فائرفاڪس جي ميموري سائيز گهٽايو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ سلامت واسيو،
    فائرفاڪس جي نالي کان ته هرڪوئي واقف آهي، انهي برائوزر جي هڪڙي خامي اها آهي ته اِهو ميموري ڪجهه وڌيڪ وٺندو آهي۔ انهي ميموري جو حل مان اڄ دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو اميد ته سنگت انهي مان فائدو وٺندي۔

    1۔ سڀ کان پهريان فائرفاڪس کوليو ۽‌ ايڊريس بار ۾ about:config لکي ڪري انٽر دٻائيندا ته برائوزر ٻئي پيج تي هليو ويندو ۔
    [​IMG]
    هتي توهان انٽر پريس ڪري ڪريو ته هڪ ٻي ونڊو کلي ايندي۔
    2۔ هاڻي فلٽر آپشن ۾ وڃي browser.cache.disk.capacity لکو ته اهو ويليو توهان جي سامهون اچي ويندو ۽‌ ٻيا ويليو غائب ٿي ويندا۔ انهي تي ڊبل ڪلڪ ڪري پنهنجي ريم مطابق ويليو لکو۔
    [​IMG]
    انهي جي ويليو 15000 رکو اگر توهان جي ريم 512 کان 1 جي بي تائين آهي۔
    دوستو هي ٽپ آءُ‌ پنهنجي ڪمپيوٽر تي آزمائي آهي، ۽‌‌پوءِ دوستن سان شيئر ڪئي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو