مجرماڻي بيوسي يا بيحسي؟

'مقالا' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    موجوده جمهوري حڪومت جي اڍائي سالن دوران اسان ڪيترين ئي عظيم سرگرمين، تبديلين ۽ حاصلاتن کي ڏٺو آهي پر جي ڪنهن مامري تي موجوده حڪومت مجرماڻي رويي ۽ ڪارڪردگي (پهرين رويي ۽ پوءِ ڪارڪردگي) ڏيکاري آهي ته اهو محترمه بينظير ڀٽو جو ڪيس آهي ۽ خاص طور گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن واري رپورٽ پڌري ٿيڻ کان پوءِ ان مجرماڻي رويي ۽ ڪاڪردگيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ شدت اچي وئي آهي.

    پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي لکيل خط زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. ان ليٽر ۾ ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ ان جي ته، ”اوهان انهن ادارن جا پيرا ڇو کنيا آهن جن تي اسان هٿ نه ٿا وجهي سگهون“. جي نوعيت ان حد تائين به هجي ها ته به ٺيڪ هو. يعني جي يو اين رپورٽ کان پوءِ حڪومت ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ڪا ڪارروائي نه پئي ڪري سگهي ته ان کي ماٺ رهڻ گهربو هو. پر ان تاريخي دستاويز کي خود پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت مذاق جو مثال بڻائي ڇڏيو. اهو ڪري پيپلز پارٽي حڪومت دشمنن کي خوش ڪرڻ مترادف ڪم ڪيو آهي جنهن تي پارٽيءَ جي موجوده قيادت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي. پنهنجي بيحسي ۽ بيوسي لڪائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو يا ان رپورٽ کي ridicule بڻائي پاڻ تان اهو بار لاٿو ويو ته ڏسو اسان ته محترمه جي ڪيس جي حوالي کان گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي پر گڏيل قومن جي رپورٽ مڪمل نه هئي جو اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين، وغيره.

    غير جانبدار ماهرن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ها ته خود ڪرمنل جاچ ڪرائي پئي سگهي؛ يا گڏيل قومن جي جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ (1) ان وقت حساس ادارن جي سربراهن، حڪومتي ڪارندن ۽ جنرل مشرف خلاف سڌي جاچ ڪري پئي سگهي (2) جنرل مشرف کي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ نظربند رکڻو هو ۽ ان کان سڌي پڇا ڳاڇا ڪرڻ گهربي هئي (3) سندي پارٽيءَ جي اندر سيڪيورٽي چارج وارن ذميوارن کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪرڻو هو (4) محترمه جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي وغيره وارن سوالن کي نظر ۾ رکي انويسٽيگيشن ڪرڻي هئي. يو اين جاچ ڪميشن جو ڪم صرف محرڪات ۽ حالتون واضح ڪرڻيون هيون، جيڪي محترمه جي شهادت جو سبب بڻيون هيون.

    شاهه محمود قريشيءَ جي خط ۾ لکيو ويو آهي ته يو اين رپورٽ ۾ حساس ادارن تي الزام هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ڪي به ثبوت يا مواد نه ڏنو ويو آهي. حالانڪه اهو ڪم موجوده حڪومت تي عائد ٿئي ٿو ته جن جن شخصيتن، ادارن، پوليس عملدارن توڻي ان وقت جي سويلين ۽ نان سويلين اختيارين ڏي رپورٽ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي، انهن تي آيل الزامن جي ثبوتن هجڻ توڻي نه هجڻ واريون حقيقتون سامهون آنديون وڃن ها.

    اها ڳالهه بار بار ورجائبي رهي آهي ته مجموعي طور 27هين ڊسمبر واري سانحي جي ذميواري مشرف حڪومت تي اچي ٿي. ظاهر آهي ته جيڪي به ادارا سويلين توڻي نان سويلين حڪومت جي دائري ۾ اچن ٿا، ذميواري انهن تي عائد ٿئي ٿي. محترمه کي گهربل سيڪيورٽي نه ڏيڻ، محترمه پاران ظاهر ڪيل انديشن باوجود حڪومت محترمه کي گهربل سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي. 18هين آڪٽوبر واري سانحي باوجود ڄاڻي واڻي محترمه جي سيڪيورٽيءَ جي حوالي کان گهربل اپاءُ نه ورتا ويا. پر جيڪي احاطا گڏيل قومن جي ڪميشن رپورٽ ۾ ڄاڻايا هئا، هاڻ ڪرمنل جاچ ان پسمنظر ۾ ٿيڻ گهربي هئي، پر هڪ سٽي ايس پيءَ تائين ۽ ٻيو حاضر سروس ميجر جنرل کان انٽرويو (سو به انٽرويوءَ لاءِ باقاعده گذارش ڪئي وئي) وٺي مامرو سرد ڪيو ويو آهي.

    اهو به ممڪن آهي ته موجوده حڪومت پاران رپورٽ تي اعتراض ظاهر ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ان تي به سواليه حيراني ظاهر ڪئي وئي هئي ته آخر موجوده حڪومت (جيڪا محترمه جي پارٽي جي آهي) ڇو ڪرمنل جاچ شروع نه ڪئي آهي؟ جڏهن ته رحمان ملڪ جي حوالي کان رپورٽ ۾ سوال اٿاريا ويا آهن. اسان کي ان حوالي کان پڻ پارٽي رينڪس اندر سرگوشيون ٻڌڻ لاءِ مليون هيون. هاڻ اهي سرگوشيون به بند ٿي ويون آهن.

    ڳالهه اها ناهي ته جن جو سانحو ٿيو آهي ذميواري به انهن مٿان وجهي اصل ذميوارن کي آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي– پر اصل ۾ پ پ حڪومت ۽ پارٽي قيادت گڏيل قومن جي رپورٽ کي ridicule ڪري خود اهو ڪم پنهنجي هٿن سان سرانجام ڏئي رهي آهي. بيوسيءَ کي گليمرائيز ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. جي حڪومت محترمه جي ڪيس تي ڪو به پريشر قبول نه ٿي ڪري ته داوَ تي ڇا آهي؟ وڌ ۾ وڌ قيمت تصور ۾ آڻيو. پر ان سان پارٽي هڪ ٻئي انداز سان سامهون آندي. انهيءَ ريڊيڪل انداز جي پارٽي کي ضرورت آهي.

    ذوالفقار علي ڀٽو جي موت کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي تعليمي ڪيريئر کي ڇڏي 22 ۽ 23 سالن جي عمر ۾ مارشل لا جي ڪاري رات ۾ پارٽيءَ کي ليڊ ڪيو هو. محترمه کي ان وقت جيڪي پارٽيءَ ۾ چاچا ماما هئا انهن جو ڪٺن تجربو ٿيو هو. جيڪي ڏکئي وقت ۾ پارٽيءَ کي ڇڏي اڌ رات ڌاري لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ اتي عياشيءَ واري جلاوطني ۾ گذارڻ لڳا ۽ انهن مان ڪيترائي جرنلن سان مليل هئا جيئن کر وغيره. (ان جو ڏاڍو اهم تفصيل تهمينا دراني جي ڪتاب ’مائي فيوڊل لارڊ‘ ۾ شامل آهي. تهمينا جي ذاتي ڪرڀ ۽ ڀوڳنائن تي صرف ماڻهو ڳوڙها ڳاڙي سگهي ٿو پر جيڪو لنڊن جو سياسي پسمنظر هن ڏنو آهي اهو به انتهائي اهم آهي خاص طور مير ۽ شاهنواز جو لنڊن وارو وقت). پارٽي جي چاچن مامن کي کڏي لائين لڳائڻ کان پوءِ محترمه پنهنجي ويجهو ان وقت جي نوجوان ريڊيڪل ڪيڊر کي رکيو هو جن پوري ضياءَ دؤر ۾ محترمه کي هيومن شيلڊ ڏني هئي. 18هين آڪٽوبر وارا جانثار به اصل ۾ اهي نوجوان هئا جن لاءِ محترمه جي جان جي حفاظت ڪا ’ڊيوٽي‘ نه پر هڪ ’مقصد‘/ ڪاز هو.

    محترمه کان پوءِ واري پارٽي قيادت محترمه جي ويجهو رهندڙ ساٿين کي پاڻ کان نه پري رکيو آهي ۽ نه ويجهو رکيو آهي پر عجيب Parasitic نموني سان پارٽي ۽ حڪومت جا مامرا هلايا پيا وڃن جن ۾ لفظي مزاحمت ۽ لٻاڙ ته آهي پر عملي طور رت چوسڻ وارو عمل جاري آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ ۽ پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين جي دشمنن جو اهو چوڻ ته محترمه جي ڪيس تي ماٺ حڪومت جي 5 سالن پوري ڪرڻ جي ضمانت آهي ته اسان کي دشمنن جي اهڙي پروپئگنڊا تي ڀل اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. پر هڪ لحظي لاءِ اها پروپئگنڊا اوهان کي سوچڻ لاءِ ضرور ڪجهه نه ڪجهه آڇي ٿي.

    اهو صحيح آهي ته عالمي ضمير ۽ تاريخ آڏو محترمه جي ڪيس جو فرياد درج ٿي چڪو آهي. تاريخ اسان سان انصاف ڪندي، واري انهيءَ ڪلاسيڪل ڀاشڻ تي پاڻ هلون ته به ڪم نڪري ويندو پر ايندڙ ڏيهاڙن ۾ جڏهن پارٽيءَ جا موجوده ڪرتا ڌرتا ۽ وزير مشير پنهنجن تڪن ۾ ويندا ته انهن کان ٻين ڪيترن مامرن جي پڇا ڳاڇا ڀلي نه ٿئي پر محترمه جي ڪيس حوالي کان ضرور پڇا ٿيندي.

    اسان ڀل نواز شريف مٿان جهادين/ طالبان انتهاپسندن سان ’ويجهي‘ هجڻ وارو الزام هڻون، پر ٻئي طرف اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪي به جنرل مشرف جا هم نوا هم پيالا هئا اهي سڀ موجوده حڪومت سان (سنڌ) ۾ گڏ آهن: پير پاڳاري جي فنڪشنل ليگ ۽ الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم. مفاهمت جي پاليسيءَ ۾ رئپ ڪندڙ ۽ رئپ ٿيندڙ گڏ ويٺا آهن. ظالم ۽ مظلوم هڪ پيالي مان پاڻي پي رهيا آهن. مسيحي ازم جو اهڙو مظاهرو مهاتما گانڌي به نه ڪيو هو جهڙو موجوده پارٽي قيادت ڪيو آهي. مٿان روحانيت جو عالم اهو آهي ته محترمه جي شهادت جو ذميوار ’شيطان‘ کي ڄاڻايو ويو آهي. علامتن ۾ ڳالهائڻ ۾ موجوده پارٽي ليڊرشپ مهاتما گوتم ٻڌ کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.

    ٻيٽي وارا جتوئي نه سهي شڪارپور وارا جتوئي سهي، وري به اهڙي مفاهمتي پيراسائيٽڪ فارمولي تي فٽ ٿيا! اربابن تي به هٿ هلڪو رکيو ويو آهي. شيرازين کي به معاف ڪيو ويو آهي. اسان کي ان تي اجايو حسد به نه ڪرڻ گهرجي جو مشرف جا هم نسل هم قوم دراصل موجوده حڪومت جا اتحادي آهن.

    محترمه جي ڪيس کي سنجيدگيءَ سان نه کڻڻ به ’مفاهمتي‘ فارمولي جو حصو آهي؟ اهو چوڻ ته مفاهمتي فارمولو محترمه جي ايجاد هو. هڪ حد تائين اهو صحيح آهي پر ان جي پويان پسمنظر صرف مشرف جي نيم عريان آمريت مان جان ڇڏائڻ هو ۽ ٻيو جلاوطن سياسي قيادت کي وطن واپس ڪرڻ وارو. جڏهن مشرف آمريت مان جمهوريت ڏانهن منتقلي ٿي چڪي ته انهيءَ مفاهمتي فارمولي جي اسڪرپٽ ۽ روح ۾ تبديلي ممڪن هئي. ان جا اصول طئه ٿيڻا هئا جيڪي پوسٽ ڊيموڪريسي دؤر وارا هجڻ گهربا هئا. پر چون ٿا ته پاڪستاني پاليٽڪس ۾ ڪتابي ڳالهيون نه ٿينديون آهن. عمليت پسنديءَ وارو محاورو اڄ جي دؤر جو محبوب محاورو آهي.

    اسان سمورن ڀٽوز (زيڊ اي بي، شاهه ۽ مير) جا ڪيس لوڙهڻ ڏنا آهن. ضياءَ کان قدرت پنهنجو انتقام ورتو. پر هاڻ محترمه جي ڪيس سان ايئن نه ٿيڻ گهرجي. سمورن اهم حڪومتي/ اختيار تي ڪرسين تي هجڻ باوجود اهو چوڻ ته جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن ۽ اختيارن ۾ ڪجهه به نه آهي هڪ ٻيو مذاق ٿيندو. ايوان صدر ۾ اوهان آهيو. وزيراعظم هائوس ۾ اوهان آهيو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪريءَ کان سينيٽ جي چيئرميني اوهان وٽ آهي. پرڏيهي وزارت کان گهرو وزارتن جا ڌڻي اوهان آهيو. دفاعي ۽ پرڏيهي مامرن تي اوهان جي بيوسي سمجهڻ جوڳي آهي. پر محترمه جي ڪيس حوالي کان بيحسي سمجهه کان مٿي آهي. جي فرض ڪيو بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد حڪومت جيان موجوده پ پ حڪومت به ائين ڪري– ڀل ان جي قيمت ڪيتري به ڳري ڇو نه ڀرڻي پئي– پر ان سان پارٽي رينڪس توڻي عوام ۾ موجوده پارٽي قيادت سرخرو ئي ٿيندي.

    موجوده پارٽيءَ جا اهي گرو جيڪي beneficiary آهن اهي ائين نه چاهيندا. ڇو ته هنن لاءِ اقتدار جو هر کٽندڙ ڏينهن قيامت ڏانهن وک وانگر ڀاسي ٿو ۽ انهن کي 11 سالن جون ڪسرون پوريون ڪرڻيون آهن. هڪ طاقتور موقعي پرست ڪلاس پيپلز پارٽيءَ جي مامرن کي هلائي ٿو. جڏهن ته هيٺ ڪيڊر ۽ اسان ۽ اوهان جهڙن ساده لوح ماڻهن لاءِ جمهوريت خلاف سازش وارو ڀاشڻ پڻ متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

    پارٽي جي ڪريڊٽ تي تمام گهڻو ڪجهه آهي. پر 12 مهينا ئي ان قسم جا ڪريڊٽ ڳائڻ واري قوالي ڪيتري هضم ٿي سگهندي، جڏهن سرزمين تي ڪجهه نه آهي– ۽ خلائن ۾ 18هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، ڪالاباغ ڊئم جي خاتمي وارو اعلان (جنهن تي ڪير به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي) فاٽا ۾ ڪامياب آپريشن (جنهن جو ڪريڊٽ وري وڌيڪ فوج کي ڏنو وڃي ٿو)، گلگت بلتستان (اتي اڃا به ڪاريءَ وارا ڪک آهن عملن)، ڪيري لوگر بل وارو معاهدو (ان حوالي کان وڌيڪ ڪجهه چوڻ مناسب نه ٿيندو) ۽ ڪجهه ٻيون ڪاميابيون هوائن وانگر ڦري رهيون آهن. پر جي واقعي به اسان جي سماج ۾ بنيادي تبديليءَ کي محسوس ڪرڻ جو ڪشٽ ڪبو ته ڪجهه به تبديل ٿيل محسوس نه ٿو ٿئي. ايئن لڳي ٿو ته مشرف سليماني ٽوپي پائي اڃا به اسان تي راڄ ڪري رهيو آهي.

    پڇاڙڪا اکر: تازو چيني هم منصب سان صدر مملڪت جي هٿ مصافحي واري تصوير هڪ بين الاقوامي خبر رسان ايجنسيءَ رليز ڪئي آهي جنهن ۾ اسان جي صدر جو Body composure ڏسڻ وٽان آهي. ان ۾ سَرُ، هٿ ۽ ٽنگن جو پاڻ ۾ ڪو به توازن نه آهي ۽ پورو باڊي اسٽرڪچر ڄڻ هوائن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي. چيني هم منصب تائين پهچڻ کان اڳ هٿ وڌائڻ جي ڪري هن جو پورو جسماني توازن هيڏي هوڏي ٿيل نظر اچي ٿو. جڏهن ته چيني صدر انتهائي ڌيرج، شان ۽ توازن سان بيٺل آهي. ظاهر آهي چيني صدر ۽ پاڪستاني صدر ۾ اهو فرق هونئن به فطري آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مجرماڻي بيوسي يا بيحسي؟

    هڪ چوڻي آهي ته “شيرشاه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري” سو ادا اسانجا موجوده يا سابقه اڳواڻ اهو ئي ته ڪندا آيا آهن ۔۔۔

    ٻي هڪ چوڻي آهي ته “ ڪتي چورن سان ملي وئي ” سو ادا هاڻ ڪتي ئي چورن سان مليل هوندي ته انصاف ڪٿان ٿيندو ۔۔۔ ؟
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مجرماڻي بيوسي يا بيحسي؟

    محترم همانگير صاحب امداد سومرو جو عبرت اخبار ۾ لکيل هي ليک پڙهڻ وٽان ۽ بحث جوڳو آهي۔۔۔
    مٺا همانگير ڪنهن به ليک کي جيڪڏهن ڪنهن ٻي سائيٽ تان جيئن جو تيئن کڻي اچو ته ان سائيٽ جو حوالو ضرور ڏيندا ڪريو ٻيو ته ليکڪ کي وسارڻ به سٺو عمل نه آهي۔۔۔
    سڀ کان اهم ڳالهه ته اخبارن ۾ ايندڙ مضمون ۽ مقالا اڪثر دوست اخبارن جي سائيٽ تي وڃي پڙهندا رهن ٿا۔۔۔ توهان کي گهرجي ته جيڪڏهن اتان ڪا شيئرنگ ڪريو ٿا ته ان مان ڪا اهم چونڊ موڪليو جنهن تي بحث ڪري سگهجي ۔۔۔ سنڌ سلامت تي ڪوشش ڪريو ته پنهنجا ليک موڪليو ۽ جيڪڏهن مناسب سمجهو ته حوالي طور اخبار جي ڪنهن مضمون جو حوالو ڏيندا ڪريو۔۔۔۔
    اسان جو مقصد فورم کي مختلف سائيٽس جي مواد سان ڀرڻ نه پر سنڌين ۾ سجاڳي آڻڻ‌ لاءِ کين ڪم واري ليک سان سمجهائڻ آهي ۔۔۔ توهان جي لڳاتار مواد کي پڙهندڙ به گهٽ ڏسندا ان ڪري اخبارن مان مواد گهٽ ئي سهي پر اهم مواد جي سليڪشن ڪريو ۽ ان کي مختصر ڪري فورم تي پيش ڪريو ته جيئن سمورا ساٿي لاڀ حاصل ڪن۔۔۔۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مجرماڻي بيوسي يا بيحسي؟

    تمام سٺو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو