراد القزاني المکي، ۽ شيخ محمد امين المدني ۽ سيد محمد علي بن ظاهر الوتري المدني جهڙن وڏن وڏن عالمن کان به اجازت حاصل هين.
    تدريس: پاڻ حرمين مان وقپس ٿي ڪجهه عرصو تدريس “هند” تدريس ڪري ٻيهر حرمين وريا.
    سندن مختلف درسي ڪتابن جي تعليقات ۽ حاشيا ۽ علمي نقطه لکيل آهن.
    وفات: سندن وفات جو علم نه ٿي سگهيوآهي[2]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو