پروفيسر فدا احمد (فدا )سرهيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پروفيسر فدا احمد (فدا )سرهيو​

    [​IMG]
    منهنجو نالو، پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو آهي،جڏهن ته ادبي دوست مونکي فدا سرهيو ڪري سڏيندا آهن .آئون سعيد پور ۡٽڪر ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ 08 جون1932 ع ۾پيدا ٿيس، منهنجي تعليم ايم اي، بي ايڊ، اديب فاضل، (سنڌي) ۽ ڊرائنگ اليمينٽري فرسٽ ڪلاس آهي، شاعري، نثر نويسي ۽ ٻاراڻو ادب منهنجا پسنديده سبجيڪٽ آهن، ۽ انهن سبجيڪٽن ۾ ئي زياده تر طبع آزمائي ڪئي اٿم. مون جيڪي تصنيفون تخليق ڪيون انهن ۾ شيرين (افسانه) جهومڪ(ناول) اڻ ڇپيل .ان کان علاوه هيٺيان 3 ڪتاب مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا.
    1. جواهرات( افسانا) 2. ڪرڻا(افسانا) 3. عورت (افسانن مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) ان کان علاوه هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ايڊٽ ڪري اداره سنڌي ادب طرفان شايع ڪيا.
    1.داستانِ غم(ناول) 2. چلولي(ناول) مصنف حافظ حسيني 3. آئين زندگي نفسيات مترجم : حافظ حسيني. 4. نئون سفر(ناول) 5. نادره(ناول) مصنف : غلام علي کوکر 6. اديون ڏيوم صلاح(ناول) مصنف : شوق سنڌي 7.ڏوهاري ڪير؟ ( ناولٽ) مصنف وڪٽر هيوگو مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي8. چور ( افسانا) مصنف غلام علي الانا.9. قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر 10. سفرنامه ابن بطوطه : مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمون ڪندڙ : حبيب بخاري.11. سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي. ٻاراڻي ادب ۾ مون هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون تحرير ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيون.
    1. هڪ ڏينهن جو بادشاه .2. گامون سچار. 3. غيبي خزانو. 4. ڏهه شهزاديون. ان کان علاوه ٻاراڻي ادب جا هيٺيان ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا.
    1. ٽڙيل گل 2. گلشن جا گل.3. هٻڪار. 4. پنکڙيون. 5. هيراموتي. 6. هيرا لعل هزار. 7 روشن تارا 8.موتئي جون مکڙيون. 9. چمڪندڙ ستارا. 10. گڙيا کٽڻهار. 11. روشن ڏيا.ان سان گڏو گڏ پاڻ وهيڻي پري مصنف : محمد ابراهيم جويو. 2. حيرت انگيز هيرو. 3 معصوم محموده 4. مغرور بادشاهه 5. ڪنول شهزادي 6. ڪرامتي تختي. .7 ڇٽيهه لکڻو ايڊٽ ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا، باقي ڇهن ڪتابن جو مصنف اياز پاٽولي هو. ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب هڪ ڏينهن جو بادشاه (ٻيو ڇاپو) ۽ روشن ڏيا ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان پڻ مون شايع ڪيا.ان کان علاوه اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان 15 ڪتاب ، اداره گلشن ادب طرفان 21 ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان 2 ڪتاب يعني جملي 38 ڪتاب شايع ڪيا، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد ، گورننمنٽ ڪاليج سعيد پور ، ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيس، سال 1948 کان 1991ع تائين ، اخبار تعليم ، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان ۽ گل ڦل حيدرآباد، ماهنامه فردوس هالا، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبئي، پندره روزه ميراث ۽ روشني ٽنڊو محمد خان ، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان ،ٽنڊو جان محمد ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جو ميگزينس اداره فروغ ادب ڪراچي جو ڪتاب ” جديد شعراءِ ۽ سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب ٽڙندڙ مکڙيون “ ۾ مسلسل منهنجا مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل ، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. گڏو گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهيس ۽ هن شاخ جو تاحيات ميمبر پڻ آهيان، سنڌ گريجويٽ ايسوسي ايشن سگا ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري ، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان ، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيس،پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيس، انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽مخدوم بلاول ڪاليج هلندڙا آهن جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيس . اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو 1984 کان پهريائين جنرل سيڪريٽري ان پوءِ پبليڪيشن سيڪريٽري، ايڊيو ڪيشن سيڪريٽري لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيس. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان قائم ڪيل مرڪز تعليم بالغان جو استاد پڻ رهيس. بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت ٽنڊو محمد خان جو بنيادي صدر رهيس، هنن ٻنهي بزمن جو ن سموري سنڌ جي شهر ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار يا پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي اصلاح ڪندا هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي اڄ سنڌ جا وڏا اديب ، ڊاڪٽر ۽ سياستدان آهن، جهڙوڪ، مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم خان محمد پنهور آڪاش انصاري ۽ پير مظهرالحق وغيره. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال 1958 کان 1970 تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر،رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارين شخصيتن ڪيون. زندگيءَ جا 44 سال تعليم کاتي سان وابستگي رهي. 1948ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ افسانه نگاري جو شوق جاڳيو، مهنجو پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيو، ان کان پوءِ ماهنامه”بادل“ حيدرآباد ۾ افسانو شايع ٿيو. پوءِ نئين زندگي ڪراچي، راج فلمستان بامبئي ۽ گل ڦل ۾ شايع ٿيا. 1952 ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن جهڙوڪ، غلام محمد گرامي ، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاه، ابن الياس، علام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ جن جي رهبري ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيون ۽ شاعري جو شوق جاڳيو. 1953ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪيم ۽ شاعري جي مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيم. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ” مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيم ، ٻئي سال 1954ع ليلا چنيسر ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيم. ان کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وري اهڙا ڊراما نه ٿيا. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ منهنجون تخليقون افسانه، مضمون ۽ شاعري شايع ٿيا. 1954ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊو محمد خان اداره سنڌي ادب جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو جنهن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيس ۽ ان اداري جي طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ٿيا جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيس ان کان پوءِ 1958 کان 1961 تائين بزم گلشن ۽ 1064 جو ٻالڪ سنگت جو صدر رهيس.شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو هئس. رب سائين گلي ۾ مٺاس ڏنو هو ان ڪري خوب داد حاصل ڪندو هئس. پر رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بيمارين اهڙو اچي وڪوڙيو آهي جو ترنم ته ختم ٿيو پر هاڻي وڏي سر ڳالهائڻ به دشوار ٿي پيو آهي. وري به الله سائين جو شڪر آهي جو نظر جي ڪمزوري هوندي به مطالعو جاري آهي.ڪو به علمي يا ادبي دوست مون سان هن ائڊريس تي خط و ڪتابت ڪري سگهي ٿو.
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پروفيسر فدا احمد (فدا )سرهيو

    پيارا ممتاز وگهيا شال جُڙيو هُجين! اسان جي اُستاد محترم سائين فدا احمد فدا سُرهيه صاحب جن جو هي تفصيلي تعارف مون ئي ڪمپوز ڪيو هو، جيڪو اسان جي سنڌ سلامت جي معزز رُڪن محترم حڪيم محمد يوسف کتري صاحب جن جي ذاتي ويب سائٽ www.hakimmohdyousif.com تي اپلوڊ ڪيو ويو هو سائين فدا جي تعارف وارِي تصوير مون ئي سائين جن جي گهر وڃي حڪيم صاحب جي ڄاڻايل ويب سائٽ واسطي ڪڍي هُئي ۔ پيارا مان اهو ڪونه ٿو چوان ته سائين فدا جو هي تعارف هتي ڇو آندو ويو آهي پر گهٽ ۾ گهٽ ان تعارف کي توهان جتان آندو آهي ان ويب سائٽ جو حوالو ضرور ڏيو ها، ان کان علاوه شاعري واري شعبي ۾ توهان هڪ سُگهڙ جي شاعري وڻن ٻوٽن جا نالا شاعري ۾ ۽ سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۾ جبلن جا نالا شاعري ۾ ٿاڻي بولا خان جي سگهڙ جي پڻ حڪيم صاحب جي مٿي ڄاڻايل ويب سائٽ مان ورتي وئي هُئي پر اُن ويب سائٽ جو حوالو توهان ڪونه ڏنو هو، پيارا ممتاز حڪيم محمد يوسف کتري ان سلسلي ۾ ڪافي محنت ڪئي آهي، انهي سُگهڙ جي شاعري پڻ مون ئي ڪمپوز ڪئي هُئي ۽ www.hakimmohdyousif.com تي اپ لوڊ ڪئي هُئي، جيئن ته دنيا هڪ گلوبل وليج آهي ، ڪو به ماڻهو ڪٿان به شاعري مضمون کڻي سگهي ٿو پر جتان اهو ادب وارو سلسلو کنيو وڃي ته اتان جا ٿورا ضرور مڃيا وڃن ۽ حوالو ضرور ڏنو وڃي توهان جي مهرباني ادا ممتاز۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پروفيسر فدا احمد (فدا )سرهيو

    سائين مون سمجهو ته ليکڪ جو نالو ئي ڪافي آهي ( ۽ ليک آتم ڪهاڻي واري انداز ۾ لکيل آهي سو مون سمجهو ته سائين پروفيسر فدا احمد (فدا )سرهيو صاحب خود هن ليک جو ليکڪ آهي سو مون ان ڪري سائيٽ جو نالو ناهي ڏنو ) پر اوهان جي حڪم تي اهيو ڪم به پورو ڪبو انشاءالله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو